سنت يُوحنا رو شاستر
پرڀُو يسُوع زندگِي رو شُٻڌ
1
شرُوع شرُوع ۾ شُٻڌ ھتو۔ شُٻڌ ايشوَر ڀيڙو ھتو ھانَ شُٻڌ ايشوَر ھتو۔ 2 اَئيج شرُوع ۾ ايشوَر ڀيڙو ھتو۔ 3 ݾجَي شيون شُٻڌ رَي وسيلَي ٺئَي ھانَ ڪو ڀِي شئي شُٻڌ ݾون ٽاݪ ڪونھي ٺئِي۔ 4 او شُٻڌ ݾجون نَي زندگِي ڏيتو ھانَ او زندگِي مِنکون رَي ݾارُو اُجاݪو ھتو۔ 5 اُجاݪو انڌارَي ۾ چمڪَي ھَي ھانَ انڌارو اُجاݪَي نَي ٻُجھائي ڪونھي ݾگھيو۔6 ايشوَر ھيڪَي مِنک نَي ميليو جڪَي رو نون يُوحنا ھتو۔ 7 او اُوئي اُجاݪَي رَي بارَي ۾ گواھِي ڏيوَڻ آيو ڪہ اُوئي رِي گواھِي تي ݾجائِي مِنک وِشواس راکَي۔ 8 يُوحنا آپ تو اُجاݪو ڪونھي ھتو، پڻ او اُوئي اُجاݪَي رَي بارَي ۾ گواھِي ڏيوَڻ آيو ھتو۔ 9 او ݾاچو اُجاݪو، جڪو ھر ھيڪ مِنک تي چمڪَي ھَي، جگت ۾ آوڻ آݪو ھتو۔
10 او جگت ۾ ھتو ھانَ جگت اُوئي رَي وسيلَي ٺھيو، پڻ جگت رَي مِنکون اُوئي نَي ڪونھي اوݪکيو۔ 11 او آپرَي مِنکون ڪڍي آيو، پڻ آپرون اُوئي نَي قبُول ڪونھي ڪيئو 12 پڻ جِترون ڀِي اُوئي نَي قبُول ڪيئو ھانَ اُوئي تي وِشواس راکيو، اُوئي اُوئون نَي ايشوَر را ٻاݪ ھوئڻ رو حق ڏينو۔ 13 او ايشوَر را ٻاݪ اِيئون ڪونھي ھويا جون اِنسون را ھووَي ھَي، ڪيونڪہ او اِنسون رِي مرضِي ݾون ڪونھي ھويا، پڻ ايشوَر آپ اُوئون نَي آپرا ٻاݪ ٺاھيا۔
14 شُٻڌ اِنسونِي رُوپ ۾ آيو ھانَ آپون ڀيڙو رھيو۔ مھون اُوئي ۾ پِتا رَي ھيڪئِي ڏيڪرَي جھڙِي مھما ڏيٺِي، ڪيونڪہ او ڪِرپا ھانَ ݾچائي ݾون ڀريجوڙو ھتو۔
15 يُوحنا اُوئي رَي بارَي ۾ گواھِي ڏينِي ھانَ زور ݾون ڪھيو ھتو ڪہ، ”اَي اوج ھَي جڪَي رَي بارَي ۾ مھَي ڪھيو ھتو ڪہ جڪو مھَي ݾون پَڇي آوڻ آݪو ھَي، او مھَي ݾون وڌيڪ عِزت آݪو ھَي ڪيونڪہ او مھَي ݾون پيل ھتو۔ 16 او ڪِرپا ھانَ ݾچائي ݾون ڀريجوڙو ھَي اِيئي رَي ڪري آپون ݾجون نَي ڪِرپا ئِي ڪِرپا ملِي، 17 ڪيونڪہ شريعت تو، مُوسيٰ رَي وسيلَي ملِي، پڻ ڪِرپا ھانَ ݾچائي يسُوع مَسيح رَي وسيلَي ملِي۔ 18 ايشوَر نَي ڪڏي ڀِي ڪَي ڪونھي ڏيٺو، پڻ اُوئي رو ھيڪج ڏيڪرو جڪو اُوئي ڀيڙو ٻيٺو ھَي، اُوئي ايشوَر نَي ظاھر ڪيئو ھَي۔“
پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا رو پرچار
19 يُوحنا رِي گواھِي اَي ھَي ڪہ جڏي يھُودي اَگووڻون يروشلم شھر ݾون ايشوَر رَي پُوجاريون ھانَ شيوادارون نَي يُوحنا ڪڍي پُوڇڻ رَي ݾارُو ميليا ڪہ، ”تُو ڪُڻ ھَي؟“ 20 تو يُوحنا اَي بات لِڪائِي ڪونھي پڻ چِٽو ݾُڻايو ڪہ، ”ھُون تو مَسيح ڪونھي ھون۔“ 21 اُوئون ڀڙي پُوڇو ڪہ، ”تو پَڇي تُو ڪُڻ ھَي؟ ڪِي تُو ايلياھ نبِي ھَي؟“ يُوحنا بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”نا، ھُون او ڪونھي ھون۔“ اُوئون ڀڙي پُوڇو ڪہ، ”ڪِي تُو او نبِي ھَي جڪَي رو مھي مارگ جوئُون پڙيا؟“ يُوحنا بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”نا۔“ 22 ڀڙي اُوئون پُوڇو ڪہ، ”مھونَي ݾُڻا، تُو ڪُڻ ھَي؟ ڪيونڪہ مھونَي اُوئون نَي بݪتِي ڏيوَڻِي ھَي جڪون مھونَي ميليا ھَي۔ تُو آپرَي بارَي ۾ ڪِي ڪَي ھَي؟“ 23 اِيئي تي يُوحنا، يسعياھ نبِي رِي او بات ݾُڻائِي ڪہ،
