سنت مرقس رو شاستر
پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا رو پرچار
1
اَي ايشوَر رَي ڏيڪرَي يسُوع مَسيح رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر رِي شرُوعات ھَي۔ 2 جون يسعياھ نبِي رَي شاستر ۾ ايشوَر ڪھيو ھتو ڪہ،”ھُون آپرو نياپو ڏيوَڻ آݪو ٿَي ݾون پيل ميلين۔
او ٿارَي آوڻ ݾون پيل ٿارو مارگ تيار ڪرشَي۔
3 رڻ پَٽ ۾ پرچار ڪرڻ آݪَي رو ھيلو ݾُڻيجَي پڙيو
ڪہ، ’پرميشوَر رَي ݾارُو مارگ تيار ڪرو
ھانَ اُوئي رَي ݾارُو مارگ ݾِڌو ڪرو۔‘“
4 اِيئي رَي ڪري پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪو يُوحنا رڻ پَٽ ۾ آيو ھانَ مِنکون ۾ پرچار ڪرڻ لاگو ڪہ، ”ٿي آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪرو ھانَ پويتر سِنون ليئو، تو ايشوَر ٿونرا پاپ معاف ڪرشَي۔“ 5 يروشلم شھر پڻ پُورَي يھُوديا علائقَي را ݾجائِي مِنک پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا ڪڍي آوڻ لاگا، اُوئون ݾجَي مِنکون رَي رُوبرو آپرا پاپ منيا ھانَ يردن دريا ۾ اُوئي ݾون پويتر سِنون ليوَڻ لاگا۔ 6 يُوحنا اُونٺ رَي باݪون را ٺاھيوڙا گاڀا پيرتو ھانَ ڪݪيون تي چوٻڙَي رو پَٽو ٻونڌتو۔ او تيڏ ھانَ جھنگ رِي ماکِي کاوتو۔ 7 او اَي پرچار ڪرتو ڪہ، ”مھَي ݾون پَڇي ھيڪ اھڙو مِنک آوڻ آݪو ھَي جڪو مھَي ݾون وڌيڪ قُدرت آݪو ھَي، ھُون اِيئي جھڙو ڀِي ڪونھي ڪہ نِوڙي اُوئي رِي جُتِي را ڪشا کولون۔ 8 ھُون تو رُگو پوڻي ݾون پويتر سِنون ڏيئون ھون پڻ او ٿونَي پويتر آتما ݾون پويتر سِنون ڏيشَي۔“
پرڀُو يسُوع رو پويتر سِنون ھانَ آزمُوتو
9 اُوئون ڏِنون ۾ جڏي مِنک يُوحنا ݾون پويتر سِنون ليتا پڙيا، تو پرڀُو يسُوع گليل صُوبَي رَي ناصرت شھر ݾون آيو ھانَ يردن دريا ۾ يُوحنا ݾون پويتر سِنون ليئو۔ 10 جڏي پرڀُو يسُوع پويتر سِنون لي پوڻي ݾون ٻاھر نڪريو، تو اُوئي آڪاش نَي کُليوڙو ھانَ پويتر آتما نَي ڪٻُوتر آݪِي ڪار آپ ماٿَي اُترتَي ڏيٺو۔ 11 پَڇي آڪاش ݾون آواز آيو ڪہ، ”تُو مھارو پيارو ڏيڪرو ھَي، ٿَي ݾون ھُون تموم گھڻو خُوش ھون۔“
12 پَڇي پويتر آتما پرڀُو يسُوع نَي اُوئيج ٽيم رڻ پَٽ ۾ ميليو۔ 13 پَڇي او چاليھ ڏِن ھانَ چاليھ راتون رڻ پَٽ ۾ رھيو ھانَ شيطون اُوئي نَي آزماوتو رھيو۔ او جھنگلِي جِنارون ڀيڙو رھيو ھانَ فريشتا اُوئي رِي شيوا ڪرتا رھيا۔
پرڀُو يسُوع رو چار مھوڻون نَي ھيلو ڪرڻ
