رُومي صُوبيدار رو وِشواس
7
جڏي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي ݾجَي باتون ݾُڻائَي، تو پَڇي او ڪفرنَحُوم شھر ۾ گيو۔ ‏2 اوٿ رُومي فوج رو ھيڪ صُوبيدار ھتو، جڪَي رو ھيڪ غُلوم تموم گھڻو بيمار ھتو ھانَ او مرڻ آݪو ھتو۔ او غُلوم صُوبيدار رو خاص غُلوم ھتو۔ ‏3 جڏي صُوبيدار پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ ݾُڻيو، تو اُوئي ڪئينڪہ يھُودي اَگووڻ، پرڀُو يسُوع ڪڍي ميليا ھانَ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جائو ھانَ اُوئي نَي مِنٿ ڪرو ڪہ او آوَي ھانَ مھارَي غُلوم نَي مرڻ ݾون بچاوَي۔“ ‏4 او اَگووڻ پرڀُو يسُوع ڪڍي آيا ھانَ اُوئي نَي تموم گھڻَي مِنٿون ڪري ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”مھربونِي ڪري صُوبيدار رِي مدد ڪرو، ڪيونڪہ او ڀلو مِنک ھَي۔ ‏5 او مھورِي قوم ݾون پريم ڪرَي ھَي ھانَ اُوئي مھونَي ڀگتي گھر ڀِي ٺڙائي ڏينو ھَي۔“
‏6 اِيئي تي پرڀُو يسُوع اُوئون اَگووڻون ڀيڙو گيو۔ جڏي او صُوبيدار رَي گھر رَي نيڙا پُگڻ آݪا ھتا، تو صُوبيدار آپرَي ڪئينڪہ دوستون نَي ڪئي ميليو ڪہ، ”پرڀُو، ٿي تڪليف نِي ڪرو۔ ھُون اِيئي رَي لائق ڪونھي ڪہ ٿي مھارَي گھري آئو۔ ‏7 اِيئي رَي ڪري نَڪو ھُون آپنَي اِيئي لائق ݾمجھتو ڪہ ٿون ڏيݾا آئُون۔ ٿي رُگو اوٿ ݾون حُڪم ڪرو، تو مھارو غُلوم ݾاجو ھوئي جاشَي۔ ‏8 مھنَي خبر ھَي ڪہ اِختياري ڪِي ھَي، ڪيونڪہ ھُون آپ حڪُومت ھيٺا ھون ھانَ فوجي مھارَي ھيٺا ھَي۔ جڏي ھُون ڪينَي ڪونھ ڪہ جا، تو او جاوَي ھَي ھانَ جڏي ھُون ڪينَي ڪونھ ڪہ آ، تو او آوَي ھَي۔ اِيئي آݪِي ڪار جڏي ھُون آپرَي غُلوم نَي ڪونھ ڪہ اَي ڪوم ڪر، تو او ڪرَي ھَي۔“
‏9 اَي بات ݾُڻي پرڀُو يسُوع تموم گھڻو حيرون ھويو ھانَ پاڇل ڦوري لاري آوڻ آݪَي مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ مھَي اترَي موٽَي وِشواس آݪو مِنک آپرِي اِسرائيلي قوم ۾ ڪڏي ڀِي ڪونھي ڏيٺو۔“ ‏10 جڏي صُوبيدار را ميليوڙا مِنک اُوئي رَي گھري پاڇا گيا، تو اُوئون صُوبيدار رَي غُلوم نَي ݾاجو ݾُورو ڏيٺو۔
رونڏٻير رَي ڏيڪرَي نَي جيتو ڪرڻ
‏11 ڪئينڪہ ڏِنون ݾون پَڇي پرڀُو يسُوع ٻيجَي شھر ۾ گيو جڪَي رو نون نائين ھتو۔ پرڀُو يسُوع ڀيڙا اُوئي را چيلا ھانَ ٻيجا تموم گھڻا مِنک ڀِي ھتا۔ ‏12 جڏي پرڀُو يسُوع شھر رَي در تي پُگو، تو اُوئي ڏيٺو ڪہ مِنک ھيڪَي لاش نَي شھر ݾون ٻاھر ٻُورڻ رَي ݾارُو لي جاوَي پڙيا۔ او آپرِي رونڏٻير ما رو ھيڪج ڏيڪرو ھتو۔ اُوئي رونڏٻير ڀيڙا شھر را ٻيجا تموم گھڻا مِنک آيوڙا ھتا۔ ‏13 پرڀُو يسُوع نَي اُوئي رونڏٻير تي ڪياس آيو ھانَ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ٻائِي، تُو نِي رو۔