پرڀُو يسُوع پويتر ڏِن رو مالڪ
6
ھيڪَي پويتر ڏِن رو پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون ڀيڙو ڪڻڪ رِي پوک ݾون لنگھيو، تو اُوئي ٽيم اُوئي را چيلا ڪڻڪ را ݾِٽا توڙي مَݾوٽا ڏي کاوڻ لاگا۔ ‏2 اَي جوئي ڪئينڪہ فريسي مِنکون آپرِي بات ٺائي پرڀُو يسُوع رَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي اَي ڪوم ڪيئون ڪرو ھو؟ ڪِي ٿونَي اَي خبر ڪونھي ڪہ پويتر ڏِن رو لٻارو ڪرڻ ھانَ ݾيڌَي ڪرڻ رو ڪو ڀِي ڪوم نِي ڪرڻ کپَي؟“ ‏3 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٿون دائُود رَي بارَي ۾ ضرُور پڙھيو ھوشَي ڪہ جڏي اُوئي نَي ھانَ اُوئي رَي مِنکون نَي بُوک لاگِي، تو اُوئي ڪِي ڪيئو؟ ‏4 اُوئي ايشوَر رَي گھر ۾ جائي پُوجاري ݾون ٻاٽَي مونگئَي۔ ھمَي مھونَي خبر ھَي ڪہ جڪو ٻاٽَي ايشوَر رَي نون رَي ڪيئوڙَي ھتَي اُوئون تي رُگو پُوجاريون رو حق ھتو ڪہ او کاوَي۔ تو ڀِي دائُود بُوک رَي ڪري او ٻاٽَي پُوجاري ݾون لي آپ کاڌَي ھانَ آپرَي مِنکون نَي ڀِي ڏينَي۔“ ‏5 پَڇي پرڀُو يسُوع اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”ھُون مُنش پُتر، پويتر ڏِن رو ڀِي مالڪ ھون۔“
ݾُوڪوڙَي ھاٿ آݪَي مِنک نَي ݾاجو ڪرڻ
‏6 ڪَي ٻيجَي پويتر ڏِن رو پرڀُو يسُوع ڀگتي گھر ۾ گيو ھانَ اوٿ ݾيکاوڻ لاگو۔ اوٿ ھيڪ اھڙو مِنک ھتو، جڪَي رو ݾاجو ھاٿ ݾُوڪوڙو ھتو۔ ‏7 ڪئينڪہ ڌرمي گُرو ھانَ فريسي مِنک پرڀُو يسُوع تي الزوم ھڻڻ رِي تاݪ ۾ ھتا ھانَ او اِيئي اِنتظار ۾ ھتا ڪہ پرڀُو يسُوع پويتر ڏِن رو ڪينَي ݾاجو ڪرشَي جون نا۔ ‏8 پڻ پرڀُو يسُوع نَي خبر ھتِي ڪہ او ڪِي ݾوچَي پڙيا، اُوئي ݾُوڪوڙَي ھاٿ آݪَي مِنک نَي ڪھيو ڪہ، ”اُٺي مھورَي بِچ ۾ آ۔“ پَڇي او اُٺي اُڀو۔ ‏9 پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”مھنَي ݾُڻائو، پرميشوَر رَي حُڪمون تي پويتر ڏِن رو ڀلائي ڪرڻ صحيح ھَي جون بُڇڙائي؟ ڪيرِي حياتِي بچاوڻ ڀلو ھَي جون اُوئي نَي مارڻ؟“ ‏10 پَڇي پرڀُو يسُوع چارئي پاݾَي اُوئون ݾجون نَي جويو ھانَ ݾُوڪڙَي ھاٿ آݪَي مِنک نَي ڪھيو ڪہ، ”آپرو ھاٿ ڏيگھو ڪر۔“ اُوئي اِيئوج ڪيئو ھانَ يڪدم اُوئي رو ھاٿ ݾاجو ھوئي گيو۔ ‏11 اِيئي تي ڌرمي گُرو ھانَ فريسي تموم گھڻا ريݾي ٻَݪيا ھانَ آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”آپون نَي يسُوع رَي بارَي ۾ ڪِي ڪرڻ کپَي۔“