14 پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا نَي جيل ۾ گھاتڻ ݾون پَڇي پرڀُو يسُوع گليل صُوبَي ۾ گيو ھانَ مِنکون نَي ايشوَر رِي خُوشِي رِي خبر ݾُڻاوڻ لاگو ڪہ، 15 ”ٽيم پُورو ھويو رو ھانَ ايشوَر رِي بادشاھي نيڙِي آئِي رِي اِيئي رَي ڪري آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪرو ھانَ اِيئي خُوشِي رِي خبر تي وِشواس راکو۔“
16 ھيڪ ڏِن جڏي پرڀُو يسُوع گليل ڊنڍ رَي ڪپ تي جاوتو پڙيو، تو اُوئي ٻيئون مھوڻون نَي ڊنڍ ۾ جاݪ ھڻتي ڏيٺا۔ اُوئون ۾ ھيڪ شمعُون ھانَ اُوئي رو ڀائي اندرياس ھتو۔ 17 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ، ”آئو، مھارَي لاري بو، تو ھُون ٿونَي ݾيکائين ڪہ ٿي مڇَي ڀيڙَي ڪرڻ رِي جگھا مھارَي ݾارُو مِنک ڀيڙا ڪرو ڪہ او مھارا چيلا ھووَي۔“ 18 اَي ݾُڻي اُوئون آپرا جاݪ اُڇلائي ڇوڙيا ھانَ پرڀُو يسُوع لاري بيوَڻ لاگا۔
19 پَڇي پرڀُو يسُوع اوٿ ݾون ٿوڙو آگھي گيو، تو اُوئي زبدي رَي ٻيئون ڏيڪرون، يعقُوب ھانَ يُوحنا نَي ڏيٺا جڪو ٻيڙِي ۾ آپرا ٽُوٽوڙا جاݪ ٺاوتا پڙيا۔ 20 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي يڪدم ھيلو ڪيئو، تو او ڀِي آپرَي ٻاپ زبدي نَي ٻيڙِي ۾ مزُورون ڀيڙو ڇوڙي اُوئي لاري بيوَڻ لاگا۔
پرڀُو يسُوع رو مِنک ݾون ڀُوت ڪاڍڻ
21 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون ڀيڙو ڪفرنَحُوم شھر ۾ گيو ھانَ جڏي ڇنڇر يعني پويتر ڏِن آيو، تو او جائي ڀگتي گھر ۾ ݾيکاوڻ لاگو۔ 22 اُوئي رَي باتون ݾُڻي ݾجائِي مِنک حيرون ھتا ڪيونڪہ او ڌرمي گُروئون آݪِي ڪار نا، پڻ اِختياري ݾون ݾيکاوتو۔
23 اُوئي ٽيم ڀگتي گھر ۾ ھيڪ اھڙو مِنک آيو جڪَي نَي ڀُوت لاگوڙو ھتو۔ اُوئي رَڙ ڪري ڪھيو ڪہ، 24 ”اي يسُوع ناصرِي، ٿارو مھون ݾون ڪھڙو واسطو؟ ڪِي تُو مھونَي مِٽاوڻ آيو ھَي؟ مھونَي خبر ھَي ڪہ تُو ڪُڻ ھَي۔ تُو اوج ايشوَر رَي طرفون آيوڙو پويتر ھستِي ھَي۔“ 25 پرڀُو يسُوع ڀُوت نَي دڙڪو ڏي ڪھيو ڪہ، ”ماٺ ڪر۔ اِيئي ݾون نڪري جا۔“ 26 پَڇي ڀُوت اُوئي مِنک نَي مروڙيو ھانَ زور ݾون رَڙ ڪري اُوئي ݾون نڪري گيو۔ 27 اَي جوئي ݾجائِي مِنک تموم گھڻا حيرون ھويا ھانَ آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اَي ڪِي ھَي؟ اَي تو نُوئِي بات ھَي ڪہ او ڀُوتون نَي اِختياري ݾون حُڪم ڏَي ھَي ھانَ او ڀِي اُوئي رو حُڪم منَي ھَي۔“ 28 اِيئي نمُونَي پرڀُو يسُوع يڪدم گليل رَي ݾجَي علائقَي ۾ مشھُور ھوئي گيو۔
پرڀُو يسُوع رو تموم گھڻا مِنک ݾاجا ڪرڻ