“ ‏14 پَڇي پرڀُو يسُوع لاش رَي نيڙو آيو ھانَ اُوئي نَي ھاٿ لگايو، تو ڪونڌِي اُڀي رھيا۔ پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اي جوان، ھُون ٿنَي ڪونھ ھون ڪہ اُٺ۔“ ‏15 اِيئي تي او مُڙدو جيتو ھويو ھانَ باتون ڪرڻ لاگو۔ پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي نَي اُوئي رِي ما رَي حوالي ڪيئو۔ ‏16 اِيئي بات تي ݾجائِي مِنک تموم گھڻا حيرون ھويا ھانَ او ايشوَر رِي بڏائي ڪرتا اِيئون ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ايشوَر آپرَي مِنکون تي دايا ڪِي ھَي ھانَ آپڻَي ݾارُو ھيڪ موٽو نبِي ميليو ھَي۔“ ‏17 پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ اَي بات ݾجَي يھُوديا صُوبَي ھانَ آݾَي پاݾَي رَي علائقَي ۾ مشھُور ھوئي گئِي۔
سنت يُوحنا رو آپرا چيلا پرڀُو يسُوع ڪڍي ميلڻ
‏18 پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي سنت يُوحنا رَي چيلون جيل ۾ جائي اُوئي نَي پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ ݾجَي باتون ݾُڻائَي۔ ‏19 پَڇي سنت يُوحنا آپرَي ٻيئون چيلون نَي ھيلو ڪري اُوئون نَي پرڀُو يسُوع ڪڍي ميليا ڪہ جائو ھانَ اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڪِي تُو اوج مَسيح ھَي، جڪَي رَي آوڻ رَي بارَي ۾ شاسترون ۾ لِکيوڙو ھَي، جون مھي ڪَي ٻيجَي رو مارگ جوئُون؟“ ‏20 جڏي او ٻيئي پرڀُو يسُوع ڪڍي آيا، تو اُوئون ڪھيو ڪہ، ”يُوحنا پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي مھونَي ٿون ڪڍي اِيئي رَي ڪري ميليا ھَي ڪہ مھي ٿون ݾون پُوڇون ڪہ ڪِي ٿي مَسيح ھو، جڪَي رَي آوڻ رَي بارَي ۾ شاسترون ۾ لِکيوڙو ھَي، جون مھي ڪَي ٻيجَي رو مارگ جوئُون؟“ ‏21 اُوئيج ٽيم پرڀُو يسُوع تموم گھڻَي مِنکون رَي بيمارَي ھانَ ڏُک مِٽايا ھانَ اُوئون ݾون ڀُوت ڪاڍيا ھتا۔ اُوئي تموم گھڻَي اونڌون نَي ݾاجا ڪيئا ھتا۔ ‏22 پَڇي پرڀُو يسُوع سنت يُوحنا رَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”جڪو ڪئين ٿون ڏيٺو ھانَ ݾُڻيو ھَي، او جائي يُوحنا نَي ݾُڻائو ڪہ اونڌا ڏيکَي ھَي، مَنڊا بَي ھَي، ڪوڙھيا ݾاجا ھووَي ھَي ھانَ ٻوڙا ݾُڻَي ھَي، مُوئوڙا جيتا ڪيئا جاوَي ھَي ھانَ غريبون نَي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائِي جاوَي ھَي۔ ‏23 ڌن ھَي او جڪو مھارَي بارَي ۾ اَي شَڪ ڪونھي ڪرتو ڪہ ھُون مَسيح ھون۔“
