پرڀُو يسُوع رو آپرَي ݾات چيلون نَي درشن
21
اِيئي باتون ݾون پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ڀڙي تِبرياس يعني گليل ڊنڍ رَي ڪپ تي اِيئون درشن ڏينو۔ 2 جڏي تُوما جڪَي نَي جاڙو ڀِي ڪيتا، گليل صُوبَي رَي قانا شھر آݪو نتن ايل، زبدي را ڏيڪرا ھانَ اُوئي را ٻي ٻيجا چيلا، شمعُون پطرس ڀيڙا ھتا، 3 تو شمعُون پطرس اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون مڇَي جھالڻ جائُون پڙيو۔“ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”مھي ڀِي ٿَي ڀيڙا ھالشون۔“ پَڇي او ٻيڙِي ۾ گيا، پڻ اُوئون ݾجِي رات ھيڪ ڀِي مڇِي ڪونھي جھالِي۔ 4 جڏي ڏِن اُگو، تو پرڀُو يسُوع ڪپ تي آئي اُڀو پڻ چيلون اُوئي نَي ڪونھي اوݪکيو ڪہ او پرڀُو يسُوع ھَي۔ 5 پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”عزيزون، ڪِي ٿون ڪڍي کاوڻ رَي ݾارُو ڪئين ھَي؟“ اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ڪئين ڪونھي۔“ 6 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جاݪ، ٻيڙِي رَي ݾاجَي پاݾَي ھڻو، تو ٿونَي ڪئين ملشَي۔“ پَڇي اُوئون اِيئوج ڪيئو ھانَ جاݪ ۾ اترَي تو مڇَي ڦاٿَي ڪہ او جاݪ ڇِڪي ڀِي ڪونھي ݾگھيا۔ 7 پَڇي او چيلو جڪو پرڀُو يسُوع رو پيارو ھتو، اُوئي پطرس نَي ڪھيو ڪہ، ”جو، اَي تو پرڀُو ھَي۔“ پرڀُو رو نون ݾُڻي شمعُون پطرس آپرو جُبو پيريو جڪو اُوئي ڪوم رَي ڪري اُتاريو ھتو ھانَ پرڀُو يسُوع ݾون مِلڻ رَي ݾارُو پوڻي ۾ ٽِپ ڏينو۔ 8 ٻيجا چيلا جڪو ڪپ ݾون اندازن رُگو ھيڪ ݾئو ميٽر اݪگا ھتا، او ڀِي ٻيڙِي ۾ مڇيون رو جاݪ ڇِڪتا اُوئي لاري آيا۔ 9 جڏي او ٻيڙِي ݾون ڪپ تي اُتريا، تو اُوئون ٽونڊون تي مڇِي ݾِڪتِي ڏيٺِي ھانَ ڀيڙِي ٻاٽِي ڀِي ھتِي۔ 10 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿون ھڻون جڪو مڇَي جھالئَي ھَي، اُوئون ۾ ڪئين لي آئو۔“ 11 اِيئي تي شمعُون پطرس ٻيڙِي ۾ چڙھيو ھانَ مڇيون رو ڀريوڙو جاݪ ڪپ تي ڇِڪي ليئو۔ اُوئي جاݪ ۾ ھيڪ ݾئو ٽيوَنجاھ موٽَي مڇَي ھتَي، پڻ تو ڀِي جاݪ ٽُوٽو ڪونھي۔ 12 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”آئو، نيرڻ ڪرو۔“ چيلون ۾ ڪينَي ڀِي اَي پُوڇڻ رِي ھِمت ڪونھي ھتِي ڪہ، ”ٿي ڪُڻ ھو۔“ ڪيونڪہ اُوئون نَي خبر ھتِي ڪہ او تو پرڀُو ھَي۔ 13 اِيئي تي پرڀُو يسُوع ٻاٽِي لي اُوئون نَي ڏينِي ھانَ پَڇي مڇِي ڀِي ڏينِي۔ 14 اِيئي نمُونَي پرڀُو يسُوع رو مُوئوڙون ݾون جيتو ھوئي اُٺڻ ݾون پَڇي تيجو گُھمرو آپرَي چيلون نَي درشن ڏينو۔پرڀُو يسُوع ھانَ پطرس