29 ڀگتي گھر ݾون نڪري پرڀُو يسُوع يعقُوب ھانَ يُوحنا ڀيڙو ݾِڌو شمعُون ھانَ اندرياس رَي گھري گيو۔ 30 اُوئي ٽيم شمعُون رِي ݾاݾُو نَي تموم گھڻو تا ھتو، اِيئي رَي ڪري اُوئون آوتئي پرڀُو يسُوع نَي اُوئي رَي بارَي ۾ ݾُڻايو۔ 31 پرڀُو يسُوع اُوئي ڪڍي گيو ھانَ اُوئي رو ھاٿ جھالي اُٺاݪِي، تو اُوئي رو تا اُتري گيو ھانَ او اُوئون رَي ݾارُو ݾيڌو ڪرڻ لاگِي۔
32 ڏِن آٿوئڻ ݾون پَڇي مِنک، بيمار ھانَ ڀُوت لاگوڙا مِنک پرڀُو يسُوع ڪڍي لي آيا۔ 33 اترِي توڻي ڪہ ݾجو شھر اُوئي گھر رَي در تي آئي ڀيڙو ھويو۔ 34 پرڀُو يسُوع تموم گھڻا بيمار ݾاجا ڪيئا جڪون ۾ نمُونَي نمُونَي رَي بيمارَي ھتَي ھانَ تموم گھڻا ڀُوت ڪاڍيا۔ پڻ ڀُوتون نَي ٻولڻ ڪونھي ڏينا ڪيونڪہ او اُوئي نَي اوݪکتا۔
پرڀُو يسُوع رو گليل صُوبَي ۾ پرچار
35 ݾاڪݪي تارھي مونڌارَي رو پرڀُو يسُوع اُٺيو ھانَ ھيکلپائي جگھا ۾ جائي پراٿنا ڪرڻ لاگو۔ 36 پَڇي شمعُون ھانَ اُوئي را ساٿِي پرڀُو يسُوع نَي جوئڻ گيا۔ 37 جڏي اُوئون نَي پرڀُو يسُوع لاڌو، تو او ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ݾجائِي مِنک ٿونَي جوئَي پڙيا۔“ 38 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھالو، آپي ڪَي آݾَي پاݾَي رَي گون ۾ ھالون ڪہ اوٿ ڀِي پرچار رو ڪوم ڪرون ڪيونڪہ ھُون اِيئي ڪوم رَي ݾارُو جگت ۾ آيو ھون۔“ 39 اِيئي نمُونَي پرڀُو يسُوع ݾجَي گليل علائقَي ۾ يھُوديون رَي ڀگتي گھرون ۾ جائي پرچار ڪرڻ لاگو ھانَ مِنکون ۾ ڀُوت ڪاڍتو رھيو۔
پرڀُو يسُوع رو ڪوڙھئي نَي ݾاجو ڪرڻ
40 پَڇي ھيڪ ڪوڙھيو پرڀُو يسُوع ڪڍي آيو ھانَ اُوئي رَي پگون ۾ کِري ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”جي ٿونرِي مرضِي ھووَي، تو مھنَي اِيئي بيمارِي ݾون ݾاجو ڪري آڇو اُوجݪو ڪرو۔“ 41 پرڀُو يسُوع نَي دايا آئِي ھانَ اُوئي ڏيݾا آپرو ھاٿ بڌائي اُوئي نَي ھاٿ لگائي ڪھيو ڪہ، ”بيشڪ مھارِي مرضِي ھَي ڪہ تُو اِيئي بيمارِي ݾون ݾاجو ھو۔“ 42 تو اُوئيج ٽيم اُوئي رِي ڪوڙھ مِٽي گئِي ھانَ او ݾاجو ھويو۔ 43 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ݾمجھائي بَئير ڪيئو 44 ھانَ ڪھيو ڪہ، ”خبردار، اَي بات ڪينَي ڀِي نِي ݾُڻائي پڻ ايشوَر رَي گھر ۾ جائي آپرو ݾَرير پُوجاري نَي بتا ھانَ او چڙھائو چاڙھ جڪَي رَي بارَي ۾ مُوسيٰ رَي شاستر ۾ حُڪم ھَي، اِيئي ݾون ݾجون نَي خبر پڙشَي ڪہ تُو ݾاجو ھويو ھَي۔“ 45 پڻ او ٻاھر جائي جيٿ ڪيٿ ݾُڻاوڻ لاگو ھانَ اِيئي بات نَي اترِي تو مشھُور ڪِي ڪہ پرڀُو يسُوع ڪَي ڀِي شھر ۾ کُلي عام جائي ڪونھي ݾگھتو۔ پرڀُو يسُوع ھيکلو رڻ پَٽ ۾ ريوَڻ لاگو پڻ تو ڀِي چارئي پاݾَي مِنک اُوئي ڪڍي آئي جاوتا۔