سنتون را ڪوم
تعارف
اَي شاستر لِکڻ آݪو سنت لُوقا ھَي۔ جڪَي لُوقا رو انجيل شاستر ڀِي لِکيو۔ سنت لُوقا پرچار رَي ڪوم ۾ سنت پولُوس ڀيڙو ھتو ھانَ اُوئي تموم گھڻا گُھمرا سنت پولُوس ڀيڙا سفر ڀِي ڪيئا۔ سنت لُوقا اَي شاستر اندازن سن 60 ݾون 65 عيسوِي رَي بِچ ۾ لِکيو ھتو۔ اُوئي خُوشِي رِي خبر رَي پرچار رَي بارَي ۾ لِکيو جڪو يروشلم شھر ݾون شرُوع ھوئي اݪگَي مُلڪون توڻي پُگِي۔
اِيئي شاستر ۾ وِشواسيون نَي پويتر آتما مِلڻ ھانَ اُوئي را ڪوم، خاص سنتون را پرچا ھانَ پرچار، وِشواسيون را ڏُک، پولُوس رو پرڀُو يسُوع تي وِشواس ھانَ ٻيجَي قومون ۾ پرچار رَي بارَي ۾ لِکيوڙو ھَي۔
خاص مضمُون
پويتر آتما رو واعدو ھانَ پرڀُو يسُوع رو آڪاش تي جاوڻ 1‏:1‏-14
يھُودا اِسڪريُوتِي رِي جگھا مَتيا نَي چُونڊڻ 1‏:15‏-26
وِشواسيون نَي پويتر آتما مِلڻ ھانَ يروشلم ۾ خُوشِي رِي خبر رو پُگڻ 2‏:1‏-8‏:3
ٻيجَي علائقون ۾ خُوشِي رِي خبر رو پُگڻ ھانَ پولُوس رو پرڀُو يسُوع نَي منڻ 8‏:4‏-12‏:25
سنت پولُوس رو پيلڪو سفر ھانَ ٻيجَي قومون ۾ پرچار 13‏:1‏-14‏:28‏
يروشلم شھر ۾ اِجلاس 15‏:1‏-35
سنت پولُوس رو ٻيجو سفر 15‏:36‏-18‏:22
سنت پولُوس رو تيجو سفر 18‏:23‏-21‏:16
سنت پولُوس رِي گرفتارِي ھانَ قيد 21‏:17‏-28‏:31‏