سنت لُوقا رو شاستر
شرُوع آݪَي باتون
1
پيارا ٿيوفِلس، جڪو باتون مھون ۾ ھوئَي ھَي، اُوئون باتون نَي تموم گھڻَي مِنکون محنت ڪري لِکئَي۔ ‏2 مھونَي اَي باتون اُوئون مِنکون ݾُڻائَي، جڪون آپ پيل آپرَي اونکيون ݾون ڏيٺَي ھانَ پرڀُو يسُوع را پرچار ڪرڻ آݪا ھويا۔ ‏3 مھَي ڀِي ݾُٺَي نمُونَي اِيئون باتون رِي پُوڇا گاڇا ڪِي ھَي ھانَ ڀلو ݾمجھو ڪہ اَي باتون ٿونرَي ݾارُو صحيح نمُونَي لِکون۔ ‏4 ھُون اِيئي رَي ڪري لِکون پڙيو ڪہ ٿي وِشواس راکو ڪہ جڪو باتون ٿون ݾيکئَي ھَي، او ݾجَي ݾاچَي ھَي۔
سنت يُوحنا رَي جنم رِي اگڪٿِي
‏5 يھُوديا علائقَي رَي بادشاھ ھيروديس رَي ڏِنون ۾ ايشوَر رو ھيڪ پُوجاري ھتو، جڪو ابيا رَي ٽولَي رو ھتو۔ اُوئي رو نون زِڪريا ھتو ھانَ اُوئي رِي لُگائِي رو نون اليشبع ھتو۔ اليشبع ڀِي ايشوَر رَي پُوجاري ھارُون رِي پيڙھِي ݾون ھتِي۔ ‏6 زِڪريا ھانَ اُوئي رِي لُگائِي ٻيئي ايشوَر رِي نظر ۾ نيڪ ھتا ھانَ او پرميشوَر رو ھر ھيڪ حُڪم ڀلَي نمُونَي منتا۔ ‏7 اليشبع بونجڪِي ھتِي، اِيئي رَي ڪري اُوئون را اولاد ڪونھي ھتا ھانَ او ٻيئي بُوڍا ھتا۔
‏8 ھيڪ ڏِن ايشوَر رَي پُوجاري زِڪريا رَي ٽولَي رِي بارِي آئِي ڪہ او ݾجائِي ايشوَر رَي گھر ۾ شيوا ڪرَي۔ ‏9 جون ايشوَر رَي پُوجاريون رِي ريت ھتِي اُوئون پُکا گھاتيا ڪہ ڪُڻ پرميشوَر رَي گھر ۾ جائي ڌُوپ ڪرشَي۔ تو اُوئي ڏِن او پُکو زِڪريا رَي نون رو نڪريو۔ ‏10 جڏي ايشوَر رو پُوجاري زِڪريا، ڌُوپ ڪرتو پڙيو، تو ݾجائِي مِنک ٻاھر پراٿنا ڪرتا پڙيا۔ ‏11 اُوئي ٽيم پرميشوَر رو ھيڪ فريشتو ڏيکيجڻ ۾ آيو، جڪو ڌُوپ ڪرڻ رِي جگھا رَي ݾاجَي پاݾَي اُڀو ھتو۔ ‏12 فريشتَي نَي ڏيکي زِڪريا تموم گھڻو گھٻرايو ھانَ ٻيئاجڻ لاگو۔ ‏13 پڻ فريشتَي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”زِڪريا، تُو نِي ٻيئاج، ڪيونڪہ ايشوَر ٿارِي پراٿنا ݾُڻِي ھَي ھانَ ٿارِي لُگائِي اليشبع نَي ڏيڪرو ھوشَي، جڪَي رو نون تُو يُوحنا راکي۔ ‏14 اُوئي رَي جنم تي تُو آپ تموم گھڻو خُوش ھوئِي ھانَ تموم گھڻا مِنک خُوشِي ڪرشَي۔ ‏15 ڪيونڪہ او پرميشوَر رِي نظر ۾ تموم گھڻو عِزت آݪو ھوشَي۔ او رُگو شراب ݾون نا، پڻ انگُورون رَي رس ݾون ڀِي اݪگو ريشَي ھانَ او ما رَي پيٽ ݾون پويتر آتما ݾون ڀريوڙو ھوشَي۔ ‏16 او اِسرائيلي قوم رَي تموم گھڻَي مِنکون نَي پرميشوَر اُوئون رَي ايشوَر ڏيݾا پاڇا لي آشَي۔ ‏17 او ايلياھ آݪِي ڪار پُورَي من ھانَ طاقت ݾون پرچار ڪرشَي ھانَ پرڀُو رَي آوڻ رَي ݾارُو مِنک تيار ڪرشَي۔ او ماتا پِتا رَي من ۾ اولاد رَي ݾارُو ڀڙي پريم ڀرشَي ھانَ نافرمونون نَي نيڪ مِنکون رَي ݾُٺَي مارگ تي لي آشَي۔ اِيئي نمُونَي او پرڀُو رَي ݾارُو مِنک تيار ڪرشَي۔“
‏18 پَڇي زِڪريا فريشتَي نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿارِي اِيئي بات رو ڪيڪر ڀروسو ڪرون ڪہ اِيئون ضرُور ھوشَي؟ ڪيونڪہ ھُون تو بُوڍو ھون ھانَ مھارِي لُگائِي ڀِي بُوڍِي ھَي۔“ ‏19 اِيئي بات تي فريشتَي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون جِبرائيل ھون جڪو ايشوَر رِي درٻار ۾ اُڀو رون ھون۔ ايشوَر آپ مھنَي ميليو ھَي ڪہ ھُون ٿنَي اَي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائُون۔ ‏20 پڻ ٿَي مھارَي نياپَي تي ڀروسو ڪونھي ڪيئو جڪو آپرَي ٽيم تي پُورو ھوشَي۔ اِيئي رَي ڪري اَي باتون پُورَي ھوئڻ توڻي تُو گُونگو رئِي ھانَ ٻولي ڪونھي ݾگھَي۔“
‏21 ايشوَر رَي گھر رَي ٻاھر مِنک زِڪريا رَي اِنتظار ۾ ھتا ھانَ حيرون ھتا ڪہ زِڪريا ايشوَر رَي گھر ۾ اترِي دير ڪيئون لگائِي ھَي۔ ‏22 پڻ جڏي زِڪريا ٻاھر آيو، تو او اُوئون ݾون ٻولي ڪونھي ݾگھيو، ڪيونڪہ او گُونگو ھوئي گيو ھتو، پڻ ھاٿون را اِشارا ڪرتو رھيو۔ جڪَي ݾون مِنکون نَي خبر پڙِي ڪہ اُوئي ايشوَر رَي طرفون درشن ڏيٺو ھَي۔
‏23 جڏي زِڪريا رِي شيوا ڪرڻ رِي بارِي پُورِي ھوئِي، تو او پاڇو آپرَي گھري گيو۔ ‏24 ڪئينڪہ ڏِنون ݾون پَڇي زِڪريا رِي لُگائِي اليشبع اُميد ݾون ھوئِي ھانَ او پونچ مھيڻون توڻي گھر ݾون ٻاھر ڪونھي نڪرِي۔ ‏25 اُوئي ڪھيو ڪہ، ”اِيئون ڏِنون ۾ پرميشوَر مھَي تي تموم گھڻِي دايا ڪِي ھَي۔ اُوئي مِنکون رَي مھيڻون ݾون مھارِي جِند ڇوڙائِي ھَي۔“
پرڀُو يسُوع رَي جنم رِي اگڪٿِي
‏26 اليشبع نَي اُميد ھوئڻ ݾون پَڇي ڇَوين مھيڻَي ۾ ايشوَر، جِبرائيل فريشتَي نَي گليل صُوبَي رَي ناصرت شھر ڏيݾا ميليو ‏27 ھانَ او ھيڪِي ڪنوارِي ڇوڪرِي ڪڍي آيو۔ او ڇوڪرِي يُوسف نون رَي مِنک ݾون مگايوڙِي ھتِي۔ يُوسف، دائُود بادشاھ رِي پيڙھِي ݾون ھتو۔ اُوئي ڇوڪرِي رو نون مريم ھتو۔ ‏28 جِبرائيل فريشتَي مريم ڪڍي آئي ڪھيو ڪہ، ”نمسڪار، تُو ڌن ھَي ڪيونڪہ پرميشوَر ٿَي ڀيڙو ھَي۔“
