پولُوس نَي رُوم شھر ميلڻ
27
جڏي اَي فيصلو ھويو ڪہ مھي ٻيڙَي ۾ چڙھي اِٽلي مُلڪ رَي رُوم شھر ڏيݾا جاشون، تو پولُوس ھانَ ڪئين ٻيجون قيديون نَي جُوليس نون رَي رُومي آفيسر رَي حوالي ڪيئا، جڪو قيصر بادشاھ رَي موٽَي ٽولَي رو ھيڪ آفيسر ھتو۔ ‏2 مھي ادرمُتيم شھر رَي ٻيڙون رَي اڏَي ݾون چڙھي بَئير ھويا۔ اَي ٻيڙو آسيا صُوبَي رَي پاݾَي آݪَي شھرون ݾون ھوئي آگھي جاوڻ آݪو ھتو۔ مھون ڀيڙو ارسترخُس نون رو ھيڪ مِنک ڀِي ھتو، جڪو مَڪدُونيا صُوبَي رَي ٿيسلينڪي شھر رو ھتو۔ ‏3 ٻيجَي ڏِن جڏي مھي صيدا شھر پُگا، تو جُوليس پولُوس تي مھربونِي ڪِي ھانَ اُوئي نَي آپرَي دوستون ݾون مِلڻ رِي موڪل ڏينِي ڪہ او پولُوس رِي ميموڻِي ڪرَي۔ ‏4 پَڇي مھي صيدا شھر ݾون بَئير ھويا۔ ڪيونڪہ ݾومھو بائيرو ھتو، اِيئي رَي ڪري مھي ڪُپرس ٻيٽ رِي آݪ ۾ بُوئا۔ ‏5 پَڇي مھي ڪِلڪيا ھانَ پمفليا صُوبَي رَي ݾمُوندر ݾون ھوئي لُوڪيا صُوبَي رَي مورا شھر ۾ اُتريا۔ ‏6 فوج رَي آفيسر نَي اوٿ اِسڪندريا شھر رو ھيڪ ٻيڙو مِليو، جڪو اِٽلي مُلڪ ڏيݾا جاوڻ رَي ݾارُو تيار ھتو۔ اُوئي مھونَي اُوئي ٻيڙَي تي ٻيݾاڙيا۔ ‏7 ٻيڙو تموم گھڻا ڏِن ھݪَي ھݪَي بيتو رھيو ھانَ مھي تموم گھڻَي ڏُکون ݾون پَڇي، ڪندُس شھر رَي نيڙا پُگا۔ بائيرَي رَي زور رَي ڪري مھي آگھي ڪونھي بڌيا۔ اِيئي رَي ڪري مھي ڪريتَي ٻيٽ رَي سُليموني نون رِي جگھا رَي نيڙا پُگي ڪريتَي ٻيٽ رِي آݪ ۾ بيوَڻ لاگا۔ ‏8 تموم گھڻِي تڪليف ݾون اُوئي ڪپ ݾون بَئي لسيا شھر رَي نيڙا اُوئي جگھا پُگا جڪَي نَي ”ٻيڙا اُڀاڙڻ رِي ݾُٺِي جگھا“ ڪيتا۔ ‏9 اوٿ مھونَي تموم گھڻا ڏِن ريوَڻو پڙيو، ڪيونڪہ روزون را ڏِن ختم ھويا ھتا ھانَ اُوئي مُند ۾ ݾمُوندر رو سفر ڪرڻ تموم گھڻو خطرناڪ ھتو۔ پَڇي پولُوس اُوئون نَي صلاح ڏينِي ڪہ، ‏10 ”ڀايون، مھنَي اِيئون لاگَي ھَي ڪہ آگھي سفر ڪرڻ ڏُکيو ھوشَي۔ نِي رُگو سيمون ھانَ ٻيڙَي رو تموم گھڻو نُقصون ھوشَي، پڻ آپڻو ڀِي نُقصون ھوشَي۔“ ‏11 پڻ ٻيڙَي رَي مالڪ ھانَ ٻيڙو ھلاوڻ آݪَي ٻيئون آگھي جاوڻ رو ڪھيو ھانَ فوج رَي آفيسر پولُوس رِي نا، پڻ اُوئون رِي بات منِي۔ ‏12 ھيڪ ٻيجِي بات اَي ڀِي ھتِي ڪہ ݾِياݪَي رِي مُند ڀِي شرُوع ھوئڻ آݪِي ھتِي ھانَ ٻيڙا اُڀاڙڻ رِي جگھا ݾِياݪَي رَي ݾارُو ݾُٺِي ڀِي ڪونھي ھتِي۔ اِيئي رَي ڪري ݾجون مِنکون رِي صلاح ھتِي ڪہ اوٿ ݾون بَئير ھوئي فينڪس شھر ڏيݾا ھالون ھانَ ݾِياݪَي رو اوٿج رون۔ فينڪس شھر ڪريتَي ٻيٽ رِي ھيڪ جگھا ھتِي، جڪَي رو مونڏو اُتر آٿوڻَي ھانَ ڏکڻ آٿوڻَي ڏيݾا ھتو۔
ݾمُوندر ۾ طُوفون
‏13 جڏي ٿوڙو ٿوڙو ڏکڻ رو بائيرو کُليو، تو او ݾمجھا ڪہ ھمَي مھي سفر ڪري ݾگھون ھون۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون ٻيڙَي را لنگر ڪاڍيا ھانَ ڪريتَي ٻيٽ رَي ڪپ ݾون آگھي بڌڻ لاگا۔ ‏14 پڻ ٿوڙِي دير ݾون پَڇي ٻيٽ ݾون ھيڪ موٽو طُوفون آيو، جڪَي نَي ”يُورا ڪلون“ ڪَي ھَي۔ (يُورا ڪلون رو مطلب ھَي ”اُتر اُوگوڻَي رو بائيرو۔“) ‏15 ٻيڙو اُوئي طُوفون ۾ ڦاٿو ھانَ بائيرَي ݾومھو بَئي ڪونھي ݾگھيو، اِيئي رَي ڪري مھون مجبُورِي ۾ ٻيڙَي نَي بائيرَي رَي زور تي بيوَڻ ڏينو۔ ‏16 پَڇي ٻيڙو بيتو بيتو ڪودا نون رَي ھيڪَي نِنئي ٻيٽ رَي ڏکڻ ڏيݾا پُگو ھانَ اوٿ بائيرَي ݾون ڪئين بچا ھويو۔ پَڇي مھون تموم گھڻِي تڪليف ݾون ٻيڙَي لاري ٻاڌوڙِي بچاوڻ آݪِي ٻيڙِي نَي ڪاٻُو ڪِي ‏17 ھانَ اُوئي نَي ٻيڙَي ۾ چاڙھِي۔ پَڇي ٻيڙَي نَي ڀاگڻ ݾون بچاوڻ رَي ݾارُو ھيٺا ݾون رنڍوڙَي ٻونڌي ڪاٻُو ڪيئو، پڻ تو ڀِي ٻِي ھتو ڪہ ٻيڙو سُورتيس رَي ڪپ نيڙو بيݪُو ۾ ڦاݾي نِي جاوَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون ٻيڙَي رو گاڀو اُتاريو ھانَ ٻيڙَي نَي بائيرَي رَي زور ڏيݾا بيوَڻ ڏينو۔ ‏18 ٻيجَي ڏِن ڀِي طُوفون رَي ڪري ٻيڙو لوڏا کاوڻ لاگو، تو ٻيڙَي ۾ راکيوڙو سيمون ݾمُوندر ۾ نوکيو۔ ‏19 اُوئي ݾون پَڇي ٻيجَي ڏِن اُوئون آپرَي ھاٿون ݾون ٻيڙَي نَي ھلاوڻ آݪو خاص سيمون ڀِي اُڇلائي ڇوڙيو۔ ‏20 جڏي تموم گھڻَي ڏِنون توڻي نَڪو ݾُورج نَڪو تارا ڏيکيجڻ ۾ آيا ھانَ بائيرو ڀِي تيز ھتو، تو مھونَي بچڻ رو ڪو ڀِي آݾرو ڪونھي ھتو۔ ‏21 جڏي اُوئون گھڻَي ڏِنون ݾون ڪئين ڪونھي کاڌو، تو پولُوس اُوئون رَي بِچ ۾ اُڀي ڪھيو ڪہ، ”ڀايون، جي ٿون مھارِي بات منِي ھووَنت ھانَ ڪريتَي ٻيٽ ݾون نِي ھاليا ھووَنت، تو اَي نُقصون ھانَ تڪليف آپون تي ڪونھي آئُون تو۔ ‏22 ھمَي ھُون ٿونَي صلاح ڏيئون ھون ڪہ حوصلو راکو، ڪيونڪہ آپي ݾجائِي بچي جاشون، پڻ رُگو ٻيڙو ٻُوڏي جاشَي۔ ‏23 اِيئي رو ڪارڻ اَي ھَي ڪہ ھُون جڪَي ايشوَر رو شيواداري ھون ھانَ جڪَي رِي ھُون ڀگتي ڪرون ھون، اُوئي رو فريشتو ڪالھي راتي مھَي ڪڍي آئي اُڀو ‏24 ھانَ ڪھيو ڪہ، ’اي پولُوس، تُو نِي ٻيئاج، تُو ضرُور قيصر بادشاھ ڪڍي جائِي۔ جو، ايشوَر ٿَي تي مھربونِي ڪِي ھَي، جڪو مِنک ٿَي ڀيڙا ٻيڙَي ۾ ھَي، او ݾجائِي ٿارَي ڪري بچي جاشَي۔‘ ‏25 اِيئي رَي ڪري ڀايون، حوصلو راکو، ڪيونڪہ مھارو ايشوَر تي پڪو وِشواس ھَي ڪہ جون مھنَي ݾُڻايو ھَي، اِيئوج ھوشَي ‏26 ھانَ آپي ضرُور ڪَي ٻيٽ تي پُگشون۔“
‏27 جڏي ٻي ھفتا طُوفون رَي ڪري مھورو ٻيڙو اَدريا ݾمُوندر ۾ اِيئا اُوئا ڀُوٽڪيجتو رھيو، تو آڌِي رات رو ٻيڙَي ھلاوڻ آݪَي نَي خبر پڙِي ڪہ مھي زمين رَي ڪَي ڪپ رَي نيڙا ھون۔ ‏28 اُوئون پوڻي نَي ماپي جويو، تو اُوئون نَي خبر پڙِي ڪہ اُونڏائِي ھيڪ ݾئو بيݾ ڦُٽ ھَي۔ پَڇي ٿوڙو آگھي جائي ڏيٺو، تو نَوي ڦُٽ ھتِي۔ ‏29 اُوئون نَي ٻِي ھتو ڪہ ڪيٿ ٻيڙو پٿرون آݪَي ڪپ ݾون نِي لاگَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون لاري ݾون چار لنگر گھاتيا ھانَ پراٿنا ڪرتا رھيا ڪہ يڪدم ڏِن اُگَي۔ ‏30 اِيئي تي ٻيڙو ھلاوڻ آݪَي ڪوشش ڪِي ڪہ ٻيڙَي ݾون ناݾي جاوَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون بچاوڻ آݪِي ٻيڙِي نَي ݾمُوندر ۾ گھاتِي ھانَ بھانو ٺاھيو ڪہ او ٻيڙَي را آگلا لنگر ھڻَي پڙيا۔ ‏31 پولُوس فوج رَي آفيسر ھانَ اُوئي رَي فوجيون نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ٻيڙو ھلاوڻ آݪا ٻيڙَي ۾ نِي ھويا، تو ٿي بچي ڪونھي ݾگھو۔“ ‏32 پَڇي فوجيون بچاوڻ آݪِي ٻيڙِي رَي رنڍوڙَي باڍي اُوئي نَي ݾمُوندر ۾ ڇوڙي ڏينِي۔ ‏33 جڏي ڏِن اُگڻ آݪو ھتو، تو پولُوس ݾجون نَي ٻاٽِي کاوڻ رَي ݾارُو مِنٿ ڪِي ھانَ ڪھيو ڪہ، ”آج چئوڏَي ڏِن ھويا را، ٿي پريشونِي ۾ طُوفون اُڀڻ رَي اِنتظار ۾ ھو ھانَ ٿون ڪئين ڪونھي کاڌو۔ ‏34 اِيئي رَي ڪري ھُون ٿونَي مِنٿ ڪرون ھون ڪہ ٻاٽِي کائو ڪہ ٿي جيتا رو۔ گڻتِي نِي ڪرو، ٿون ۾ ڪيرو ڀِي باݪ جِترو ڀِي نُقصون ڪونھي ھووَي۔“ ‏35 اَي ڪيوَڻ ݾون پَڇي پولُوس ٻاٽِي لِي ھانَ ݾجون رَي ݾومھو ايشوَر رو شُڪر ڪيئو۔ پَڇي او ٻاٽِي ڀونگي کاوڻ لاگو۔ ‏36 اَي جوئي ݾجون نَي ھِمت ملِي ھانَ او ڀِي ٻاٽِي کاوڻ لاگا۔ ‏37 ٻيڙَي ۾ مھي ݾجائِي ٻي ݾئو ڇاھتر مِنک ھتا۔ ‏38 جڏي ڍئو ڪري ٻاٽِي کاڌِي، تو اُوئون ڪڻڪ نَي ݾمُوندر ۾ نوکِي ڪہ ٻيڙَي ۾ ڀار گھٽ ھووَي۔
ٻيڙَي رو ٻُوڏڻ
‏39 جڏي ڏِن اُگو، تو ٻيڙو ھلاوڻ آݪون نَي ڪپ ڏيکيجڻ ۾ آيو، پڻ او اُوئي علائقَي نَي اوݪکي ڪونھي ݾگھيا۔ اوٿ اُوئون نَي ھيڪ اھڙِي جگھا ڏيکيجڻ ۾ آئِي، جيٿ ݾون ݾمُوندر رو پوڻي ݾُوڪَي پاݾَي ݾون ھيٺا جاوتو ھانَ اُوئي رو ڪپ صحيح ھتو۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون آپت ۾ صلاح ڪِي ڪہ، ”جي ھوئي ݾگھَي، تو ٻيڙَي نَي ھلائي اُوئي پاݾَي لي ھالون۔“ ‏40 اِيئي رَي ڪري اُوئون لنگر رَي رنڍوڙَي کولي ݾمُوندر ۾ اُڇلائَي۔ اِيئي ݾون پَڇي اُوئون ٻيڙَي رو رُک مٽاوڻ آݪَي ڏنڊون رَي رنڍوڙَي ڀِي کولي ڇوڙئَي ھانَ ٻيڙَي رو آگلو گاڀو کولي بائيرَي رَي رُک ڏيݾا ٻونڌيو ڪہ بائيرو ٻيڙَي نَي آگھي لي جاوَي۔ اِيئي نمُونَي مھي آگھي ڪپ ڏيݾا بڌيا۔ ‏41 پڻ ٻيڙو آگھي بَئي بيݪُو ۾ جائي لاگو ھانَ اُوئي رو آگلو پاݾو ڦاݾي گيو، پڻ اُوئي رو لارلو پاݾو موٽَي ڇوليون رَي ڪري ٽُوٽڻ لاگو۔ ‏42 اِيئي تي فوجيون صلاح ڪِي ڪہ قيديون نَي ماري ڇوڙون۔ اِيئون نِي ھووَي ڪہ او پوڻي ۾ تِري ناݾي جاوَي۔ ‏43 پڻ فوجي آفيسر اُوئون نَي پاليا، ڪيونڪہ اُوئي رِي مرضِي ھتِي ڪہ او پولُوس نَي جيتو بچاوَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي حُڪم ڏينو ڪہ، ”جڪو تِري ݾگھَي ھَي، او پيل ٽُٻِي ھڻي ڪپ ڏيݾا جاوَي ‏44 ھانَ باقي مِنک تڪتون ھانَ ڪئين ٻيڙَي رَي ٻيجَي شيون رِي مدد ݾون بُوئا جاوَي۔“ اِيئي نمُونَي ݾجائِي مِنک ݾاجا ݾُورا ݾُوڪِي ڌرتي تي پُگا۔