پرڀُو يسُوع رو اَڌرنگَي نَي ݾاجو ڪرڻ
2
ڪئينڪہ ڏِنون ݾون پَڇي پرڀُو يسُوع ڪفرنَحُوم شھر ۾ پاڇو آيو، تو اُوئي رِي گھري آوڻ رِي خبر چارئي پاݾَي بِکري گئِي۔ ‏2 پَڇي اِترا تو مِنک آئي ڀيڙا ھويا ڪہ ݾجو گھر ڀريجي گيو ھانَ در تي اُڀڻ رِي ڪو ڀِي جگھا ڪونھي رئِي۔ جڏي پرڀُو يسُوع اُوئون مِنکون نَي ايشوَر رَي باتون ݾُڻاوتو پڙيو، ‏3 تو ڪئينڪہ مِنک ھيڪَي اَڌرنگَي نَي چارون مِنکون ݾون کڻائي پرڀُو يسُوع ڪڍي لي آيا۔ ‏4 پڻ گھڻِي رش رَي ڪري اُوئي ڪڍي پُگي ڪونھي ݾگھيا۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون ڇِت نَي اوٿ ݾون کولِي جيٿ پرڀُو يسُوع ھتو ھانَ اَڌرنگَي مِنک نَي جھوݪِي ݾُوڌو ھيٺو اُتاريو۔ ‏5 پرڀُو يسُوع اُوئون رو اِترو وِشواس ڏيٺو، تو بيمار نَي ڪھيو ڪہ، ”ڏيڪرا، ٿارا پاپ معاف ھويا را۔“ ‏6 اوٿ ڪئينڪہ ڌرمي گُرو ٻيٺا ھتا۔ او آپرَي من ۾ ݾوچڻ لاگا ڪہ، ‏7 ”اَي ڪُڻ ھَي جڪو آپنَي ايشوَر ݾمجَھي ھَي؟ ڪيونڪہ ايشوَر ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪو ڀِي پاپ معاف ڪري ڪونھي ݾگھتو۔“ ‏8 پرڀُو يسُوع نَي يڪدم خبر پڙِي ڪہ او آپرَي من ۾ ڪِي ݾوچَي پڙيا۔ اُوئي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي آپرَي من ۾ اھڙَي باتون ڪيئون ݾوچو ھو؟ ‏9 اِيئي اَڌرنگَي نَي اَي ڪيوَڻ ݾَوَلو ھَي ڪہ، ’ٿارا پاپ معاف ھويا را‘ جون اَي ڪيوَڻ ڪہ، ’اُٺِي، آپرِي جھوݪِي کڻ گُھم ڦِر۔‘ ‏10 پڻ ھُون ٿونَي اَي ڪري بتائين ڪہ ھُون مُنش پُتر ھون ھانَ مھنَي جگت ۾ پاپ معاف ڪرڻ رِي اِختياري ھَي۔“ پَڇي پرڀُو يسُوع بيمار نَي ڪھيو ڪہ، ‏11 ”ھُون ٿنَي ڪونھ ھون ڪہ اُٺِي، آپرِي جھوݪِي کڻ ھانَ آپرَي گھري بُوئو جا۔“ ‏12 تو او مِنک اُٺيو ھانَ اُوئيج ٽيم آپرِي جھوݪِي کڻي ݾجون رَي رُوبرو آپرَي گھري بُوئو گيو۔ اَي جوئي ݾجائِي مِنک تموم گھڻا حيرون ھويا ھانَ ايشوَر رِي بڏائي ڪري ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”مھون اِيئون ڪڏي ڀِي ڪونھي ڏيٺو۔“
پرڀُو يسُوع رو لاوِي نَي ھيلو ڪرڻ
‏13 پرڀُو يسُوع ڀڙي گليل ڊنڍ رَي ڪپ تي گيو۔ اوٿ تموم گھڻا مِنک اُوئي ڪڍي ڀيڙا ھويا ھانَ او اُوئون نَي ݾيکاوڻ لاگو۔ ‏14 اوٿ جاوتي بِݪا اُوئي حلفي رَي ڏيڪرَي لاوِي يعني متِي نَي ناڪو ليتَي ڏيٺو۔ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارو چيلو ھوئي مھارَي لاري بَي۔“ اِيئي تي لاوِي اُٺيو ھانَ پرڀُو يسُوع لاري بيوَڻ لاگو۔