‏29 مريم فريشتَي رَي اِيئي نياپَي تي تموم گھڻِي پريشون ھوئِي ھانَ ݾوچڻ لاگِي ڪہ، ”اِيئي بڌائِي رو مطلب ڪِي ھَي؟“ ‏30 فريشتَي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مريم، تُو نِي ٻيئاج ڪيونڪہ ايشوَر ٿَي تي ڪِرپا ڪِي ھَي۔ ‏31 تُو اُميد ݾون ھوئِي ھانَ ٿارَي ڏيڪرو ھوشَي۔ تُو اُوئي رو نون يسُوع راکي۔ ‏32 او تموم گھڻو عِزت آݪو ھوشَي ھانَ او پرميشوَر رو ڏيڪرو ڪھيجشَي ھانَ پرميشوَر اُوئي رَي ڏاڏَي دائُود رِي بادشاھي اُوئي نَي ڏيشَي۔ ‏33 او يعقُوب رِي پيڙھِي تي ھميشا بادشاھي ڪرشَي ھانَ اُوئي رِي بادشاھي ڪڏي ڀِي ختم ڪونھي ھووَي۔“
‏34 مريم فريشتَي نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون تو ڪنوارِي ھون، تو پَڇي اِيئون ڪيڪر ھوشَي؟“ ‏35 فريشتَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”پويتر آتما ٿَي ماٿَي اُترشَي ھانَ پرميشوَر رِي قُدرت ٿَي ڀيڙِي ھوشَي۔ اِيئي رَي ڪري او ٻاݪيو پويتر ھوشَي ھانَ ايشوَر رو ڏيڪرو ڪھيجشَي۔ ‏36 جو، ٿارِي گنيڻِي اليشبع رو بُوڍاپَي ۾ ڏيڪرو ھوئڻ آݪو ھَي ھانَ او جڪو بونجڪِي ݾُڻيجتِي، اُوئي نَي ڇھُون مھيڻو اُميدگارِي ھَي۔ ‏37 ڪيونڪہ ڪو ڀِي اھڙِي بات ڪونھي جڪو ايشوَر رِي قُدرت ݾون ٻاھر ھووَي۔“
‏38 پَڇي مريم ڪھيو ڪہ، ”ھُون پرميشوَر رِي ٻونھِي ھون ھانَ اِيئوج ھووَي جون ٿَي ڪھيو ھَي۔“ پَڇي فريشتو اوٿ ݾون بُوئو گيو۔
مريم رو اليشبع رَي گھري جاوڻ
‏39 ڪئينڪہ ڏِنون ݾون پَڇي مريم ݾنڀرِي ھانَ ڇيڪِي ڇيڪِي يھُودا مُلڪ ۾ جبل رَي علائقَي، اُوئي شھر گئِي، ‏40 جيٿ ايشوَر رو پُوجاري زِڪريا ريتو۔ مريم اُوئي رَي گھري گئِي ھانَ اُوئي رِي لُگائِي اليشبع نَي نمسڪار ڪيئو۔ ‏41 جڏي اليشبع مريم رو نمسڪار ݾُڻيو، تو اِيئون ھويو ڪہ اُوئي رو ٻاݪيو پيٽ ۾ چُݪڪڻ لاگو۔ اليشبع پويتر آتما ݾون ڀريجي گئِي ‏42 ھانَ زور ݾون ڪيوَڻ لاگِي ڪہ، ”تُو لُگايون ۾ برڪت آݪِي ھَي ھانَ ٿارو ٻاݪيو ڀِي برڪت آݪو ھَي۔ ‏43 مھَي تي اترِي ڪِرپا ڪِي ڪہ مھارَي پرڀُو رِي ما مھارَي گھري آئِي ھَي؟ ‏44 جڏي مھَي ٿارو نمسڪار ݾُڻيو، تو ٻاݪيو مھارَي پيٽ ۾ خُوشِي ݾون چُݪڪڻ لاگو۔ ‏45 تُو ڌن ھَي ٿَي وِشواس راکيو ڪہ جڪو نياپو پرميشوَر ٿَي ڪڍي ميليو ھَي، او پُورو ھوشَي۔“