پرڀُو يسُوع رو ٻارھَي سنت چُونڊڻ
‏12 اُوئون ڏِنون ۾ پرڀُو يسُوع ھيڪَي جبل تي پراٿنا ڪرڻ گيو ھانَ اوٿ ݾجِي رات ايشوَر ݾون پراٿنا ڪرتو رھيو۔ ‏13 جڏي ڏِن اُگو، تو اُوئي آپرَي چيلون نَي آپ ڪڍي ھيلو ڪيئو ھانَ اُوئون ۾ ٻارھَي مِنک چُونڊيا جڪون نَي اُوئي سنت ڪھيو۔ ‏14 اُوئون را نون اَي ھَي، شمعُون جڪَي رو نون پرڀُو يسُوع پطرس ڀِي راکيو، اندرياس جڪو شمعُون رو ڀائي ھتو، يعقُوب، يُوحنا، فِلپس، برتلمائي، ‏15 متِي، تُوما، حلفي رو ڏيڪرو يعقُوب، شمعُون جڪَي نَي وطن دوست ڀِي ڪَي ھَي، ‏16 يعقُوب رو ڏيڪرو يھُودا ھانَ يھُودا اِسڪريُوتِي جڪَي پَڇي پرڀُو يسُوع نَي جھلايو۔
پرڀُو يسُوع رو مِنکون نَي ݾاجا ڪرڻ
‏17 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون ڀيڙو جبل ݾون ھيٺو اُتريو ھانَ آئي پوٺَي ۾ اُڀو۔ اوٿ پرڀُو يسُوع رَي چيلون رو ھيڪ موٽو ٽولو ھتو۔ اُوئي ݾون ٽاݪ ٻيجا تموم گھڻا مِنک ڀِي ھتا۔ او مِنک يروشلم شھر ھانَ ݾمُوندر رَي ڪپ رَي شھرون صُور ھانَ صيدا، پڻ ݾجَي يھُوديا علائقَي ݾون آيوڙا ھتا۔ ‏18 او ݾجائِي پرڀُو يسُوع رَي باتون ݾُڻڻ ھانَ آپرَي بيماريون ݾون ݾاجا ھوئڻ رَي ݾارُو آيا ھتا۔ جڪون مِنکون ۾ ڀُوت ھتا، پرڀُو يسُوع اُوئون ݾجون را ڀُوت ڪاڍيا۔ ‏19 ݾجائِي مِنک پرڀُو يسُوع نَي ھاٿ لگاوڻ رِي ڪوشش ڪرڻ لاگا، ڪيونڪہ پرڀُو يسُوع ۾ اھڙِي قُدرت ھتِي جڪَي ݾون ݾجائِي مِنک ݾاجا ھوئي جاوتا۔
برڪت ھانَ لعنت
‏20 پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي جوئي ڪھيو ڪہ،
”ڌن ھو ٿي جڪو غريب ھو،
ڪيونڪہ ايشوَر رِي بادشاھي ٿونرَي ݾارُو ھَي۔
‏21 ڌن ھو ٿي جڪو ھڻون بُوکيا ھو،
ڪيونڪہ ٿونَي ڍئو ڪرايو جاشَي۔
ڌن ھو ٿي جڪو ھڻون روئو ھو،
ڪيونڪہ ٿي ھاݾشيو۔
‏22 ڌن ھو ٿي، جڏي مِنک مُنش پُتر رَي ڪري ٿون ݾون نفرت ڪرشَي،
ٿونرِي بي عِزتي ڪرشَي،
ٿونَي آپرَي مِنکون ݾون ڪاڍي ڇوڙشَي
ھانَ ٿونَي خوار ڪرشَي۔
‏23 جڏي ڀِي ٿون ݾون اِيئون ھووَي، تو ٿي خُوش ھويا ھانَ خُوشِي ۾ ناچا، ڪيونڪہ آڪاش ۾ ٿونَي اِيئي رو موٽو اَجر ملشَي۔ اُوئون رَي ٻاپ ڏاڏون ڀِي نبيون ݾون اھڙو سلُوڪ ڪيئو ھتو۔
‏24 پڻ ڏُک ھَي ٿون تي جڪو مالدار ھو،
ڪيونڪہ جگت ۾ ٿون آروم ڪيئو رو۔
‏25 ڏُک ھَي ٿون تي جڪو ھڻون ڌاپوڙا ھو،
ڪيونڪہ پَڇي ٿي بُوکي مرشو۔
ڏُک ھَي ٿون تي جڪو ھڻون ھَݾو ھو،