‏15 اُوئي ݾون پَڇي پرڀُو يسُوع لاوِي رَي گھري دعوت تي گيو۔ اوٿ تموم گھڻا ناڪو ليوَڻ آݪا ھانَ ٻيجا پاپي مِنک ڀِي پرڀُو يسُوع ھانَ اُوئي رَي چيلون ڀيڙا اُوئي دعوت ۾ ٻاٽِي کاوتا پڙيا۔ ‏16 اَي جوئي فريسي مِنکون رَي ڌرمي گُروئون، پرڀُو يسُوع رَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿونرو گُرو ناڪو ليوَڻ آݪون ھانَ پاپي مِنکون ڀيڙو ڪيئون کاوَي پيئَي ھَي؟“ ‏17 پرڀُو يسُوع اَي ݾُڻي اُوئون نَي اَي مِثال ݾُڻائِي ڪہ، ”ݾاجون ݾُورون نَي ڊاڪٽر رِي ضرُورت ڪونھي پڻ بيمارون نَي۔ ھُون نيڪ مِنکون نَي نا، پڻ پاپيون نَي ھيلو ڪرڻ آيو ھون۔“
روزَي رَي بارَي ۾ سوال
‏18 ھيڪَي گُھمرَي جڏي يُوحنا پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي رَي چيلون ھانَ فريسي مِنکون روزا راکيا۔ تو ڪئينڪہ مِنک پرڀُو يسُوع ڪڍي آيا ھانَ پُوڇو ڪہ، ”يُوحنا پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي را چيلا ھانَ فريسي مِنک تو روزا راکَي ھَي، پڻ ٿونرا چيلا اِيئون ڪيئون ڪونھي ڪرتا؟“ ‏19 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جترِي توڻي لاڏو جونَ ڀيڙو ھَي، تو ڪِي اُوئون نَي روزا راکڻ کپَي؟ نا، پڻ جڏي لاڏو اِيئون ڀيڙو ھَي، تو اِيئون نَي روزا راکڻ رِي ضرُورت ڪونھي۔ ‏20 پڻ ھيڪ ڏِن آشَي جڏي لاڏو اُوئون ݾون ڌار ڪيئو جاشَي، تو اُوئي ٽيم او ضرُور روزا راکشَي۔ ‏21 ڪو ڀِي مِنک نُوئَي گاڀَي رِي ڪارِي پِروڻَي گاڀَي تي ڪونھي لگاوتو۔ جي او اِيئون ڪرشَي، تو نُوئَي گاڀَي رِي ڪارِي ڀيڙِي ھوئي پِروڻَي گاڀَي نَي ڦاڙي ڇوڙشَي۔ ‏22 اِيئي نمُونَي ڪو ڀِي مِنک انگُورون رو تازو رس پِروڻَي ڏيڙيون ۾ ڪونھي ڀرتو۔ جي اِيئون ڪرشَي، تو تازَي رس رَي ڪري پِروڻَي ڏيڙَي ڀريجي ڦاٽي جاشَي۔ پَڇي ڏيڙَي ھانَ انگُورون رَي رس ٻيئون رو زِيئون ھوئي جاشَي۔ اِيئي رَي ڪري تازو انگُورون رو رس نُوئَي ڏيڙيون ۾ ڀرَي ھَي۔“
پرڀُو يسُوع پويتر ڏِن رو مالڪ
‏23 ھيڪَي گُھمرَي پرڀُو يسُوع پويتر ڏِن رو آپرَي چيلون ڀيڙو پوک ݾون لنگھيو، تو اُوئي را چيلا ڪڻڪ را ݾِٽا توڙي کاوڻ لاگا۔ ‏24 اَي جوئي فريسي مِنکون پرڀُو يسُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”جوئو، ٿونرا چيلا او ڪوم ڪرَي ھَي جڪو پويتر ڏِن تي ڪرڻ جائز ڪونھي۔“ ‏25 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٿون دائُود رَي بارَي ۾ شاستر ۾ ضرُور پڙھيو ھوشَي ڪہ جڏي اُوئي نَي ھانَ اُوئي رَي مِنکون نَي بُوک لاگِي، تو اُوئي ڪِي ڪيئو؟ ‏26 او ايشوَر رَي پُوجاريون رَي ݾردار ابياتر رَي ڏِنون ۾ ايشوَر رَي گھر ۾ گيو ھانَ اُوئي ايشوَر رَي نون ڪيئوڙَي ٻاٽَي کاڌَي ھانَ آپرَي مِنکون نَي ڀِي کاوڻ رَي ݾارُو ڏينَي۔ پڻ ڌرمي قانُون تي او ٻاٽَي رُگو ايشوَر را پُوجاري کائي ݾگھتا۔“ ‏27 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”اِنسون پويتر ڏِن رَي ݾارُو ڪونھي ٺاھيوڙو پڻ پويتر ڏِن اِنسون رَي ݾارُو ٺاھيوڙو ھَي۔ ‏28 ھُون مُنش پُتر ھون، اِيئي رَي ڪري پويتر ڏِن رو ڀِي مالڪ ھون۔“