مريم رو ايشوَر رِي بڏائي ڪرڻ
‏46 پَڇي مريم ڪھيو ڪہ،
”مھارو من پرميشوَر رِي بڏائي ڪرَي ھَي
‏47 ھانَ مھارِي آتما مھارَي مُگتي داتا ݾون خُوش ھَي۔
‏48 ھُون تو رُگو اُوئي رِي کسيس ٻونھِي ھون،
پڻ تو ڀِي اُوئي مھارو خيال ڪيئو ھَي۔
آج ݾون لي ھر زمونَي را مِنک،
مھنَي برڪت آݪِي ڪشَي۔
‏49 ڪيونڪہ اُوئي قُدرت آݪَي ايشوَر،
مھارَي ݾارُو موٽا موٽا ڪوم ڪيئا ھَي
ھانَ اُوئي رو نون پويتر ھَي۔
‏50 اُوئي رِي دايا پيڙھِي ݾون لي پيڙھِي توڻي اُوئون تي ھَي
جڪو اُوئي رِي عِزت ڪرَي ھَي۔
‏51 اُوئي آپرِي طاقت بتائِي ھَي
ھانَ جڪو آپرو آپنَي موٽا ݾمجھتا
اُوئون نَي اُوئي ڌار ڌار ڪيئا ھَي۔
‏52 ايشوَر بادشاھون نَي اُوئون رَي تخت ݾون نوکيا ھَي
ھانَ اُوئي غريبون رو مونَ بڌايو ھَي۔
‏53 اُوئي بُوکون نَي ݾُٺَي شيون ݾون ڍئو ڪرايو ھَي،
پڻ اَميرون نَي کالِي ھاٿ پاڇا ميليا ھَي۔
‏54 ايشوَر آپرِي دايا رو وچن پُورو ڪيئو
ھانَ آپرِي شيوا ڪرڻ آݪِي اِسرائيلي قوم رِي مدد ڪِي ھَي۔
‏55 ايشوَر اَي وچن مھورَي ٻاپ ڏاڏون ݾون ڪيئو ھتو
ڪہ او اڀراھيم ھانَ اُوئي رِي پيڙھِي تي ھميشا دايا ڪرتو ريشَي۔“
‏56 مريم اليشبع ڀيڙِي تين مھيڻا رئِي ھانَ پَڇي آپرَي گھري پاڇِي آئِي۔
سنت يُوحنا رو جنم
‏57 اليشبع رَي ٻاݪ ھوئڻ رو ٽيم آيو ھانَ اُوئي نَي ھيڪ ڏيڪرو جايو۔ ‏58 اِيئي تي گون آݪون ھانَ عزيزون جڏي اَي خبر ݾُڻِي ڪہ پرميشوَر اُوئي تي دايا ڪِي ھَي، تو او ڀِي اُوئون ڀيڙا ھوئي خُوشِي ڪرڻ لاگا۔ ‏59 آٺوين ڏِن مِنک ڇوڪرَي رَي کَتنَي رِي ريت تي آيا ھانَ او اُوئي ڇوڪرَي رو نون اُوئي رَي ٻاپ زِڪريا رَي نون تي راکڻ آݪا ھتا، ‏60 پڻ ٻاݪئي رِي ما ڪھيو ڪہ،”نا، اِيئي رو نون يُوحنا راکشون۔“ ‏61 اُوئون ڪھيو ڪہ، ”ٿارَي خاندان ۾ اھڙو نون ٻيجَي رو تو ڪونھي۔“