‏24 جڏي سنت يُوحنا را ميليوڙا مِنک بُوئا گيا، تو پرڀُو يسُوع مِنکون نَي سنت يُوحنا رَي بارَي ۾ ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”جڏي ٿي رڻ پَٽ ۾ يُوحنا ڪڍي گيا ھتا، تو ٿي ڪِي جوئڻ گيا ھتا؟ ڪِي ٿي اھڙَي مِنک نَي جوئڻ گيا ھتا، جڪَي رو وِشواس بائيرَي ۾ لُڏتَي ݾَرون آݪِي ڪار ھووَي ھَي؟ ‏25 پَڇي ٿي ڪِي جوئڻ گيا ھتا؟ ڪِي ٿي اھڙَي مِنک نَي جوئڻ گيا ھتا، جڪَي را ڦُوٽرا گاڀا پيريوڙا ھووَي ھَي؟ ݾُڻو، ڦُوٽرا گاڀا پيرڻ آݪا ھانَ موج ھانَ مزَي ݾون ريوَڻ آݪا، تو بادشاھي محلاتون ۾ رَي ھَي۔ ‏26 پَڇي ٿي ڪينَي جوئڻ گيا ھتا؟ ڪِي ٿي نبِي نَي جوئڻ گيا ھتا؟ ھاوي، پڻ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ يُوحنا تو نبِي ݾون ڀِي موٽو ھَي۔ ‏27 يُوحنا او مِنک ھَي جڪَي رَي بارَي ۾ شاسترون ۾ اِيئون لِکيوڙو ھَي ڪہ،
’ھُون آپرو نياپو ڏيوَڻ آݪو ٿَي ݾون پيل ميلين۔
او ٿارَي آوڻ ݾون پيل ٿارو مارگ تيار ڪرشَي۔‘
‏28 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ آج ڏِن توڻي ڪو ڀِي اھڙو مِنک ڪونھي جايو جڪو يُوحنا ݾون موٽو ھووَي۔ تو ڀِي ايشوَر رِي بادشاھي ۾ نِنئي ݾون نِنيو مِنک يُوحنا ݾون موٽو ھَي۔“ ‏29 جڏي ݾجَي مِنکون ھانَ خاص ڪري ناڪو ليوَڻ آݪون پرڀُو يسُوع رَي اَي باتون ݾُڻئَي، تو اُوئون ايشوَر رَي باتون نَي ݾاچَي منئَي، ڪيونڪہ اُوئون سنت يُوحنا ݾون پويتر سِنون ليئو ھتو۔ ‏30 پڻ فريسيون ھانَ ڌرمي گُروئون، سنت يُوحنا ݾون پويتر سِنون ڪونھي ليئو ھتو، اِيئي نمُونَي اُوئون آپرَي ݾارُو ايشوَر رِي مرضِي نَي پُورِي ھوئڻ ڪونھي ڏينِي۔
‏31 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون اِيئي زمونَي رَي مِنکون نَي ڪَي ݾون ڀيٽائُون ڪہ او ڪھڙا ھَي؟ ‏32 او اُوئون ٻاݪون جھڙا ھَي، جڪو ٻاھر چوڪ تي ٻيݾي رُمتي بِݪا ھيڪَي ٻيجَي نَي زور ݾون ڪَي ھَي ڪہ،
’مھون ٿونرَي ݾارُو بونݾلِي بجائِي،
پڻ ٿي ناچا ڪونھي۔
مھون پار ڪاڍيا، پڻ ٿي رُونا ڪونھي۔‘
‏33 اِيئي نمُونَي جڏي يُوحنا پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪو آيو، تو او نَڪو ٻاٽِي کاوتو ھانَ نَڪو انگُورون رو رس پيتو، پڻ ٿي ڪو ھو ڪہ، ’اُوئي ۾ ڀُوت ھَي۔‘ ‏34 پڻ ھُون مُنش پُتر، کائُون ھانَ پيئون ھون، پڻ ٿي ڪو ھو ڪہ، ’جوئو، اَي کائُو ھانَ شرابِي ھَي ھانَ ناڪو ليوَڻ آݪون ھانَ پاپيون رو يار ھَي۔‘ ‏35 پڻ جڪو ايشوَر رَي باتون منَي ھَي، اُوئي رَي ڪومون ݾون خبر پڙَي ھَي ڪہ ايشوَر ݾاچو ھَي۔“
پرڀُو يسُوع رو پاپڻ لُگائِي نَي معاف ڪرڻ
‏36 شمعُون نون رَي ھيڪَي فريسي مِنک، پرڀُو يسُوع رِي دعوت ڪِي۔ تو پرڀُو يسُوع اُوئي رَي گھري گيو ھانَ ٻاٽِي کاوڻ ٻيٺو۔ ‏37 اُوئي شھر ۾ ھيڪ خراب لُگائِي ھتِي۔ جڏي اُوئي نَي خبر پڙِي ڪہ پرڀُو يسُوع فريسي رَي گھري ٻاٽِي کاوَي پڙيو، تو او سَنگ مَرمَر رِي ݾيݾِي ۾ عطر لي اوٿ گئِي۔ ‏38 او پرڀُو يسُوع رَي لاري ݾون آئِي ھانَ اُوئي رَي پگون توڻي اُڀي روئڻ لاگِي ھانَ پرڀُو يسُوع را پگ اُوئي رَي اَݾوئون ݾون ڀينَڻ لاگا۔ پَڇي اُوئي لُگائِي آپرَي باݪون ݾون پرڀُو يسُوع را پگ آڇا ڪيئا ھانَ پگون نَي ميٺکَي ڏي عطر لگاوڻ لاگِي۔ ‏39 شمعُون جڪَي پرڀُو يسُوع رِي دعوت ڪِي ھتِي، جڏي اُوئي ڏيٺو، تو آپرَي من ۾ ݾوچڻ لاگو ڪہ، ”جي اَي مِنک ݾاچيلي نبِي ھويو ھووَنت، تو اِيئي نَي خبر پڙون تو، اَي لُگائِي جڪَي اِيئي نَي ھاٿ لگايو ھَي، اَي تو پاپڻ ھَي۔“ ‏40 پرڀُو يسُوع اُوئي رَي من رو خيال اوݪکي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”شمعُون، ھُون ٿنَي ڪئين ݾُڻائُون ھون۔“ اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جِي گُرو جِي، ݾُڻائو۔“
‏41 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھيڪَي اَمير مِنک را ٻي قرضِي ھتا۔ ھيڪ پونچ ݾئو چوندِي رَي ݾِڪون رو قرضِي ھتو ھانَ ٻيجو پنجاھ چوندِي رَي ݾِڪون رو۔ ‏42 او ٻيئي قرض پاڇو ڏيوَڻ جھڙا ڪونھي ھتا۔ اِيئي رَي ڪري اَمير مِنک اُوئون ٻيئون رو قرض معاف ڪري ڇوڙيو۔ ھمَي ٿونرو ڪِي خيال ھَي ڪہ اُوئون ٻيئون ۾ ڪُڻ اَمير مِنک رو وڌيڪ ٿورائتو ھوشَي؟“ ‏43 شمعُون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”مھارَي خيال ۾ او جڪَي رو وڌيڪ قرض معاف ھويو۔“ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿَي صحيح بݪتِي ڏينِي ھَي۔“ ‏44 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي لُگائِي ڏيݾا جوئي شمعُون نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي تُو اَي لُگائِي ڏيکَي ھَي؟ جڏي ھُون ٿارَي گھري آيو، تو ٿَي مھنَي پگ ڌوئڻ رَي ݾارُو پوڻي ڀِي ڪونھي ڏينو، پڻ اِيئي لُگائِي مھارَي پگون نَي آپرَي اَݾوئون ݾون ڀِنويا ھانَ آپرَي باݪون ݾون لُوئي آڇا ڪيئا۔ ‏45 ٿَي مھنَي ميٺکِي ڀِي ڪونھي ڏينِي، پڻ جڏي ݾون ھُون آيو ھون اِيئي لُگائِي مھارا پگ، ميٺکَي ڏيوَڻ بِنا ڪونھي ڇوڙيا۔ ‏46 ٿَي مھارَي ماٿَي تي تيل ڪونھي لگايو، پڻ اِيئي لُگائِي مھارَي پگون تي عطر لگايو ھَي۔ ‏47 اِيئي رَي ڪري ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ اِيئي لُگائِي اِترو گھڻو پريم بتايو ھَي، اِيئي رَي ڪري اِيئي را ݾجائِي پاپ معاف ھويا را۔ پڻ جڪَي را ٿوڙا پاپ معاف ڪيئا جاوَي ھَي، تو او ٿوڙو پريم بتاوَي ھَي۔“ ‏48 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي لُگائِي نَي ڪھيو ڪہ، ”ٻائِي، ٿارا پاپ معاف ھويا را۔“ ‏49 اوٿ ٻيٺوڙا ميموڻ جڪو پرڀُو يسُوع ڀيڙا ٻاٽِي کاوتا پڙيا من ۾ ݾوچڻ لاگا ڪہ، ”اَي ڪُڻ ھَي جڪو پاپ معاف ڪرَي ھَي؟“ ‏50 پڻ پرڀُو يسُوع لُگائِي نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿارَي وِشواس ٿنَي بچائِي ھَي۔ ايشوَر ٿنَي ݾُکِي راکَي۔“