پرڀُو يسُوع رو چيلون نَي پراٿنا ݾيکاوڻ
11
ھيڪ ڏِن پرڀُو يسُوع ھيڪِي جگھا تي پراٿنا ڪرتو پڙيو۔ جڏي اُوئي پراٿنا ڪري ھئو ڪيئو، تو اُوئي رَي چيلون ۾ ھيڪَي چيلَي ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، جون يُوحنا پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي آپرَي چيلون نَي پراٿنا ڪرڻ ݾيکائِي ھَي، ٿي ڀِي مھونَي پراٿنا ڪرڻ ݾيکائو۔“ 2 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جڏي ٿي پراٿنا ڪرو، تو اِيئون ڪو،اي پِتا،
ٿارو نون پويتر منيو جاوَي۔
ٿارِي بادشاھي آوَي۔
3 مھورِي روز رِي ٻاٽِي ھروز مھونَي ڏي۔
4 مھورا پاپ مھونَي معاف ڪر،
ڪيونڪہ مھي ڀِي آپرَي ڏوھاريون نَي معاف ڪرون ھون۔
مھونَي پاپ رَي آزمُوتَي ۾ نِي پڙڻ ڏي۔“
5 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ٿون ۾ ڪو مِنک آڌِي رات رو آپرَي ڪَي دوست ڪڍي جائي ڪَي ڪہ، ’ادا، مھنَي تين ٻاٽَي اوڌار ڏي۔ 6 ڪيونڪہ مھارو ھيڪ دوست اݪگِي ڀون ݾون مھَي ڪڍي آيو ھَي ھانَ اُوئي نَي کݪاوڻ رَي ݾارُو مھَي ڪڍي ڪئين ڪونھي۔‘ 7 تو او گھر ݾون بݪتِي ڏيشَي ڪہ، ’مھنَي تنگ نِي ڪر۔ ھمَي در بند ھَي ھانَ ٻاݪ ڀِي ݾُوتوڙا ھَي، اِيئي رَي ڪري ھمَي ھُون اُٺي ٿنَي ڪئين ڪونھي ڏي ݾگھتو۔‘ 8 پڻ ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ جي او ٿونرِي دوستي رَي ڪري نِي اُٺَي، پڻ تو ڀِي ٿونرَي گھڙِي گھڙِي مونگڻ رَي ڪري اُٺشَي ھانَ جترَي ٻاٽَي کپشَي، اُترَي او ٿونَي ڏيشَي۔“
مونگڻ، جوئڻ، در کڙڪاوڻ
9 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اِيئي رَي ڪري ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ ايشوَر ݾون مونگتا رو، تو ٿونَي ملشَي۔ جوتا رو، تو ٿونَي لاڌشَي۔ در کڙڪائو، تو ٿونرَي ݾارُو کوليو جاشَي۔ 10 ڪيونڪہ جڪو مونگَي ھَي اُوئي نَي ملَي ھَي ھانَ جڪو جووَي ھَي اُوئي نَي لاڌَي ھَي ھانَ جڪو در کڙڪاوَي ھَي، اُوئي رَي ݾارُو کُلشَي۔ 11 ڪِي ٿون ۾ اھڙو ڪو ٻاپ ھَي جڪَي رو ڏيڪرو مڇِي مونگَي، تو اُوئي نَي ناگ ڏَي؟ 12 جون اِينڏو مونگَي، تو اُوئي نَي بِڇُو ڏَي؟ 13 جڏي ڪہ ٿي بُڇڙا ھو، تو ڀِي آپرَي ٻاݪون نَي ݾُٺَي شيون ڏيوَڻ ݾمجھو ھو، تو پَڇي ياد راکو ڪہ آڪاشِي پِتا آپرَي مونگڻ آݪون نَي پويتر آتما ضرُور ڏيشَي۔“
پرڀُو يسُوع ھانَ بعل زبُول