‏62 پَڇي اُوئون ٻاݪ رَي ٻاپ نَي اِشارَي ݾون پُوڇو ڪہ، ”تُو ڇوڪرَي رو نون ڪِي راکِي؟“ ‏63 زِڪريا تڪتِي اَڻائِي ھانَ اُوئي تي لِکيو ڪہ، ”اِيئي رو نون يُوحنا راکڻو ھَي۔“ اَي جوئي ݾجائِي حيرون ھويا۔ ‏64 ايٿ يڪدم زِڪريا رِي زِبون کُلِي ھانَ او ٻولڻ لاگو ھانَ ايشوَر رِي بڏائي ڪرڻ لاگو۔ ‏65 ݾجائِي مِنک جڪو اُوئون رَي آݾَي پاݾَي ريتا، او ݾجائِي تموم گھڻا حيرون ھويا ھانَ يھُوديا رَي اُوئي ݾجَي جابلُو علائقَي ۾ اَي بات مشھُور ھوئِي۔ ‏66 جڪون ݾُڻيو او ݾوچ ۾ پڙيا ھانَ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اَي ٻاݪيو ڪھڙو ھوشَي؟“ ڪيونڪہ پرميشوَر رو ھاٿ اُوئي تي ھتو۔
زِڪريا رِي ايشوَر رِي بڏائي ھانَ نياپو ڏيوَڻ
‏67 سنت يُوحنا رو ٻاپ زِڪريا، پويتر آتما ݾون ڀريجي ايشوَر رو اَي نياپو ݾُڻاوڻ لاگو ڪہ،
‏68 ”پرميشوَر رِي بکوڻ ھووَي جڪو اِسرائيلي قوم رو ايشوَر ھَي،
ڪيونڪہ اُوئي آپرَي مِنکون رو خيال ڪيئو ھَي
ھانَ اُوئون نَي ڇوڙايا ھَي۔
‏69 اُوئي آپرَي ٻونھَي دائُود رِي پيڙھِي ݾون
مھونَي ھيڪ طاقت آݪو مُگتي داتا ڏينو ھَي۔
‏70 ايشوَر تموم گھڻا ݾال پيل
آپرَي پويتر نبيون ݾون نياپو ڏيرايو ھتو ڪہ،
‏71 ’ھُون ٿونَي ٿونرَي دُشمنون ݾون بچائين
ھانَ جڪو ٿون ݾون نفرت ڪرَي ھَي،
اُوئون رَي ھاٿون ݾون ھُون ٿونَي ڇوڙائين۔‘
‏72 ايشوَر رو مقصد اَي ھتو ڪہ،
او آپڻَي ٻاپ ڏاڏون تي دايا ڪرَي
ھانَ آپرو پويتر وچن ياد راکَي۔
‏73 ايشوَر آپڻَي ڏاڏَي اڀراھيم ݾون ݾونݾ لي اَي ڪھيو ھتو ڪہ،
‏74 ’ھُون ٿونَي ٿونرَي دُشمنون ݾون ڇوڙائين،
ڪہ ھمَي ٿي بِنا ٻِي مھارِي ڀگتي ڪرتا رھيا،
‏75 ھانَ آپرِي پُورِي زندگِي نيڪ نيت ھانَ ݾاچَي من ݾون
مھارِي ڀگتي ڪرتا رھيا۔‘
‏76 اي ڏيڪرا، تُو پرميشوَر رو نبِي ڪھيجِي،
ڪيونڪہ تُو پرڀُو رَي آوڻ ݾون پيل مارگ تيار ڪرِي۔
‏77 تُو اُوئي رَي مِنکون نَي ݾُڻائِي ڪہ،
مُگتي تو پاپون رِي معافي مونگڻ ݾون ملَي ھَي۔
‏78 آپڻو ايشوَر دايالُو ھانَ ڪِرپا ڪرڻ آݪو ھَي۔
او ڏِن رَي اُجاݪَي آݪِي ڪار آپون تي آڪاش ݾون مُگتي رو اُجاݪو چمڪاشَي۔
‏79 اَي اُجاݪو اُوئون ݾجون تي چمڪشَي،
جڪو انڌارَي ۾ موت رَي موڏَي ۾ ٻيٺا ھَي
ھانَ ايشوَر ݾُک آݪَي مارگ ۾ آپڻِي اَگووڻِي ڪرتو رَي۔“
‏80 او ٻاݪيو، يُوحنا، بڌتو گيو ھانَ اُوئي رِي ݾمجھ ڀِي بڌتِي گئِي۔ او اُترِي توڻي رڻ پَٽ ۾ رھيو جترِي توڻي اِسرائيلي قوم نَي ايشوَر رو نياپو ڏيوَڻ رو ٽيم ڪونھي آيو۔