”ھُون او ھون جڪو رڻ پَٽ ۾ زور ݾون ڪونھ ھون ڪہ،
ٿي پرميشوَر رَي ݾارُو مارگ ݾِڌو ڪرو۔“
24 جڪون مِنکون نَي ميليا ھتا اُوئون ۾ ڪئينڪہ فريسي پَنٿ آݪا ڀِي ھتا۔ 25 اُوئون يُوحنا ݾون پُوڇو ڪہ، ”تُو نَڪو مَسيح ھَي، نَڪو ايلياھ ھانَ نَڪو او نبِي ھَي جڪَي رَي بارَي ۾ مُوسيٰ ڪھيو ھتو، تو پَڇي تُو پويتر سِنون ڪيئون ڏَي ھَي؟“ 26 يُوحنا اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھُون تو رُگو پوڻي ݾون پويتر سِنون ڏيئون ھون، پڻ ٿونرَي بِچ ۾ ھيڪ اھڙو مِنک اُڀو ھَي جڪَي نَي ٿي ڪونھي اوݪکتا۔ 27 اَي اوج ھَي جڪو مھَي ݾون پَڇي آوڻ آݪو ھَي ھانَ ھُون اُوئي رِي جُتِي را ڪشا کولڻ جھڙو ڀِي ڪونھي ھون۔“ 28 اَي ݾجَي باتون يردن دريا رَي اُوگوڻَي پاݾَي بيت عِنيا گون ۾ ھوئَي، جيٿ يُوحنا پويتر سِنون ڏيتو۔
پرڀُو يسُوع رو پويتر سِنون ليوَڻ
29 ٻيجَي ڏِن يُوحنا پرڀُو يسُوع نَي آپ ڏيݾا آوتو ڏيٺو، تو ڪھيو ڪہ، ”جوئو، اَي ايشوَر رو گھيٽو ھَي جڪو دُنيا رَي مِنکون را پاپ کڻي لي جاوَي پڙيو۔ 30 اَي اوج ھَي جڪَي رَي بارَي ۾ مھَي ڪھيو ھتو ڪہ، ’مھَي ݾون پَڇي ھيڪ اھڙو مِنک آوڻ آݪو ھَي جڪو مھَي ݾون وڌيڪ عِزت آݪو ھَي، ڪيونڪہ او مھَي ݾون پيل ھتو۔‘ 31 مھنَي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ او مَسيح ھَي، پڻ ھُون اِيئي رَي ڪري پوڻي ݾون پويتر سِنون ڏيتو آيو ھون ڪہ اِسرائيلي قوم اُوئي نَي اوݪکَي۔“
32 پَڇي يُوحنا اَي گواھِي ڏينِي ڪہ، ”مھَي پويتر آتما نَي ڪٻُوتر آݪِي ڪار آڪاش ݾون اُترتَي ھانَ اُوئي ماٿَي ٻيݾتَي ڏيٺو۔ 33 ھُون تو اُوئي نَي ڪونھي اوݪکتو، پڻ جڪَي مھنَي پوڻي ݾون پويتر سِنون ڏيوَڻ رَي ݾارُو ميليو ھَي، اُوئي مھنَي ݾُڻايو ڪہ، ’جڪَي ماٿَي تُو پويتر آتما اُترتَي ھانَ ٻيݾتَي ڏيکَي، اوج پويتر آتما ݾون پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪو ھوشَي۔‘ 34 ھمَي مھَي ڏيٺو رو ھانَ گواھِي ڏيئون ھون ڪہ اَئيج ايشوَر رو ڏيڪرو ھَي۔“
پرڀُو يسُوع را پيلڪا چيلا
35 ٻيجَي ڏِن يُوحنا ݾاگي جگھا تي آپرَي چيلون ۾ ٻيئون چيلون ڀيڙو اُڀو ھتو۔ 36 جڏي اُوئي پرڀُو يسُوع نَي اوٿ ݾون جاوتو ڏيٺو، تو ڪھيو ڪہ، ”جوئو، اَي ايشوَر رو گھيٽو ھَي۔“ 37 جڏي اُوئون ٻيئون چيلون يُوحنا رِي اَي بات ݾُڻِي، تو او پرڀُو يسُوع لاري بيوَڻ لاگا۔ 38 پرڀُو يسُوع پاڇل ڦوري اُوئون نَي آپ ڏيݾا آوتَي ڏيٺا، تو اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿي ڪينَي جوئو ھو۔“ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”ربِي، ٿي ڪيٿ رو ھو؟“ ربِي رو مطلب ھَي ”گُرو جِي۔“ 39 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”آئو، ٿي آپ جوئو۔“ او اندازن شام رو چارون رو ٽيم ھتو، جڏي او اُوئي ڀيڙا گيا ھانَ او جگھا ڏيٺِي جيٿ پرڀُو يسُوع ريتو۔ پَڇي او ݾجو ڏِن اُوئي ڀيڙا رھيا۔ 40 اَي ٻيئي جڪو يُوحنا رِي بات ݾُڻي پرڀُو يسُوع لاري گيا ھتا، اُوئون ۾ ھيڪ اندرياس ھتو جڪو شمعُون پطرس رو ڀائي ھتو۔ 41 اندرياس ݾجون ݾون پيل آپرَي ڀائي شمعُون ݾون مِليو ھانَ اُوئي نَي ݾُڻايو ڪہ، ”مھونَي مَسيح مِليو رو۔“ 42 پَڇي او شمعُون نَي ڀِي پرڀُو يسُوع ڪڍي لي آيو۔ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي جوئي ڪھيو ڪہ، ”تُو يُوحنا رو ڏيڪرو شمعُون ھَي۔ آج ݾون ٿارو نون ڪيفا ھوشَي۔“ (ڪيفا نَي يُوناني ۾ ”پطرس“ ڪَي ھَي جڪَي رو مطلب ھَي ”پٿر۔“)
پرڀُو يسُوع رو فِلپس ھانَ نتن ايل نَي ھيلو
43 ٻيجَي ڏِن پرڀُو يسُوع گليل صُوبَي ڏيݾا جاوڻ رو ݾوچو۔ او اوٿ جائي فِلپس ݾون مِليو ھانَ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارو چيلو ھوئي مھارَي لاري بَي۔“ 44 فِلپس، بيت صيدا شھر رو ھتو جيٿ اندرياس ھانَ پطرس ريتا۔ 45 پَڇي فِلپس نتن ايل ݾون مِليو ھانَ اُوئي نَي ݾُڻايو ڪہ، ”او مھونَي مِليو رو، جڪَي رَي بارَي ۾ مُوسيٰ، توريت شاستر ۾ ݾُڻايو ھَي ھانَ نبيون لِکيو ھَي۔ او يُوسف رو ڏيڪرو يسُوع ھَي جڪو ناصرت شھر آݪو ھَي۔“ 46 اِيئي تي نتن ايل اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”اَي ڪيڪر ھوئي ݾگھَي ھَي ڪہ ناصرت ݾون ڪو ݾُٺِي شئي نڪري ݾگھَي ھَي۔“ فِلپس اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ھالي تُو آپ جو۔“ 47 جڏي پرڀُو يسُوع، نتن ايل نَي آپ ڪڍي آوتو ڏيٺو، تو اُوئي رَي بارَي ۾ ڪھيو ڪہ، ”اَي اَصل اِسرائيلي ھَي ڪيونڪہ اِيئي رَي من ۾ ٺَگِي ڪونھي۔“ 48 اِيئي تي نتن ايل پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ”تُو مھنَي ڪيڪر اوݪکَي ھَي؟“ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”جڏي فِلپس ٿنَي اَڻايو ھتو، اُوئي ݾون پيل مھَي ٿنَي انجير رَي بَڻ ھيٺا ڏيٺو ھتو۔“ 49 اِيئي تي نتن ايل ڪھيو ڪہ، ”گُرو جِي، تُو ايشوَر رو ڏيڪرو ھَي ھانَ تُو اِسرائيلي قوم رو بادشاھ ھَي۔“ 50 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي تُو اِيئي رَي ڪري وِشواس راکَي ھَي، ڪيونڪہ مھَي ݾُڻايو ڪہ مھَي ٿنَي انجير رَي بَڻ ھيٺا ڏيٺو ھتو؟ تُو اِيئي ݾون ڀِي وڌيڪ موٽا ڪوم ڏيکِي۔“ 51 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ ٿي آڪاش نَي کُليوڙو ھانَ ايشوَر رَي فريشتون نَي اُونچا جاوتي ھانَ مھَي مُنش پُتر تي اُترتَي ڏيکشو۔“