14 ھيڪ ڏِن پرڀُو يسُوع ھيڪَي مِنک ۾ گُونگو ڀُوت ڪاڍيو۔ جڏي ڀُوت نڪري گيو، تو او ٻولڻ لاگو ھانَ مِنک اَي جوئي تموم گھڻا حيرون ھويا۔ 15 اُوئون ۾ ڪئينڪہ مِنک آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اَي تو ڀُوتون رَي ݾردار بعل زبُول رِي مدد ݾون ڀُوت ڪاڍَي ھَي۔“ 16 اِيئي رَي ڪري ڪئينڪہ مِنکون پرڀُو يسُوع رو آزمُوتو ليوَڻ رَي ݾارُو ڪھيو ڪہ، ”مھونَي ڪو اھڙو نِشون بتا جڪَي ݾون خبر پڙَي ڪہ تُو اَي ڪوم ايشوَر رَي طرفون ڪرَي ھَي۔“ 17 پرڀُو يسُوع نَي خبر ھتِي ڪہ او ڪِي ݾوچَي پڙيا، اِيئي رَي ڪري اُوئي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جڪِي بادشاھي ۾ ڦُوٽ پڙَي، تو او برباد ھووَي ھَي ھانَ جڪَي گھر ۾ ڦُوٽ پڙَي ھَي، تو او گھر ڀِي برباد ھوئي جاوَي ھَي۔ 18 اِيئي نمُونَي جي شيطون رِي بادشاھي ۾ ڦُوٽ پڙَي ھانَ اُوئي را چيلا ھيڪَي ٻيجَي رَي خلاف ھوئي جاوَي، تو شيطون رِي بادشاھي مِٽي جاوَي ھَي۔ تو ڀِي ٿي ڪو ھو ڪہ ھُون ڀُوتون رَي ݾردار بعل زبُول رِي مدد ݾون ڀُوت ڪاڍون ھون۔ 19 جي ٿي ݾمجھو ھو ڪہ ھُون بعل زبُول رِي مدد ݾون ڀُوت ڪاڍون ھون، تو پَڇي ٿونرا مِنک ڀِي بعل زبُول رِي مدد ݾون ڀُوت ڪاڍتا ھوشَي۔ اِيئي رَي ڪري اوج مِنک فيصلو ڪرشَي ڪہ ٿي ڪُوڙا ھو۔ 20 پڻ ھُون ڀُوتون نَي ايشوَر رِي طاقت ݾون ڪاڍون ھون، جڪَي ݾون خبر پڙَي ھَي ڪہ ايشوَر رِي بادشاھي ٿون ڪڍي آئِي رِي۔ 21 جڏي ڪو طاقت آݪو مِنک ھٿيار لي آپرَي گھر رو پھرو ڏَي ھَي، تو اُوئي رَي ڌن مال رِي چورِي ڪونھي ھوتِي۔ 22 پڻ جڏي اُوئي ݾون ڀِي وڌيڪ طاقت آݪو مِنک اُوئي تي حملو ڪري اُوئي نَي ڪاٻُو ڪرَي ھَي ھانَ اُوئي را ݾجائِي ھٿيار جڪون تي اُوئي رو ڀروسو ھووَي ھَي، کوݾي لَي ھَي ھانَ اُوئي رو ڌن مال کوݾي بِݪائي ڇوڙَي ھَي۔ 23 ياد راکو، جڪو مھَي ڀيڙو ڪونھي، او مھارَي خلاف ھَي ھانَ جڪو مھَي ڀيڙو ھوئي مِنکون نَي ايشوَر ڪڍي ڪونھي لي آوتو، تو او مِنکون نَي ايشوَر ݾون اݪگا ڪرَي ھَي۔“
ڀُوت رو پاڇو آوڻ ھيڪ مِثال
24 پَڇي پرڀُو يسُوع اَي مِثال ڏي ڪھيو ڪہ، ”جڏي ڀُوت مِنک ݾون نڪرَي ھَي، تو او آروم ڪرڻ رَي ݾارُو سُڃِي جگھا ۾ رُلَي ھَي، پڻ جڏي اُوئي نَي آروم رِي جگھا ڪونھي ملتِي، تو او ڪَي ھَي ڪہ، ’ھُون اُوئي مِنک ۾ پاڇو جائين، جيٿ ݾون نڪريو ھون۔‘ 25 پَڇي او آئي جووَي ھَي ڪہ او مِنک اھڙَي گھر آݪِي ڪار ھَي جڪو آڇو ھانَ تيار ھَي۔ 26 پَڇي او جائي آپ ݾون ڀِي وڌيڪ ݾات بُڇڙا ڀُوت لي آوَي ھَي ھانَ او اُوئي مِنک نَي لاگي اُوئي ۾ رَي ھَي۔ پَڇي اُوئي مِنک رِي حالت اَگي ݾون ڀِي وڌيڪ خراب ھوئي جاوَي ھَي۔“
ايشوَر رِي برڪت
27 جڏي پرڀُو يسُوع اَي باتون ڪرتو پڙيو، تو ٽولَي ۾ ھيڪِي لُگائِي زور ݾون ڪھيو ڪہ، ”ڌن ھَي، او ما جڪَي ٿنَي جِڻيو ھانَ ڏُوڌ پياڙيو۔“ 28 پڻ پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”پڻ وڌيڪ ڌن ھَي، او جڪو ايشوَر رَي باتون ݾُڻَي ھانَ اُوئون تي بَي ھَي۔“
