سنتون را ڪوم
پويتر آتما ميلڻ رو واعدو
1
پيارا ٿيوفِلس، مھَي آپرَي پيلڪَي شاستر ۾ اُوئي ݾجَي باتون رَي بارَي ۾ لِکيو ھتو، جڪو پرڀُو يسُوع شرُوع ݾون لي اُوئي ٽيم توڻي ڪرتو ھانَ ݾيکاوتو رھيو، ‏2 جترِي توڻي او آڪاش تي ڪونھي گيو۔ آڪاش تي جاوڻ ݾون پيل پرڀُو يسُوع آپرَي چُونڊيوڙَي سنتون نَي پويتر آتما رَي وسيلَي حُڪم ڏينا ھتا ڪہ اُوئون نَي ڪِي ڪرڻو ھَي۔ ‏3 پرڀُو يسُوع ݾُولِي تي آپرِي جان ڏيوَڻ ݾون پَڇي جيتو ھوئي چاليھ ڏِنون توڻي اُوئون نَي درشن ڏيتو رھيو ھانَ ايشوَر رِي بادشاھي رَي باتون ݾُڻاوتو رھيو۔
‏4 جڏي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون ڀيڙو ھتو، تو اُوئون نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”يروشلم شھر ݾون ٻاھر نِي جايا، پڻ مھارَي پِتا رَي ڏينوڙَي واعدَي رو پُورَي ھوئڻ رو اِنتظار ڪريا، جڪَي رَي بارَي ۾ مھَي ٿونَي پيل ݾُڻايو ھَي، ‏5 ڪيونڪہ يُوحنا تو پوڻي ݾون پويتر سِنون ڏيتو، پڻ ڪئينڪہ ڏِنون ݾون پَڇي ٿونَي پويتر آتما ݾون پويتر سِنون ڏينو جاشَي۔“
پرڀُو يسُوع رو آڪاش تي جاوڻ
‏6 پَڇي خاص چيلا جڪو اوٿ ڀيڙا ھتا، اُوئون پُوڇو ڪہ، ”اي پرڀُو، ڪِي ٿي ھڻون اِسرائيلي قوم نَي بادشاھي پاڇِي ڏيراشو؟“ ‏7 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”اِيئون باتون رَي بارَي ۾ خبر ليوَڻ ٿونرو ڪوم ڪونھي، ڪيونڪہ اَي آڪاشِي پِتا رَي ھاٿ ۾ ھَي۔ ‏8 پڻ جڏي پويتر آتما ٿون تي اُترشَي، تو ٿونَي ھِمت ملشَي ھانَ ٿي يروشلم شھر، ݾجَي يھُوديا ھانَ سامريا صُوبَي ۾، پڻ ݾجِي دُنيا ۾ مھارا گواھِي ڏيوَڻ آݪا ھوشو۔“ ‏9 اَي ڪيوَڻ ݾون پَڇي اُوئون رَي ڏيکتَي ڏيکتَي ايشوَر، پرڀُو يسُوع نَي آڪاش ماٿَي کڻي ليئو ھانَ باڏݪ اُوئي نَي لِڪائي ڇوڙيو۔ ‏10 جڏي خاص چيلا پرڀُو يسُوع نَي آڪاش ڏيݾا جاوتي ڏيکتا پڙيا، تو اوچتو ٻي آڏمي چمڪيلا گاڀا پيريوڙا اُوئون ݾومھا آئي اُڀا۔ ‏11 اُوئون آڏميون ڪھيو ڪہ، ”اي گليل آݪون، ٿي آڪاش ڏيݾا ڪيئون جوئو پڙيا؟ ݾاگي پرڀُو يسُوع جڪو ٿونرَي ݾومھو آڪاش ڏيݾا گيو ھَي، اُوئيج نمُونَي او ڀڙي پاڇو آشَي، جون ٿون اُوئي نَي آڪاش ماٿَي جاوتو ڏيٺو ھَي۔“
