پولُوس را مالٽا ٻيٽ ۾ پرچا
28
جڏي مھي خيريت ݾون اوٿ پُگا، تو مھونَي خبر پڙِي ڪہ اُوئي ٻيٽ رو نون مالٽا ھَي۔ 2 اوٿ رَي مِنکون مھون تي تموم گھڻِي مھربونِي ڪِي۔ ݾِياݪَي رِي مُند ھتِي ھانَ مي ڀِي برݾتو پڙيو، اِيئي رَي ڪري اُوئون باݾڏي ٻاݪيو ھانَ مھون ݾجون رِي ميموڻِي ڪِي۔ 3 پولُوس لڪڙيون رِي ٻاٿ ٺائي باݾڏي ۾ گھاتِي، تو تپ رَي ڪري ھيڪ ناگ نڪريو ھانَ پولُوس رَي ھاٿ نَي ڏنگي چنبڙي گيو۔ 4 جڏي ٻيٽ رَي مِنکون ناگ نَي پولُوس رَي ھاٿ تي بيڙھيجوڙو ڏيٺو، تو او آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اَي مِنک ݾاچيلي خُونِي ھَي۔ اَي ݾمُوندر ݾون تو بچي نڪريو ھَي، تو ڀِي اِنصاف رِي ديوِي اِيئي نَي جيتو ڪونھي ڇوڙَي۔“ 5 پَڇي پولُوس يڪدم آپرو ھاٿ ڇنڊي ناگ نَي باݾڏي ۾ اُڇلايو، پڻ پولُوس نَي ڪئين ڪونھي ھويو۔ 6 مِنک اِيئي اِنتظار ۾ ھتا ڪہ پولُوس رو ݾَرير ݾُوجي جاشَي، جون او اوچتو مري ھيٺو کرشَي۔ جڏي او اُوئي نَي دير توڻي جوتا رھيا ھانَ اُوئي نَي ڪو ڀِي نُقصون ڪونھي ھويو، تو اُوئون ݾمجھو ڪہ او ڪو ڏيوتا ھَي۔ 7 اوٿ پاݾَي ۾ ٻيٽ رَي ݾردار پُبليُس رِي ٻنِي ھتِي۔ او مھونَي آپرَي گھري لي گيو ھانَ تينون ڏِنون توڻي مھورِي ݾُٺَي نمُونَي ميموڻِي ڪِي۔ 8 اُوئي ڏِنون ۾ پُبليُس رو ٻاپ تا رَي ڪري ھانَ دستون رَي ڪري بيمار ھتو۔ پولُوس اُوئي ڪڍي گيو ھانَ ھاٿ راکي پراٿنا ڪِي، تو او ݾاجو ھوئي گيو۔ 9 جڏي ٻيٽ رَي مِنکون نَي اِيئي بات رِي خبر پڙِي، تو ٻيجا بيمار ڀِي پولُوس ڪڍي آوتا ھانَ او اُوئون نَي ݾاجا ڪرتو۔ 10 اُوئون مھورِي تموم گھڻِي عِزت ڪِي ھانَ جڏي مھي ٻيڙَي ۾ جاوڻ آݪا ھتا، تو اُوئون مھونَي مھورِي ضرُورت رو ݾجو سيمون ڏينو۔پولُوس رو مالٽا ٻيٽ ݾون رُوم جاوڻ
11 تين مھيڻا مالٽا ٻيٽ ۾ ريوَڻ ݾون پَڇي، مھي اِسڪندريا شھر رَي ھيڪَي ٻيڙَي تي بَئير ھويا۔ اُوئي ٻيڙَي تي جاڙَي ڏيوتائون رو نِشون ٺاھيوڙو ھتو۔ او ٻيڙو ݾِياݪَي رِي ݾجِي مُند اوٿج ٻيٽ ۾ اُڀو رھيو۔ 12 پَڇي مھي سرڪُوسا شھر ۾ پُگا ھانَ تين ڏِن اوٿج رھيا۔ 13 پَڇي اوٿ ݾون مھي ريگُيم شھر ۾ پُگا۔ ٻيجَي ڏِن ڏکڻ رو بائيرو کُليو، اِيئي رَي ڪري مھي ٻيئون ڏِنون ۾ پُتيلي شھر ۾ پُگا۔ 14 اوٿ مھونَي ڪئين وِشواسي مِليا۔ اُوئون مھونَي ݾاتون ڏِنون رَي ݾارُو آپ ڪڍي ريوَڻ رِي دعوت ڏينِي۔ اِيئي نمُونَي مھي رُوم شھر ۾ پُگا۔ 15 اوٿ وِشواسيون مھورَي آوڻ رِي خبر ݾُڻِي ھتِي، اِيئي رَي ڪري او اَپُيس رِي بازار ھانَ تين سرائي نون رِي جگھا تي مھون ݾون مِلڻ آيا۔ اُوئون نَي جوئي پولُوس نَي ھِمت ملِي ھانَ اُوئي ايشوَر رو شُڪر ڪيئو۔ 16 جڏي مھي رُوم شھر ۾ پُگا، تو پولُوس نَي موڪل ملِي ڪہ او ھيکلو آپ تي پھرو ڏيوَڻ آݪَي فوجي ڀيڙو رَي۔ 17 تينون ڏِنون ݾون پَڇي پولُوس رُوم شھر رَي يھُودي اَگووڻون نَي اَڻايا۔ جڏي او ڀيڙا ھويا، تو پولُوس اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارَي ڀايون، مھَي آپرِي قوم جون آپرَي ٻاپ ڏاڏَي رَي ريتون رَي خلاف ڪئين ڪونھي ڪيئو، تو ڀِي مھنَي يروشلم شھر ۾ ٻونڌي رُوميون رَي حوالي ڪيئو۔ 18 جانچ ڪرڻ ݾون پَڇي رُوميون رِي مرضِي ھتِي ڪہ مھنَي ڦِٽو ڪرَي، ڪيونڪہ مھَي ڪو ڀِي اھڙو ڪوم ڪونھي ڪيئو، جڪَي رَي ڪري مھنَي موت رِي سزا ڏَي۔ 19 پڻ جڏي يھُوديون فيصلو ڪونھي منيو، تو مھَي لاچاري ۾ قيصر بادشاھ نَي اپيل ڪرڻ رو فيصلو ڪيئو۔ مھارو ڪڏي ڀِي اَي مقصد ڪونھي ھتو ڪہ ھُون آپرِي قوم تي ڏوھ لگائُون۔ 20 اِيئي رَي ڪري مھَي ٿونَي اَڻايا ڪہ ٿون ݾون مِلون ھانَ بات ڪرون۔ مھنَي اِيئي ݾونڪڙون ۾ اِيئي رَي ڪري ٻونڌيو ھَي، ڪيونڪہ مھارو وِشواس مَسيح تي ھَي، جڪَي رِي اُميد ݾجِي اِسرائيلي قوم نَي ھَي۔“ 21 اُوئون پولُوس نَي ڪھيو ڪہ، ”نَڪو مھون ڪڍي يھُوديا رَي علائقَي ݾون ٿارَي بارَي ۾ ڪو خط آيو، نَڪو مھورَي ڀايون ۾ ڪَي آئي ٿارَي بارَي ۾ ڪئين ݾُڻايو ھانَ نَڪو ٿارَي بارَي ۾ ڪَي دانھن ڏينِي۔ 22 مھونَي ݾجِي خبر ھَي ڪہ مِنک اِيئي پَنٿ نَي جيٿ ڪيٿ خراب ڪَي ھَي، پڻ مھي ٿَي ݾون ݾُڻڻ آيا ھون ڪہ ٿارو ڪھڙو خيال ھَي۔“ 23 اِيئي رَي ڪري اُوئون ھيڪ ڏِن راکيو۔ پَڇي تموم گھڻا مِنک اُوئي جگھا ڀيڙا ھويا، جيٿ پولُوس ريتو۔ تو پولُوس ݾاڪݪي ݾون لي شام توڻي ايشوَر رِي بادشاھي رَي بارَي ۾ اُوئون نَي ݾمجھاوتو رھيو۔ او مُوسيٰ رِي شريعت ھانَ نبيون رَي شاستر ݾون اُوئون نَي پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ آپرَي باتون مناوڻ رِي ڪوشش ڪرتو رھيو۔ 24 ڪئينڪہ مِنکون پولُوس رَي باتون منئَي، پڻ ڪئينڪہ مِنکون ڪونھي منئَي۔ 25 جڏي او آپت ۾ ڪونھي ٺھيا، تو او اوٿ ݾون جاوڻ لاگا، پڻ اُوئون رَي جاوڻ ݾون پيل پولُوس ڪھيو ڪہ، ”پويتر آتما، يسعياھ نبِي رَي وسيلَي ٿونرَي ٻاپ ڏاڏون نَي ݾاچِي ڪھيو ھَي ڪہ،
26 ’اِيئي قوم ڪڍي جا ھانَ اُوئون نَي ڪَي
ڪہ ٿي گھڙِي گھڙِي ݾُڻشو، پڻ ݾمجھو ڪونھي
ھانَ گھڙِي گھڙِي جوشو، پڻ ڏيکو ڪونھي۔
27 ڪيونڪہ اَي مِنک ݾوچتا ڪونھي ھانَ ݾمجھتا ڪونھي،
اَي ٻوڙا ھويا را،
اِيئون آپرَي اونکَي بند ڪيئَي رَي۔
ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ او آپرَي اونکيون ݾون ڏيکَي،
ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ او آپرَي ڪونون ݾون ݾُڻَي،
ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ او آپرَي من ݾون ݾمجَھي،
ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ او مھَي ڏيݾا آوَي
ھانَ ھُون اُوئون نَي ݾاجا ڪرون۔‘
28 اِيئي رَي ڪري ٿونَي خبر ھوئڻ کپَي ڪہ ايشوَر رِي مُگتي رو نياپو ٻيجَي قومون ڪڍي پُگو رو ھانَ او اُوئي نَي ݾُڻشَي۔“ 29 [جڏي يھُوديون پولُوس رِي اَي بات ݾُڻِي، تو او آپت ۾ بَحث ڪرتا، اوٿ ݾون بُوئا گيا۔]