پرڀُو يسُوع نَي نِشون بتاوڻ رو ڪيوَڻ
29 جڏي پرڀُو يسُوع رَي چوڌاري تموم گھڻا مِنک ڀيڙا ھويا، تو او ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”اِيئي زمونَي را مِنک بُڇڙا ھَي، ڪيونڪہ اَي نِشون جوئڻ رَي ݾارُو ڪرَي ھَي، پڻ اِيئون نَي يُونا نبِي رَي نِشون ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪو ڀِي نِشون بتايو ڪونھي جاوَي۔ 30 ڪيونڪہ جھڙَي نمُونَي يُونا نبِي نينوا شھر رَي مِنکون رَي ݾارُو نِشون ھويو، اِيئي نمُونَي ھُون مُنش پُتر ڀِي اِيئي زمونَي رَي مِنکون رَي ݾارُو نِشون ھوئين۔ 31 ڏکڻ مُلڪ سَبا رِي روڻِي تموم اݪگِي ڀون ݾون سُليمون بادشاھ رَي ڏاھپ آݪَي باتون ݾُڻڻ آئِي، پڻ ھُون تو سُليمون ݾون ڀِي موٽو ھون، تو ڀِي ٿي مھارِي ڪونھي ݾُڻتا۔ اِيئي رَي ڪري قيامت رَي ڏِن ڏکڻ مُلڪ سَبا رِي روڻِي اِيئي زمونَي رَي مِنکون ڀيڙِي اُٺي الزوم ھڻي ڪشَي ڪہ اَي ڏوھي ھَي۔ 32 نينوا شھر رَي مِنکون يُونا نبِي رَي پرچار تي آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪِي، پڻ ھُون تو يُونا ݾون ڀِي موٽو ھون، تو ڀِي ٿي مھارَي باتون ݾُڻي آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪونھي ڪرتا۔ اِيئي رَي ڪري قيامت رَي ڏِن نينوا شھر را مِنک اِيئي زمونَي رَي مِنکون ڀيڙا اُٺشَي ھانَ اِيئون تي الزوم ھڻي ڪشَي ڪہ اَي ڏوھي ھَي۔“
ڏِيئي رو مِثال
33 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ڪو ڀِي مِنک ڏِيئو ٻاݪي ڍڪتو ڪونھي جون اُوئي نَي ڪَي ٺون ھيٺا ڪونھي راکتو، پڻ اُوئي نَي اھڙِي جگھا تي راکَي ھَي، جيٿ ݾون ھر ھيڪ رَي ݾارُو اُجاݪو ھووَي۔ 34 ٿارَي اونکَي ٿارَي ݾَرير رَي ݾارُو ڏِيئي آݪِي ڪار ھَي۔ جي ٿارِي اونک ݾاجِي ھَي، تو ٿارَي ݾجَي ݾَرير ۾ اُجاݪو ھَي ھانَ جي ٿارِي اونک خراب ھَي، تو ٿارو ݾجو ݾَرير انڌارَي ۾ ھَي۔ 35 اِيئي رَي ڪري خيال ڪرو ڪہ جڪو اُجاݪو ٿون ۾ ھَي، او ڪيٿ انڌارو تو ڪونھي۔ 36 اِيئي رَي ڪري جي ٿونرو ݾجو ݾَرير اُجاݪَي ݾون ڀريجوڙو ھَي ھانَ ڪَي ڀِي ڪُنڊ ۾ انڌارو ڪونھي، تو ٿونرو ݾَرير اُوئي ڏِيئي آݪِي ڪار ھووَي ھَي جڪو ٿونَي ݾجو اُجاݪو ڏَي ھَي۔“
پرڀُو يسُوع رو ٺَگون ݾون ھوشيار ڪرڻ
37 جڏي پرڀُو يسُوع اَي باتون ڪري ھئو ڪيئو، تو ھيڪَي فريسي مِنک اُوئي نَي آپرَي گھري ٻاٽِي رِي دعوت ڏينِي۔ تو پرڀُو يسُوع اُوئي رَي گھري گيو ھانَ ٻاٽِي کاوڻ ٻيٺو۔ 38 فريسي اَي جوئي حيرون ھويو ڪہ اُوئي ٻاٽِي کاوڻ ݾون پيل ھاٿ ڪيئون ڪونھي ڌويا۔ 39 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”اي فريسيون، ٿي آپرو آپنَي ٺيڪر آݪِي ڪار ٻاھر ݾون آڇا تو ڪرو ھو، پڻ ٿونرو اَندر لالچ ھانَ بُڇڙائي ݾون ڀريجوڙو ھَي۔ 