سنت يُوحنا رو آپرا چيلا پرڀُو يسُوع ڪڍي ميلڻ
11
جڏي پرڀُو يسُوع آپرَي ٻارھون چيلون نَي ݾمجھائي ھئو ڪيئو، تو اوٿ ݾون بَئير ھويو ڪہ او يھُوديون رَي ٻيجَي شھرون ۾ جائي ايشوَر رَي باتون ݾيکاوَي ھانَ پرچار ڪرَي۔2 جڏي پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا جيل ۾ مَسيح رَي بارَي ۾ ݾُڻيو، تو اُوئي آپرا ڪئينڪہ چيلا اُوئي ڪڍي ميليا۔ 3 اُوئون جائي پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڪِي تُو اوج ھَي جڪو آوڻ آݪو ھتو، جون مھي ڪَي ٻيجَي رو مارگ جوئُون؟“ 4 اِيئي تي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڪو ڪئين ٿي ݾُڻو ھانَ ڏيکو ھو، او جائي يُوحنا نَي ݾُڻائو ڪہ، 5 اونڌا ڏيکَي ھَي، مَنڊا بَي ھَي، ڪوڙھيا ݾاجا ھووَي ھَي، ٻوڙا ݾُڻَي ھَي، مُوئوڙا جيتا ڪيئا جاوَي ھَي ھانَ غريبون نَي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائِي جاوَي ھَي۔ 6 ڌن ھَي او جڪو مھَي تي شَڪ ڪونھي ڪرتو۔“
7 جڏي يُوحنا را چيلا بُوئا گيا، تو پرڀُو يسُوع مِنکون نَي پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا رَي بارَي ۾ ڪھيو ڪہ، ”ٿي رڻ پَٽ ۾ ڪِي جوئڻ گيا ھتا؟ ڪِي ٿي اھڙَي مِنک نَي، جڪَي رو وِشواس بائيرَي ۾ لُڏتَي ݾَرون آݪِي ڪار ھووَي ھَي؟ 8 پَڇي ٿي ڪِي جوئڻ گيا ھتا؟ ڪِي ٿي اھڙَي مِنک نَي جوئڻ گيا ھتا جڪَي را ڦُوٽرا گاڀا پيريوڙا ھووَي ھَي؟ ݾُڻو، ڦُوٽرا گاڀا پيرڻ آݪا ھانَ موج ھانَ مزَي ݾون ريوَڻ آݪا، تو بادشاھي محلاتون ۾ رَي ھَي۔ 9 تو پَڇي ٿي ڪيئون گيا ھتا؟ ڪِي ٿي نبِي نَي جوئڻ گيا ھتا؟ ھاوي، ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ نبِي ݾون ڀِي موٽَي نَي جوئڻ گيا ھتا۔ 10 يُوحنا اوج ھَي جڪَي رَي بارَي ۾ شاسترون ۾ اِيئون لِکيوڙو ھَي ڪہ،
’ھُون آپرو نياپو ڏيوَڻ آݪو ٿَي ݾون پيل ميلين۔
او ٿارَي آوڻ ݾون پيل ٿارو مارگ تيار ڪرشَي۔‘
11 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ آج ڏِن توڻي ڪو ڀِي اھڙو مِنک ڪونھي جايو جڪو پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا ݾون موٽو ھووَي۔ تو ڀِي آڪاش رِي بادشاھي ۾ نِنئي ݾون نِنيو مِنک يُوحنا ݾون موٽو ھَي۔ 12 پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا رَي ٽيم ݾون لي ھڻون توڻي مِنک آڪاش رِي بادشاھي ۾ جاوڻ رِي ڪوشش ۾ ھَي، پڻ ڏاڍا مِنک اُوئي نَي کوݾڻ رِي ڪوشش ۾ ھَي۔ 13 ڪيونڪہ يُوحنا توڻي ھر ھيڪ نبِي ھانَ توريت شاستر، اِيئي بات رِي اگڪٿِي ڪِي ھتِي۔ 14 جي ٿي وِشواس ڪرو، تو اَي يُوحنا، ايلياھ نبِي ھَي جڪو آوڻ آݪو ھتو۔ 15 ݾُڻڻ آݪا ݾمجَھي را۔
