ٻارھَي سنتون نَي اِختياري ڏيوَڻ
10
پرڀُو يسُوع آپرَي ٻارھون چيلون نَي آپ ڪڍي اَڻايا ھانَ اُوئون نَي اِختياري ڏينِي ڪہ او مِنکون ݾون ڀُوت ڪاڍَي ھانَ ھر نمُونَي رَي بيمارَي ھانَ ڏُک مِٽاوَي۔ ‏2 اُوئون ٻارھون سنتون را نون اَي ھَي، پيلڪو شمعُون جڪَي نَي پطرس ڀِي ڪيتا ھانَ اُوئي رو ڀائي اندرياس، يعقُوب ھانَ اُوئي رو ڀائي يُوحنا جڪو زبدي را ڏيڪرا ھتا۔ ‏3 فِلپس ھانَ برتلمائي، تُوما ھانَ ناڪو ليوَڻ آݪو متِي، حلفي رو ڏيڪرو يعقُوب ھانَ تدائي، ‏4 وطن دوست شمعُون ھانَ يھُودا اِسڪريُوتِي، جڪَي پَڇي دوکو ڏي پرڀُو يسُوع نَي جھلايو۔
پرڀُو يسُوع رو ٻارھَي سنت ميلڻ
‏5 پرڀُو يسُوع اِيئون ٻارھون سنتون نَي ݾمجھائي بَئير ڪيئا ڪہ، ”ٿي ٻيجَي قومون رَي ڪَي ڀِي علائقَي جون سامري قوم رَي شھرون ڏيݾا نِي جايا۔ ‏6 پڻ اِسرائيلي قوم رَي اُوئون مِنکون ڪڍي جايا، جڪو گُميجوڙَي رڍون آݪِي ڪار ھَي۔ ‏7 جيٿ ڀِي جائو، تو اَي ݾُڻايا ڪہ آڪاش رِي بادشاھي نيڙِي آئِي رِي۔ ‏8 بيمار ݾاجا ڪريا، مُوئوڙا جيتا ڪريا، ڪوڙھيا ݾاجا ڪري آڇا اُوجݪا ڪريا ھانَ مِنکون را ڀُوت ڪاڍيا۔ مھَي ٿونَي اَي ڪوم ڪرڻ رَي ݾارُو مُکت ۾ اِختياري ڏينِي ھَي، اِيئي رَي ڪري ٿي ڀِي مِنکون نَي مُکت ۾ ݾاجا ڪريا۔ ‏9 ٿي آپ ڀيڙو ݾونَ، چوندِي جون پَشا نِي ليا۔ ‏10 مُسافرِي رَي ݾارُو آپ ڀيڙو نِي ٿيلو، نِي پيرڻ رَي ݾارُو ٻيجِي کميݾ، نِي ٻيجا جُتا ھانَ نِي گيڏِي ليا، ڪيونڪہ مزُور آپرِي مزُورِي رو حقدار ھَي ڪہ اُوئي نَي ڪوم رَي بدلَي ٻاٽِي ملَي۔ ‏11 جڏي ٿي ڪَي شھر جون گون ۾ جائو، تو اھڙَي عِزت آݪَي مِنک رِي پُوڇا ڪريا، جڪو ٿونَي آپرَي گھري لي جاوَي۔ ٿي اُوئي رَي گھري اُترِي توڻي رھيا، جترِي توڻي اوٿ ݾون بَئير نِي ھوئو۔ ‏12 جڏي ٿي ڪيرَي گھري جائو، تو اُوئي گھر رِي خيريت رَي ݾارُو پراٿنا ڪريا۔ ‏13 جي اُوئي گھر رَي مِنکون ٿونرِي عِزت ڪِي، تو ٿونرِي مونگيوڙِي پراٿنا ݾون ايشوَر رو ݾُک اُوئون نَي ملشَي۔ جي او ٿونرِي عِزت ڪونھي ڪرَي، تو اُوئون نَي ايشوَر رو ݾُک ڀِي ڪونھي ملَي۔ ‏14 جي ڪُڻ ٿونَي نِي آوڻ ڏَي ھانَ ٿونرِي بات نِي ݾُڻَي، تو ٿي اُوئي شھر جون گون ݾون نڪرتَي بِݪا آپرَي پگون رِي مٽِي اوٿج ڇنڊي ڇوڙيا۔ ‏15 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ اُوئي ڏِن جڏي ايشوَر دُنيا رو اِنصاف ڪرشَي، تو اوٿ رَي مِنکون رِي حالت سدُوم شھر ھانَ عمُورا شھر ݾون ڀِي وڌيڪ خراب ھوشَي۔“
ڏُک مُصيبتون رَي بارَي ۾ اگڪٿَي