15 جڏي اُوئون نيرڻ ڪيئو، تو پَڇي پرڀُو يسُوع، شمعُون پطرس نَي ڪھيو ڪہ، ”اي يُوحنا را ڏيڪرا شمعُون، ڪِي تُو اِيئون ݾون وڌيڪ مھَي ݾون پريم ڪرَي ھَي؟“ اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھاوي پرڀُو۔ ٿونَي تو خبر ھَي ڪہ ھُون ٿون ݾون پريم ڪرون ھون۔“ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو مھارا گھيٽا چار۔“ 16 پرڀُو يسُوع ٻيجو گُھمرو اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”اي يُوحنا را ڏيڪرا شمعُون، ڪِي تُو مھَي ݾون پريم ڪرَي ھَي؟“ اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ،”ھاوي پرڀُو۔ ٿونَي تو خبر ھَي ڪہ ھُون ٿون ݾون پريم ڪرون ھون۔“ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو مھارَي رڍون رِي ݾنڀال ڪر۔“ 17 پرڀُو يسُوع تيجو گُھمرو اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”اي يُوحنا را ڏيڪرا شمعُون، ڪِي تُو مھَي ݾون پريم ڪرَي ھَي؟“ پرڀُو يسُوع تيجو گُھمرو پُوڇو ھتو، اِيئي رَي ڪري پطرس پريشون ھوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ،”ھاوي پرڀُو۔ ٿونَي تو ݾجِي خبر ھَي ڪہ ھُون ٿون ݾون پريم ڪرون ھون۔“ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،”تُو مھارَي رڍون چار۔ 18 ھُون ٿنَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جڏي تُو جوان ھتو، تو تُو آپ ݾنڀري آپرِي مرضِي ݾون جاوتو، پڻ جڏي تُو ڏوڪرو ھوئِي، تو تُو آپرا ھاٿ ڏيگھا ڪرِي ھانَ ٿنَي ٻيجا ݾنڀرائي ٿارِي مرضِي بِنا لي جاشَي۔“ 19 پرڀُو يسُوع اَي ڪئي اِشارو ڏينو ڪہ پطرس ڪھڙَي نمُونَي رِي موت ݾون ايشوَر رِي مھما ظاھر ڪرشَي۔ اَي ڪئي پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارَي لاري بَي۔“
پرڀُو يسُوع ھانَ ٻيجو چيلو
20 پَڇي پطرس پاڇل ڦوري اُوئي چيلَي نَي آوتي ڏيٺو جڪو پرڀُو يسُوع رو پيارو ھتو، جڪَي پرڀُو يسُوع رَي ݾَڦا پاݾَي ۾ ٻيݾي شام رِي ٻاٽِي کاوتي بِݪا پُوڇو ھتو ڪہ،”اي پرڀُو، ٿنَي جھلاوڻ آݪو ڪُڻ ھَي؟“ 21 پطرس اُوئي نَي جوئي پرڀُو يسُوع نَي ڪھيو ڪہ،”اي پرڀُو، اِيئي رو موت ڪيڪر ھوشَي۔“ 22 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ،”جي مھارِي مرضِي ھووَي ڪہ اَي مھارَي آوڻ توڻي جيتو رَي، تو ٿنَي اِيئي ݾون ڪِي؟ تُو مھارَي لاري بَي۔“ 23 پَڇي وِشواسي ڀايون ۾ اَي بات مشھُور ھوئِي ڪہ،”او چيلو ڪونھي مرَي۔“ پڻ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي اَي ڪونھي ڪھيو ھتو ڪہ،”اَي ڪونھي مرَي۔“ پڻ اَي ڪھيو ھتو ڪہ،”ٿنَي اِيئي ݾون ڪِي، جي مھارِي مرضِي ھووَي ڪہ اَي مھارَي آوڻ توڻي جيتو رَي؟“ 24 اَي اوج چيلو ھَي جڪَي اِيئي باتون رِي گواھِي ڏينِي ھانَ اَي باتون لِکئَي ھانَ آپون نَي خبر ھَي ڪہ اُوئي رِي گواھِي ݾاچِي ھَي۔
25 پرڀُو يسُوع ٻيجا ڀِي تموم گھڻا پرچا ھانَ ڪوم ڪيئا۔ جي او ھر ھيڪ لِکيا جاوَي، تو مھارَي خيال ۾ اِترا تو ڪِتاب ڀريجي جائُون تو، ڪہ دُنيا ۾ اُوئون نَي راکڻ رِي ڪيٿ ڀِي جگھا ڪونھي ھتِي۔