‏12 پَڇي خاص چيلا زيتُون رَي جبل ݾون پاڇا يروشلم شھر گيا۔ اَي جگھا شھر ݾون اندازن ھيڪ ڪِلو ميٽر اݪگِي ھَي۔ ‏13 او يروشلم شھر ۾ پُگا ھانَ او ھيڪَي گھر رَي ماٿلَي ڪمرَي ۾ گيا، جيٿ پطرس، يُوحنا، يعقُوب، اندرياس، فِلپس، تُوما، برتلمائي، متِي، حلفي رو ڏيڪرو يعقُوب، شمعُون وطن دوست ھانَ يعقُوب رو ڏيڪرو يھُودا، اَي ݾجائِي ريتا۔ ‏14 اُوئون سنتون ڀيڙا پرڀُو يسُوع را ڀائي، اُوئي رِي ما مريم ھانَ ڪئين لُگائَي ڀِي ھتَي۔ او ݾجائِي ڀيڙا ھوئي پراٿنا ڪرتا رھيا۔
يھُودا اِسڪريُوتِي رِي جگھا مَتيا نَي چُونڊڻ
‏15 ھيڪ ڏِن جڏي پرڀُو يسُوع نَي منڻ آݪا اندازن ھيڪ ݾئو بيݾ مِنک ھيڪِي جگھا تي ڀيڙا ھتا، تو پطرس اُوئون رَي بِچ ۾ اُڀي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ‏16 ”اي وِشواسيون، دائُود بادشاھ آپرَي شاستر ۾ پويتر آتما ݾون يھُودا رَي بارَي ۾ پيل جڪو ڪھيو ھتو، او ݾاچيلي پُورو ھوئڻو ھتو۔ يھُودا او ھتو جڪَي پرڀُو يسُوع نَي جھلاوڻ آݪون رِي اَگووڻِي ڪِي۔ ‏17 او مھون سنتون مئيلو ھتو ھانَ او ايشوَر رِي شيوا رَي ڪوم ۾ مھون ڀيڙو ھتو۔“
‏18 پرڀُو يسُوع نَي جھلاوڻ را رُپيا جڪو يھُودا نَي مِليا، اُوئي ݾون اُوئي ٻنِي لِي۔ اوٿ آپرو آپنَي ڦاݾِي ڏينِي ھانَ اُونڌَي موڏَي کِرڻ ݾون مري گيو۔ اُوئي رو پيٽ ڦاٽو ھانَ ݾجائِي اَونترا ٻاھر نڪريا۔ ‏19 جڏي يروشلم رَي ݾجَي مِنکون ݾُڻيو، تو اُوئون آپرِي ٻولِي ۾ اُوئي ٻنِي نَي ھقل دما ڪھيو۔ (ھقل دما رو مطلب ھَي ”خُون رِي ٻنِي۔“)
‏20 پَڇي پطرس ڪھيو ڪہ، ”زبُور شاستر ۾ اَي لِکيوڙو ھَي ڪہ،
’اُوئي رو گھر خالي ھوئي جاوَي
ھانَ اُوئي ۾ ڪو ڀِي ريوَڻ آݪو نِي رَي۔‘
اَي ڀِي لِکيوڙو ھَي ڪہ،
’ڪو ٻيجو اُوئي رِي جگھا تي ايشوَر رِي شيوا رو ڪوم ڪرَي۔‘
‏21 اِيئي رَي ڪري اَي ضرُوري ھَي ڪہ يھُودا رِي جگھا ھيڪ اھڙو مِنک چُونڊيو جاوَي، جڪو مھون ڀيڙو ھوئي پرڀُو يسُوع رَي مرڻ ھانَ جِي اُٺڻ رِي گواھِي ڏَي، ‏22 يعني پرڀُو يسُوع رو يُوحنا ݾون پويتر سِنون ليوَڻ ݾون لي آڪاش تي جاوڻ توڻي۔“
‏23 پَڇي اُوئون ٻيئون مِنکون را نون ڏينا۔ ھيڪَي رو نون يُوسف ھتو، جڪَي نَي برسبا ھانَ يُوستُس ڀِي ڪيتا ھانَ ٻيجَي رو نون مَتيا ھتو۔ ‏24 پَڇي اُوئون پراٿنا ڪِي ڪہ، ”اي پرميشوَر، تُو تو ݾجون را من اوݪکَي ھَي۔ مھونَي ݾُڻا ڪہ ٿَي اِيئون ٻيئون ۾ ڪينَي چُونڊيو ھَي؟ ‏25 ڪہ او سنت ھوئي ٿارِي شيوا رو ڪوم ڪرَي، جڪَي نَي يھُودا ڇوڙي آپرَي مارگ ڏيݾا گيو ھَي۔“ ‏26 پَڇي سنتون اُوئون رَي نون را پُکا گھاتيا ھانَ او پُکو مَتيا رَي نون رو نڪريو۔ پَڇي او اِگيارَي سنتون ڀيڙو شامل ھويو۔