ڪيونڪہ پَڇي ٿي ماتم ڪرشو ھانَ روشو۔
‏26 ڏُک ھَي ٿون تي جڏي ݾجائِي مِنک ٿونرِي نيڪِي ڪرَي،
ڪيونڪہ اُوئون را ٻاپ ڏاڏا ڀِي ڪُوڙَي نبيون رِي اِيئوج نيڪِي ڪرتا۔“
آپرَي دُشمنون ݾون پريم ڪرو
‏27 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿي جڪو مھارَي باتون ݾُڻو ھو، ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ آپرَي دُشمنون ݾون پريم ڪرو ھانَ جڪو ٿون ݾون نفرت ڪرَي ھَي، اُوئون ݾون ڀلائي ڪرو۔ ‏28 جڪو ٿونَي پِٽَي ھَي، اُوئون رَي ݾارُو برڪت مونگو ھانَ جڪو ٿونرِي بي عِزتي ڪرَي، اُوئون رَي ݾارُو پراٿنا ڪرو۔ ‏29 جي ڪُڻ ٿونرَي ھيڪَي گال تي ٿاپ ھڻَي، تو اُوئي نَي ٻيجو گال ڀِي ڦيرائي ڏيئو۔ جي ڪُڻ ٿونرو ٽوال لَي، تو اُوئي نَي آپرو کميݾ ڀِي لي جاوڻ ڏيئو۔ ‏30 جڪو ڀِي ٿون ݾون ڪئين مونگَي، تو اُوئي نَي ڏيئو ھانَ جي ڪُڻ ٿونرو ڪئين لي جاوَي، تو اُوئي ݾون پاڇو نِي مونگو۔ ‏31 جھڙَي نمُونَي مِنک ٿون ݾون ڪِنو سلُوڪ ڪرَي ھَي، ٿي اُوئون ݾون اھڙو سلُوڪ نِي ڪرو، پڻ جي ٿي ݾوچو ڪہ مِنک ٿون ݾون ڀلائي ڪرَي، تو ٿي اُوئون ݾون ݾُٺو سلُوڪ ڪرو۔ ‏32 پڻ جي ٿي رُگو اُوئون ݾون پريم ڪرو ھو جڪو ٿون ݾون پريم ڪرَي ھَي، تو اِيئي رو ڪھڙو فائدو؟ ڪيونڪہ پاپي مِنک ڀِي اِيئوج ڪرَي ھَي۔ ‏33 جي ٿي رُگو اُوئون ݾون ڀلائي ڪرو ھو جڪو ٿون ݾون ڀلائي ڪرَي ھَي، تو اَي ڪو موٽِي بات ڪونھي؟ ڪيونڪہ پاپي مِنک ڀِي اِيئوج ڪرَي ھَي۔ ‏34 جي ٿي اُوئون نَي اوڌار ڏيئو، جڪَي ݾون پاڇو ليوَڻ رِي اُميد ھَي، تو ٿون ڪھڙِي ڀلائي ڪِي؟ ڪيونڪہ پاپي مِنک ڀِي ٻيجون نَي اوڌار ڏَي ھَي ھانَ پاڇو لَي ھَي۔ ‏35 پڻ ٿي آپرَي دُشمنون ݾون پريم ڪرو، اُوئون ݾون ڀلائي ڪرو ھانَ اُوئون نَي اوڌار ڏيئو، پڻ اوڌار پاڇِي ليوَڻ رِي اُميد نِي راکو، تو ٿونَي اِيئي رو موٽو اَجر ملشَي ھانَ ٿي پرميشوَر را ٻاݪ ھوشو، ڪيونڪہ او ناشُڪرون ھانَ بُڇڙون تي مھربون ھَي۔ ‏36 جون ٿونرو ايشوَر پِتا دايالُو ھَي، ٿي ڀِي دايا ڪرو۔“
ٻيجون را فيصلا ڪرڻ آݪا
‏37 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿي ٻيجون را فيصلا ڪرڻ آݪا نِي ھوئو، تو ٿونرو فيصلو ڀِي ڪونھي ھووَي۔ ٻيجون نَي ڏوھي نِي ڪرو، تو ٿونَي ڀِي ڏوھي ڪونھي ڪيئا جاوَي۔ ٻيجون نَي معاف ڪرو، تو ايشوَر ڀِي ٿونَي معاف ڪرشَي۔ ‏38 جي ٿي ٻيجون نَي ڏيشو، تو ايشوَر ڀِي ٿونَي ڏيشَي۔ ٺون ۾ دٻائي دٻائي ھانَ چوٽِي توڻي ڀري ٿونرِي جھوݪِي ۾ گھاتيو جاشَي۔ ڪيونڪہ جڪَي ماپَي ݾون ٿي ڏيئو ھو، اُوئيج ماپَي ݾون ايشوَر ٿونَي ڏيشَي۔“
