رُوميون رَي نون خط
تعارف
اَي خط سنت پولُوس رُوم شھر رِي وِشواسي مَنڊلِي رَي نون اندازن سن 57 عيسوِي ۾ لِکيو ھتو۔ اُوئي اَي خط اِيئي رَي ڪري لِکيو ڪہ اُوئي رو رُوم شھر رِي وِشواسي مَنڊلِي ڏيݾا جاوڻ رو مارگ کُلَي۔ اُوئي رِي مرضِي ھتِي ڪہ اوٿ رَي وِشواسيون ݾون مُلاقات ڪرَي ھانَ اُوئون ڀيڙو پرچار ڪرَي ھانَ پَڇي اوٿ ݾون اُوئون رِي مدد ݾون اسپين مُلڪ ڏيݾا جاوَي۔
اِيئي خط رو خاص مضمُون اَي ھَي ڪہ آپي ڪيڪر ايشوَر رِي نظر ۾ نيڪ ھوئي ݾگھون ھون۔ اَي رُگو شرُوع ݾون لي آخر توڻي اُوئي تي وِشواس راکڻ ݾون ھوئي ݾگھَي ھَي۔ اِيئي شاستر رَي وچن 1‏:17 ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ، ”نيڪ مِنک آپرَي وِشواس ݾون جيتو ريشَي۔“
سنت پولُوس اَي ڀِي ݾُڻايو ڪہ بيشڪ يھُودي ھووَي، جون ٻيجِي قوم آݪا ݾجائِي پاپي ھَي، اِيئي رَي ڪري اَي ضرُوري ھَي ڪہ او ايشوَر رِي نظر ۾ نيڪ ھووَي ھانَ رُگو پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکڻ ݾون ھر ھيڪ ايشوَر رِي نظر ۾ نيڪ ھوئي ݾگھَي ھَي۔
اِيئي خط رَي آخر ۾ سنت پولُوس وِشواسيون نَي ݾُڻاوَي ھَي ڪہ اُوئون نَي ڪھڙا ھوئڻ کپَي، خاص ڪري آپت ۾ پريم ݾون ريوَڻ را ڪھڙا فائدا ھَي۔ سنت پولُوس، ايشوَر رِي ڀگتي ڪرڻ، مُلڪ را فرض، آپت ۾ ھيڪَي ٻيجَي را فرض ھانَ کاوڻ پيئڻ رَي بارَي ۾ ڀِي ݾُڻاوَي ھَي۔
خاص مضمُون
جَئي پرڀُو رِي ھانَ خُوشِي رِي خبر 1‏:1‏-17
پاپيون رَي ݾارُو مُگتي رِي ضرُورت 1‏:18‏-3‏:20
مُگتي رَي ݾارُو ايشوَر رو مارگ 3‏:21‏-4‏:25
مَسيح ۾ نُوئِي زندگِي 5‏:1‏-8‏:39
اِسرائيلي قوم رَي ݾارُو ايشوَر رو منصُوبو 9‏:1‏-11‏:36
وِشواسيون رو چال چلن12‏:1‏-15‏:13
خط لِکڻ رو مقصد ھانَ آخري باتون 15‏:14‏-16‏:27