16 ھُون اِيئي زمونَي را مِنک ڪَي ݾون ڀيٽائُون ڪہ او ڪھڙا ھَي؟ او اُوئون ٻاݪون جھڙا ھَي جڪو ٻاھر چوڪ تي ٻيݾي رُمتي بِݪا ھيڪَي ٻيجَي نَي زور ݾون ڪَي ھَي ڪہ،
17 ’مھون ٿونرَي ݾارُو بونݾلِي بجائِي
پڻ ٿي ناچا ڪونھي۔
مھون ماتم ڪيئو،
پڻ ٿي رُونا ڪونھي۔‘
18 يُوحنا نَڪو ٻاٽِي کاوتو، نَڪو انگُورون رو رس پيتو، پڻ ٿي ڪو ھو ڪہ، ’اُوئي ۾ ڀُوت ھَي۔‘ 19 پڻ ھُون مُنش پُتر، کائُون پيئون ھون، پڻ ٿي ڪو ھو ڪہ، ’جوئو، اَي کائُو ھانَ شرابِي ھَي ھانَ ناڪو ليوَڻ آݪون ھانَ پاپيون رو يار ھَي۔ پڻ جڪو ايشوَر رَي باتون منَي ھَي، اُوئي رَي ڪومون ݾون خبر پڙَي ھَي ڪہ ايشوَر ݾاچو ھَي۔‘“
توبھون نِي ڪرڻ آݪون تي ڏُک
20 جڪَي شھرون ۾ پرڀُو يسُوع پرچا ڪيئا ھتا ھانَ اوٿ رَي مِنکون توبھون ڪونھي ڪِي ھتِي، اُوئون تي پرڀُو يسُوع ڏُک ڪري ڪيوَڻ لاگو ڪہ، 21 ”ڏُک ھَي ٿون تي اي خرازين ھانَ بيت صيدا شھر رَي مِنکون، ڪيونڪہ جڪو موٽا موٽا پرچا ٿون ۾ ڪيئا گيا ھَي، جي او صُور ھانَ صيدا شھر ۾ ڪيئا جائُون تو، تو اوٿ را مِنک ڪڏي ݾون کٿا اوڍي ھانَ ماٿَي ۾ راک گھاتي توبھون ڪرون تو۔ 22 پڻ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جڏي ايشوَر دُنيا رو اِنصاف ڪرشَي، تو اُوئي ڏِن ٿونَي صُور ھانَ صيدا شھر ݾون ڀِي وڌيڪ سزا ملشَي۔ 23 اي ڪفرنَحُوم شھر، ڪِي تُو ݾمجَھي ھَي ڪہ تُو آڪاش تي کڻيو جائِي؟ نا، پڻ تُو نرگ ۾ نوکيو جائِي، ڪيونڪہ جڪو پرچا ٿَي ۾ ھويا ھَي، جي او سدُوم شھر ۾ ھويا ھووَنت، تو او آج ڏِن توڻي آباد ھوئي جائُون تو۔ 24 ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ اُوئي ڏِن جڏي ايشوَر دُنيا رو اِنصاف ڪرشَي، تو ٿارِي حالت سدُوم شھر ݾون ڀِي وڌيڪ خراب ھوشَي۔“
پرڀُو يسُوع ڪڍي آوڻ
25 اُوئي ٽيم پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اي پِتا، آڪاش ھانَ ڌرتي را مالڪ، ھُون ٿارو شُڪر ڪرون ھون ڪہ ٿَي اَي باتون ڏاھون ھانَ ݾمجھدار مِنکون ݾون لِڪائَي، پڻ اٻوجھ مِنکون تي ظاھر ڪيئَي۔ 26 ھاوي اَبا، ٿَي اَي ݾجو آپرِي مرضِي ھانَ خُوشِي ݾون ڪيئو ھَي۔“ 27 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارَي پِتا مھنَي ھر ھيڪ شئي رِي اِختياري ڏينِي ھَي۔ پِتا ݾون ٽاݪ ڪينَي ڀِي خبر ڪونھي ڪہ ڏيڪرو ڪُڻ ھَي ھانَ ڏيڪرَي ݾون ٽاݪ ڪينَي ڀِي خبر ڪونھي ڪہ پِتا ڪُڻ ھَي۔ ايشوَر نَي رُگو او مِنک اوݪکي ݾگھَي ھَي، جڪَي نَي رُگو ڏيڪرو ظاھر ڪرَي۔ 28 ٿي جڪو موٽا ڀار کڻي ٿڪي گيا ھو، ݾجائِي مھَي ڪڍي آئو، تو ھُون ٿونَي آروم ڏئين۔ 29 مھارِي پنجاݪِي آپ تي کڻو ھانَ مھَي ݾون ݾيکو، ڪيونڪہ ھُون من رو نِرمل ھانَ دايالُو ھون۔ ھُون ٿونَي آروم ڏئين، 30 ڪيونڪہ مھارِي پنجاݪِي ھلڪِي ھَي ھانَ کڻڻ ۾ ݾَوَلِي ھَي۔“