‏39 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي اَي مِثال ڀِي ڏينِي ڪہ، ”ھيڪ اونڌو ٻيجَي اونڌَي نَي مارگ بتائي ڪونھي ݾگھتو۔ جي اِيئون ڪرشَي، تو او ٻيئي کڏَي ۾ کرشَي۔ ‏40 ڪو ڀِي چيلو آپرَي گُرو ݾون موٽو ڪونھي، پڻ جڏي چيلو ݾجَي باتون ݾيکَي ھَي، تو او آپرَي گُرو جھڙو ھووَي ھَي۔ ‏41 تُو آپرَي ڀائي رِي اونک ۾ گند تو ڏيکَي ھَي، پڻ ٿارِي آپرِي اونک ۾ جڪو لڪڙ پڙيو ھَي، ڪِي تُو او ڪونھي ڏيکتو؟ ‏42 جڏي تُو آپرِي اونک رو لڪڙ ڀِي ڪونھي ڏيکتو، تو تُو ڪيڪر آپرَي ڀائي نَي ڪئِي ڪہ، ’آ، تو ھُون ٿارِي اونک ݾون گند ڪاڍون؟‘ اي ٺَگ، پيل تُو آپرِي اونک رو لڪڙ تو ڪاڍ، پَڇي تُو ݾُٺَي نمُونَي جوئي آپرَي ڀائي رِي اونک رو گند ڪاڍي ݾگھِي۔“
جھڙو بَڻ تھڙو ڦل
‏43 پرڀُو يسُوع اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”ڪو ڀِي ݾُٺو بَڻ خراب ڦل ڪونھي ڏيتو ھانَ نَڪو خراب بَڻ ڪو ݾُٺو ڦل ڏيتو۔ ‏44 ݾجائِي بَڻ آپرَي ڦل ݾون اوݪکيا جاوَي ھَي، ڪيونڪہ ڪو ڀِي ٻَٻڙ ݾون انجير ڪونھي توڙتو ھانَ نَڪو ڪانڊيرون ݾون انگُور۔ ‏45 نيڪ مِنک رو من ݾُٺَي خزونَي آݪِي ڪار ھَي، جڪَي ݾون ݾُٺَي باتون نڪرَي ھَي۔ بُڇڙَي مِنک رَي من ݾون بُڇڙَي باتون نڪرَي ھَي، ڪيونڪہ جڪو باتون من ۾ ڀريوڙَي ھَي، اوج موڏَي ݾون نڪرَي ھَي۔“
ٻيئون گھرون رو مِثال
‏46 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڏي ٿي مھارو ڪھيو ڪونھي منتا، تو پَڇي مھنَي پرڀُو، پرڀُو ڪيئون ڪو ھو؟ ‏47 ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ جڪو مِنک مھَي ڪڍي آوَي، مھارَي باتون ݾُڻي اُوئون تي بَي ھَي، تو او مِنک ڪھڙو ھَي؟ ‏48 او اُوئي مِنک آݪِي ڪار ھَي، جڪَي آپرو گھر ٺاوتي بِݪا اُونڏِي چَر کوتري اُوئي رو بُنياد پڪِي ٻنِي تي راکيو۔ جڏي ٻوڏ آئِي، تو پوڻي اُوئي گھر نَي ݾَٽون ڏينَي، پڻ اُوئي گھر نَي لوڏو ڀِي ڪونھي آيو، ڪيونڪہ او گھر پڪو ٺاھيوڙو ھتو۔ ‏49 پڻ او مِنک جڪو مھارَي باتون ݾُڻَي ھَي ھانَ اُوئون تي بيتو ڪونھي، تو او اُوئي مِنک آݪِي ڪار ھَي جڪَي بُنياد ݾون ٽاݪ آپرو گھر ٺاھيو، جڏي ٻوڏ آئِي ھانَ اُوئي گھر نَي ݾَٽون ڏينَي، تو اُوئي رو گھر يڪدم کِري مِٽي گيو۔“