سنت لُوقا رو شاستر
تعارف
اَي شاستر ھانَ سنتون را ڪوم شاستر لِکڻ آݪو سنت لُوقا ھَي۔ سنت لُوقا اَي شاستر اندازن سن 55 ݾون 60 عيسوِي رَي بِچ ۾ لِکيو ھتو۔ سنت لُوقا تموم گھڻو پڙھيو لِکيو ھانَ ڊاڪٽر ڀِي ھتو۔ او يھُودي قوم ݾون ڪونھي ھتو پڻ يُوناني قوم رو ھتو۔ اُوئي پرچار رَي ڪوم ۾ تموم گھڻا گُھمرا سنت پولُوس ڀيڙا سفر ڀِي ڪيئا۔ سنت لُوقا پرڀُو يسُوع رِي زندگِي رَي بارَي ۾ جانچ ڪري اُوئون باتون نَي ترتيب ݾون لِکيو۔
اِيئي شاستر رِي خاص بات اَي ھَي ڪہ پرڀُو يسُوع غريبون ھانَ مُحتاجون رو تموم گھڻو فِڪر ڪرَي ھَي۔ سنت لُوقا اِيئي شاستر ۾ پرڀُو يسُوع نَي پويتر ھانَ بي عيب اِنسون ڪري بتايو، جڪو پُورِي دُنيا رَي مِنکون نَي مُگتي ڏيوَڻ رَي ݾارُو آپ ٻَليدون ھويو۔
خاص مضمُون
پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا ھانَ پرڀُو يسُوع رو جنم 1:1-2:52
پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا رو پرچار ھانَ پرڀُو يسُوع رو پويتر سِنون ليوَڻ 3:1-38
پرڀُو يسُوع رو آزمُوتو ھانَ پرچار ڪرڻ 4:1-9:50
پرڀُو يسُوع رو يروشلم شھر ڏيݾا جاوڻ 9:51-19:27
پرڀُو يسُوع نَي جھالڻ ھانَ اُوئي رِي موت 19:27-23:56
پرڀُو يسُوع رو جِي اُٺڻ، درشن ڏيوَڻ ھانَ آڪاش تي جاوڻ 24:1-53