شمعُون، يعقُوب، يُوحنا رو پرڀُو يسُوع را چيلا ھوئڻ
5
ھيڪَي گُھمرَي پرڀُو يسُوع گليل ڊنڍ رَي ڪپ تي اُڀو ھتو، تو اوٿ تموم گھڻا مِنک ايشوَر رَي باتون ݾُڻڻ رَي ݾارُو ڀيڙا ھويا۔ مِنک تو اِترا ھتا ڪہ او پرڀُو يسُوع تي کِرڻ لاگا۔ 2 پرڀُو يسُوع ڊنڍ رَي ڪپ تي ٻي ٻيڙَي اُڀوڙَي ڏيٺَي، جڪون ݾون مُھاڻا اُتري آپرا جاݪ ڌوتا پڙيا۔ 3 پرڀُو يسُوع ھيڪِي ٻيڙِي ۾ چڙھيو جڪو شمعُون رِي ھتِي ھانَ شمعُون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٻيڙِي نَي ڪپ ݾون ٿوڙڪِي آگھي پوڻي ۾ لي ھال۔“ پَڇي پرڀُو يسُوع ٻيڙِي ۾ ٻيݾي مِنکون نَي ݾيکاوڻ لاگو۔4 جڏي پرڀُو يسُوع پرچار ڪري ھئو ڪيئو، تو اُوئي شمعُون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٻيڙِي، اُونڏَي پوڻي ۾ لي ھال ھانَ تُو ھانَ ٿارا ساٿِي مڇَي جھالڻ رَي ݾارُو آپرا جاݪ ھڻو۔“ 5 شمعُون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”گُرو جِي، مھون تو ݾجِي رات محنت ڪِي ھَي، مھونَي ڪئين ڪونھي ھاٿي آيو۔ پڻ جي ٿي ڪو ھو، تو ھُون ڀڙي جاݪ ھڻون ھون۔“ 6 جڏي شمعُون ھانَ اُوئي رَي ساٿيون جاݪ ھڻيا، تو اترَي تو مڇَي ڦاٿَي ڪہ جاݪ ٽُوٽڻ لاگا۔ 7 اِيئي تي اُوئون آپرَي ساٿيون نَي جڪو ٻيجِي ٻيڙِي ۾ ھتا اِشارو ڪري مدد رَي ݾارُو ھيلو ڪيئو۔ پَڇي او آيا ھانَ ݾجون مڇيون ݾون ٻيئي ٻيڙَي اترَي تو ڀرئَي ڪہ ٻيڙَي ٻُوڏڻ لاگَي۔
8 جڏي شمعُون جڪَي نَي پطرس ڀِي ڪيتا اَي پرچو ڏيٺو، تو او پرڀُو يسُوع رَي پگون ۾ کِريو ھانَ ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”اي پرڀُو، مھَي ݾون اݪگا ھوئو، ڪيونڪہ ھُون تو پاپي مِنک ھون۔“ 9 اُوئي اَي اِيئي رَي ڪري ڪھيو، ڪيونڪہ او ھانَ اُوئي را ساٿِي اترَي مڇَي ڏيکي تموم گھڻا حيرون ھتا۔ 10 شمعُون را ڀائيوار يعني زبدي را ڏيڪرا يعقُوب ھانَ يُوحنا ڀِي اَي جوئي حيرون ھويا۔ پَڇي پرڀُو يسُوع شمعُون نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو نِي ٻيئاج، آج ݾون پَڇي تُو مڇَي نا، پڻ مھارَي ݾارُو مِنک ڀيڙا ڪرِي۔“ 11 پَڇي او ٻيڙيون نَي ڪپ تي لي آيا ھانَ آپرو ݾجو ڪئين اوٿ ڇوڙي پرڀُو يسُوع را چيلا ھوئي اُوئي لاري بيوَڻ لاگا۔
پرڀُو يسُوع رو ڪوڙھئي نَي ݾاجو ڪرڻ
12 جڏي پرڀُو يسُوع گليل صُوبَي رَي ھيڪَي شھر ۾ ھتو، تو اوٿ اُوئي ڪڍي ھيڪ اھڙو مِنک آيو جڪَي رَي ݾجَي ݾَرير تي ڪوڙھ ھتو۔ جڏي اُوئي پرڀُو يسُوع نَي ڏيٺو، تو اُوئي رَي پگون ۾ کِري مِنٿ ڪرڻ لاگو ڪہ، ”اي پرڀُو، جي ٿارِي مرضِي ھووَي، تو مھنَي ݾاجو ڪري آڇو اُوجݪو ڪرو۔“ 13 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي ڪوڙھئي نَي آپرو ھاٿ لگايو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”ھاوي، مھارِي مرضِي ھَي ڪہ تُو ݾاجو ھو۔“ اِيئي تي يڪدم اُوئي رِي ڪوڙھ رِي بيمارِي ختم ھوئي گئِي۔ 