سنت يُوحنا رو شاستر
تعارف
اَي شاستر لِکڻ آݪو سنت يُوحنا ھَي۔ اُوئي نِي رُگو اَي شاستر لِکيو، پڻ تين خط ھانَ مُڪاشفو شاستر ڀِي لِکيو۔ اُوئي نَي پرڀُو يسُوع رو پيارو چيلو ڀِي ڪَي ھَي۔ پيل او يُوحنا پويتر سِنون آݪَي رو چيلو ھتو ھانَ پَڇي پرڀُو يسُوع رو چيلو ھويو۔ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي آپرَي ٻارھَي خاص چيلون ڀيڙو شامل ڪيئو۔ سنت يُوحنا اَي شاستر اندازن سن 85 ݾون 95 عيسوِي رَي بِچ ۾ اِفسِس شھر ݾون لِکيو ھتو۔
سنت يُوحنا اِيئي شاستر رَي شرُوع ۾ پرڀُو يسُوع نَي زندگِي رو ”شُٻڌ“ ڪَي ھَي۔ شُٻڌ رو مطلب ھَي، ”ايشوَر رَي موڏَي ݾون نڪريوڙا آکر۔“ اِيئي شاستر رِي خاص بات اَي ھَي ڪہ پرڀُو يسُوع ئِي مَسيح يعني ايشوَر رو چُونڊيوڙو بادشاھ ھانَ اُوئي رو ڏيڪرو ھَي۔
اِيئي شاستر ۾ پرڀُو يسُوع را تموم گھڻا پرچا ھانَ ݾيکايوڙَي باتون لِکيوڙَي ھَي جڪو ٻيجون شاسترون ۾ ڪونھي۔ اَي شاستر اِيئي رَي ڪري لِکيو ڪہ دُنيا را ݾجائِي مِنک آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪرَي، پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکَي، ݾُرگ ۾ جاوَي ھانَ او اَمر جيوَن را حقدار ھووَي۔
خاص مضمُون
پرڀُو يسُوع زندگِي رو شُٻڌ 1:1-18
پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪو يُوحنا ھانَ پرڀُو يسُوع را پيلڪا چيلا 1:19-51
پرڀُو يسُوع رو ݾيکاوڻ ھانَ پرچار ڪرڻ 2:1-12-50
پرڀُو يسُوع را ڏُک ھانَ اُوئي رِي موت 13:1-19:42
پرڀُو يسُوع رو جِي اُٺڻ ھانَ درشن ڏيوَڻ 20:1-21:25