40 اي اَڻ ݾمجھ مِنکون، ڪِي ايشوَر اِنسون نَي رُگو ٻاھر ݾون ٺاھيو ھَي، ڪِي اُوئون نَي اَندر ݾون ڪونھي ٺاھيا؟ 41 جڪو ڪئين ٿون ڪڍي ھَي، او غريبون ۾ بِݪائو، تو پَڇي ٿي ٻاھر ھانَ اَندر آڇا ھوئي جاشو۔ 42 پڻ اي فريسيون، ڏُک ھَي ٿون تي ڪيونڪہ ٿي ڦُودنَي، ڌوڻون ھانَ ھر نمُونَي رَي ݾاگ رو ڏھون حِصو تو ڏيئو ھو، پڻ ٿون اِنصاف ھانَ ايشوَر ݾون پريم ڪرڻ ڦِٽو ڪيئو رو۔ پڻ ڪرڻو اِيئون ھتو ڪہ او ڀِي ڪرون تو، ھانَ اَي ڀِي ڪرون تو۔ 43 ڏُک ھَي ٿون تي، ڪيونڪہ ٿونرِي مرضِي ھَي ڪہ ٿونَي ڀگتي گھرون ۾ ݾُٺَي ڪُرسيون تي ٻيݾاڙيا جاوَي ھانَ شھر ۾ مِنک ٿون ݾون عِزت ݾون ملَي۔ 44 ڏُک ھَي ٿون تي، ڪيونڪہ ٿي اُوئون مُڪومون آݪِي ڪار ھو جڪو ڏيکيجتا ڪونھي ھانَ اُوئون تي مِنک بي خبرِي ۾ بَي ھَي۔“ 45 اِيئي تي ھيڪَي ڌرمي گُرو ڪھيو ڪہ، ”گُرو جِي، اَي باتون ڪري ٿي مھورِي بي عِزتي ڪرو ھو۔“ 46 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اي ڌرمي گُروئون، ڏُک ھَي ٿون تي، ڪيونڪہ ٿي مِنکون تي ڌرم را اھڙا ڀار راکو ھو جڪَي نَي کڻڻ تموم گھڻو ڏُکيو ھَي، پڻ اُوئي نَي پُورو ڪرڻ رَي ݾارُو مِنکون رِي مدد ڀِي ڪونھي ڪرتا۔ 47 ڏُک ھَي ٿون تي، ڪيونڪہ ٿي نبيون را قُٻا ٺائو ھو جڪون نَي ٿونرَي ٻاپ ڏاڏون ماريا ھتا۔ 48 ھمَي ٿي اُوئون را قُٻا ٺائي اِيئي بات رو ثبُوت ڏيئو ھو ڪہ ٿي آپرَي ٻاپ ڏاڏون رَي ڪوم نَي پسند ڪرو ھو، ڪيونڪہ اُوئون نبيون نَي ماريا ھتا۔ 49 اِيئي رَي ڪري ايشوَر آپرِي ڏاھپ ݾون ڪھيو ھتو ڪہ، ’ھُون آپرا نبِي ھانَ سنت اُوئون ڪڍي ميلين ھانَ او اُوئون ۾ ڪينَي ڏُک ڏيشَي ھانَ ڪينَي ماري ڇوڙشَي۔‘ 50 اِيئي رَي ڪري جگت رَي شرُوع ݾون جِترا ڀِي نبِي ماريجا ھَي، اُوئون رو بدلو اِيئي زمونَي رَي مِنکون ݾون ليئو جاشَي۔ 51 يعني ھابل رَي خُون ݾون لي زِڪريا رَي خُون توڻي جڪَي نَي ٻَليدون رِي جگھا ھانَ ايشوَر رَي گھر رَي بِچ ۾ ماريو گيو، ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ اُوئون ݾجون رَي خُون رو بدلو اِيئي زمونَي رَي مِنکون ݾون ليئو جاشَي۔ 52 ڏُک ھَي ٿون تي، ڌرمي گُروئون، ٿون تو مِنکون رَي ݾارُو ايشوَر رَي باتون نَي اوݪکڻ رو در بند ڪري ڇوڙيو ھَي۔ ٿون آپ ايشوَر نَي ڪونھي اوݪکيو ھانَ ٻيجون نَي ڀِي پالو ھو جڪون رِي مرضِي ھتِي ڪہ او ݾاچيلي ايشوَر نَي اوݪکَي۔“ 53 جڏي پرڀُو يسُوع اوٿ ݾون بُوئو گيو، تو ڌرمي گُرو ھانَ فريسي اُوئي ڏِن ݾون اُوئي رَي خلاف ھويا ھانَ اُوئي نَي ڦاݾاوڻ رَي ݾارُو اُونڌا اُونڌا سوال پُوڇڻ لاگا۔ 54 او اِيئي اِنتظار ۾ ھتا ڪہ پرڀُو يسُوع نَي ڪَي ڀِي بات ۾ ڦݾاوَي۔