14 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”اَي بات ڪينَي ڀِي نِي ݾُڻائي، پڻ ݾِڌو يروشلم شھر ۾ ايشوَر رَي گھر ۾ جا ھانَ آپنَي پُوجاري نَي بتا ھانَ او چڙھائو چاڙھ جڪَي رَي بارَي ۾ مُوسيٰ رَي شاستر ۾ حُڪم ھَي، اِيئي ݾون ݾجون نَي خبر پڙَي ڪہ تُو ݾاجو ھويو ھَي۔“ 15 تو ڀِي پرڀُو يسُوع رَي باتون ھانَ پرچا ھر جگھا مشھُور ھوتا گيا ھانَ مِنکون را موٽا موٽا ٽولا پرڀُو يسُوع ڪڍي آوڻ لاگا ڪہ اُوئي رَي باتون ݾُڻَي ھانَ آپرَي بيماريون ݾون ݾاجا ھووَي۔ 16 پڻ اِيئي ڀيڙو پرڀُو يسُوع ھيکلو رڻ پَٽ ۾ جائي پراٿنا ڪرتو۔
پرڀُو يسُوع رو اَڌرنگَي نَي ݾاجو ڪرڻ
17 ھيڪ ڏِن جڏي پرڀُو يسُوع پرچار ڪرتو پڙيو، تو اوٿ ڪئينڪہ فريسي پَنٿ آݪا ھانَ ڌرمي گُرو ڀِي ٻيٺوڙا ھتا، جڪو گليل صُوبَي ھانَ يھُوديا صُوبَي رَي ھر ھيڪ گون ھانَ يروشلم شھر ݾون آيوڙا ھتا۔ ايشوَر رِي قُدرت پرڀُو يسُوع ڪڍي ھتِي ھانَ او بيمارون نَي ݾاجا ڪرتو۔ 18 اُوئي ٽيم ڪئينڪہ مِنک ھيڪَي آڏمي نَي موچَي تي کڻي آيا جڪَي نَي اَڌرنگو ھتو ھانَ او بَئي ڪونھي ݾگھتو۔ اُوئون اُوئي نَي پرڀُو يسُوع ڪڍي گھر ۾ لي جاوڻ رِي ڪوشش ڪِي۔ 19 پڻ گھڻِي رش رَي ڪري او پرڀُو يسُوع ڪڍي پُگي ڪونھي ݾگھيا۔ پَڇي او بيمار نَي کڻي اُونچا گھر ماٿَي گيا ھانَ اُوئون گھر رِي ڇِت کولي بيمار نَي جھوݪِي ݾُوڌو مِنکون رَي بِچ ۾ پرڀُو يسُوع آگھي اُتاريو۔ 20 جڏي پرڀُو يسُوع ڏيٺو ڪہ اُوئون رو اِترو وِشواس ھَي، تو اُوئي بيمار نَي ڪھيو ڪہ، ”ادا، ٿارا پاپ معاف ھويا را۔“ 21 اِيئي تي ڌرمي گُرو ھانَ فريسي آپرَي من ۾ ݾوچڻ لاگا ڪہ، ”ايشوَر ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪو ڀِي پاپ معاف ڪري ڪونھي ݾگھتو، تو پَڇي اَي ڪُڻ ھَي جڪو آپنَي ايشوَر ݾمجَھي ھَي؟“ 22 پرڀُو يسُوع اُوئون را خيال ݾمجھي گيو ھانَ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي اھڙَي باتون ڪيئون ݾوچو ھو؟ 23 ڪِي اَي ڪيوَڻ ݾَوَلو ھَي ڪہ، ’ٿارا پاپ معاف ھويا را‘ جون اَي ڪيوَڻ ڪہ، ’اُٺِي گُھم ڦِر۔‘ 24 پڻ ھُون ٿونَي اَي ڪري بتائين ڪہ ھُون مُنش پُتر ھون ھانَ مھنَي جگت ۾ پاپ معاف ڪرڻ رِي اِختياري ھَي۔“ پَڇي پرڀُو يسُوع بيمار نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿنَي ڪونھ ھون ڪہ اُٺِي ھانَ آپرِي جھوݪِي کڻ ھانَ آپرَي گھري بُوئو جا۔“ 25 پَڇي او مِنک، اُوئون رَي آگھي يڪدم اُٺيو ھانَ جڪِي جھوݪِي ۾ او پڙيو ھتو اُوئي نَي کڻي ايشوَر رِي بڏائي ڪرتو آپرَي گھري بُوئو گيو۔ 26 اَي جوئي ݾجائِي مِنک تموم گھڻا حيرون ھويا ھانَ ايشوَر رِي بڏائي ڪرڻ لاگا۔ او تموم گھڻا ٻيئاجا ھانَ اِيئون ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”آج آپون ڪھڙِي عجيب بات ڏيٺِي ھَي۔“
لاوِي رو پرڀُو يسُوع رو چيلو ھوئڻ
27 اِيئي ݾون پَڇي جڏي پرڀُو يسُوع اُوئي گھر ݾون ٻاھر نڪريو، تو اُوئي ھيڪَي ناڪو ليوَڻ آݪَي نَي ڏيٺو جڪَي رو نون لاوِي ھتو۔ اُوئي ٽيم او ناڪو ليوَڻ آݪِي جگھا تي ٻيٺو ھتو۔ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارو چيلو ھو ھانَ مھارَي لاري بَي۔“ 28 لاوِي اُٺيو ھانَ آپرو ݾجو ڪئين ڇوڙي پرڀُو يسُوع لاري بيوَڻ لاگو۔
29 پَڇي لاوِي پرڀُو يسُوع رِي آپرَي گھري موٽِي دعوت ڪِي۔ تموم گھڻا ناڪو ليوَڻ آݪا ھانَ ٻيجا مِنک ڀِي اُوئي دعوت ۾ ٻاٽِي کاوتا پڙيا۔ 30 تو اَي جوئي فريسي ھانَ اُوئون را ڌرمي گُرو، پرڀُو يسُوع رَي چيلون تي الزوم ھڻي ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ٿي ڪيئون ناڪو ليوَڻ آݪون ھانَ پاپيون ڀيڙا کائو پيئو ھو؟“ 31 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي اَي مِثال ݾُڻائِي ڪہ، ”ݾاجون ݾُورون نَي ڊاڪٽر رِي ضرُورت ڪونھي، پڻ بيمارون نَي۔ 32 ھُون اُوئون مِنکون رَي ݾارُو ڪونھي آيو جڪو آپنَي نيڪ ݾمجَھي ھَي، پڻ اُوئون رَي ݾارُو جڪو آپرو آپنَي پاپي ݾمجَھي ھَي ڪہ او آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪرَي ھانَ ايشوَر رَي باتون تي بَي۔“
روزَي رَي بارَي ۾ سوال
33 پَڇي اُوئون پرڀُو يسُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”يُوحنا پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي را چيلا تو گھڻو ڪري روزا راکَي ھانَ پراٿنا ڪرَي ھَي ھانَ فريسي پَنٿ را چيلا ڀِي اِيئوج ڪرَي ھَي۔ پڻ ٿارا چيلا تو کاوتا پيتا رَي ھَي۔“ 34 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جترِي توڻي لاڏو جونَ ڀيڙو ھَي اُترِي توڻي ٿي جونيون ݾون روزا رکائي ڪونھي ݾگھتا۔ 35 پڻ اھڙو ٽيم آشَي جڏي مھنَي آپرَي چيلون ݾون ڌار ڪيئو جاشَي، تو پَڇي اُوئي ٽيم او ضرُور روزا راکشَي۔“
رُگو پرڀُو يسُوع لاري بيوَڻ
36 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي اَي مِثال ڀِي ݾُڻائِي ڪہ، ”ڪو ڀِي مِنک نُوئَي گاڀون نَي ڦاڙي پِروڻَي گاڀون تي ڪارِي ڪونھي ڏيتو۔ جي او اِيئون ڪرشَي، تو نُوئا گاڀا ڦاٽشَي را ھانَ پِروڻَي گاڀون تي نُوئِي ڪارِي ڦُوٽرِي ڀِي ڪونھي لاگَي۔ 37 جون ڪو ڀِي مِنک تازو انگُورون رو رس پِروڻَي ڏيڙيون ۾ ڪونھي ڀرتو۔ جي اِيئون ڪرشَي، تو پِروڻَي ڏيڙَي تازَي رس رَي پڪڻ رَي ڪري ڦاٽي جاشَي۔ اِيئي نمُونَي ڏيڙَي ھانَ انگُورون رو رس ٻيئون رو زِيئون ھوئي جاشَي۔ 38 اِيئي رَي ڪري تازو انگُورون رو رس تو نُوئَي ڏيڙيون ۾ ڀرڻ کپَي۔ 39 پڻ ڏُک رِي بات اَي ھَي ڪہ جڪو مِنک پِروڻو انگُورون رو رس پيئڻ رو عادِي ھَي، او ڪڏي ڀِي تازو انگُورون رو رس ڪونھي پيئَي، ڪيونڪہ او ڪشَي ڪہ، ’پِروڻو انگُورون رو رس تو تموم گھڻو ݾُٺو ھووَي ھَي۔‘“