‏16 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جوئو، ھُون ٿونَي رڍون آݪِي ڪار بگڙون ۾ ميلون ھون۔ اِيئي رَي ڪري ٿي ناگ آݪِي ڪار ھوشيار ھانَ ڪٻُوتر آݪِي ڪار ڀوݪا رو۔ ‏17 پڻ مِنکون ݾون ھوشيار رھيا، ڪيونڪہ او ٿونَي ڌرمي پنچائيت آگھي جھالي لي جاشَي ھانَ ٿونَي آپرَي ڀگتي گھرون ۾ چاٻڪ ھڻشَي۔ ‏18 او ٿونَي مھارَي ڪري بادشاھون ھانَ اَگووڻون ڪڍي لي جاشَي ھانَ ٿونَي موقعيو ملشَي ڪہ ٿي اُوئون نَي ھانَ ٻيجَي قومون نَي خُوشِي رِي خبر ݾُڻائو۔ ‏19 پڻ جڏي او ٿونَي جھالي لي جاوَي، تو گڻتِي نِي ڪريا ڪہ ڪھڙِي بݪتِي ڏيوَڻِي ھَي، ڪيونڪہ جڪو ڀِي ٿونَي ڪيوَڻو ھوشَي، او ٿونَي اُوئيج ٽيم ݾُڻايو جاشَي۔ ‏20 ٿي آپ ڪونھي ٻولو، پڻ ٿونرَي آڪاشِي پِتا رو پويتر آتما ٿونَي ݾُڻاشَي ڪہ ٿونَي ڪِي ڪيوَڻو ھَي۔
‏21 ڀائي ڀائي نَي ھانَ ٻاپ ڏيڪرَي نَي مراوڻ رَي ݾارُو جھلاشَي۔ ڏيڪرا آپرَي ما ٻاپ رَي خلاف ھوئي اُوئون نَي مرائي ڇوڙشَي۔ ‏22 مھارَي نون رَي ڪري ݾجائِي مِنک ٿون ݾون نفرت ڪرشَي، پڻ جڪو آخر توڻي مھارَي باتون تي بيشَي، تو اُوئي نَي مُگتي ملشَي۔ ‏23 جڏي مِنک ٿونَي ڪَي شھر ۾ ڏُک ڏَي، تو ٿي ٻيجَي شھر ناݾي جايا۔ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ ٿي اِسرائيل مُلڪ رَي ݾجَي شھرون ۾ آپرو ڪوم اَڃون پُورو ئِي ڪونھي ڪرو، تو ھُون مُنش پُتر آئي جائين۔
‏24 ڪو ڀِي چيلو آپرَي گُرو ݾون موٽو ڪونھي ھانَ نَڪو غُلوم آپرَي مالڪ ݾون موٽو ھَي۔ ‏25 چيلَي رَي ݾارُو ڀلو اَي ھَي ڪہ او آپرَي گُرو جھڙو ھووَي ھانَ غُلوم آپرَي مالڪ جھڙو ھووَي۔ جي مِنک گھر رَي مالڪ نَي ڀُوتون رو ݾردار بعل زبُول ڪشَي، تو اُوئي رَي خاندان نَي اُوئي ݾون ڀِي وڌيڪ ڪِنا ڪشَي۔
ڪَي ݾون ٻيئاجڻ کپَي
‏26 ٿي اُوئون ݾون نِي ٻيئاجا، ڪيونڪہ اھڙِي ڪو ڀِي لِڪيوڙِي شئي ڪونھي جڪو ظاھر نِي ڪِي جاوَي ھانَ ڪئين ڀِي لِڪيوڙو ڪونھي جڪو پَڌرو نِي ڪيئو جاوَي۔ ‏27 جڪو باتون ھڻون ھُون انڌارَي ۾ ݾُڻائُون پڙيو، او ٿي ڏِن رَي اُجاݪَي ۾ ݾُڻايا ھانَ جڪو ڪئين ھُون ٿونرَي ڪونَ ۾ ڪونھ ھون، او ٿي ڇِتون ݾون ايلون ڪري ݾُڻايا۔ ‏28 اُوئون ݾون نِي ٻيئاجو جڪو رُگو ݾَرير نَي مارَي ھَي، پڻ او آتما نَي ماري ڪونھي ݾگھتا۔ اِيئي رَي ڪري ايشوَر ݾون ٻيئاجو جڪو ݾَرير ھانَ آتما نَي ماري نرگ ۾ اُڇلائي ݾگھَي ھَي۔ ‏29 ڪِي ھيڪَي اونَي رَي ٻي چِڙڪَي ڪونھي بِڪتَي؟ پڻ اُوئون ۾ ھيڪ ڀِي ٿونرَي آڪاشِي پِتا رِي مرضِي ݾون ٽاݪ مرتِي ڪونھي۔ ‏30 ايشوَر نَي ٿونرَي ماٿَي رَي ھيڪَي ھيڪَي باݪ رِي ڀِي خبر ھَي۔ ‏31 اِيئي رَي ڪري نِي ٻيئاجو، ڪيونڪہ اُوئي آگھي ٿونرو قدر تو تموم گھڻَي چِڙڪيون ݾون ڀِي وڌيڪ ھَي۔
پرڀُو يسُوع نَي منڻ ھانَ نِي منڻ رو نتيجو
‏32 اِيئي رَي ڪري جڪو ڀِي مِنکون رَي رُوبرو مھنَي قبُول ڪرشَي، تو ھُون ڀِي آپرَي آڪاشِي پِتا رَي رُوبرو اُوئي نَي قبُول ڪرين، ‏33 پڻ جڪو مِنکون آگھي مھنَي قبُول ڪونھي ڪرَي، تو ھُون ڀِي اُوئي نَي آپرَي آڪاشِي پِتا رَي رُوبرو قبُول ڪونھي ڪرون۔
پرڀُو يسُوع رَي ڪري مِنکون رو خلاف ھوئڻ
‏34 اَي نِي ݾمجھو ڪہ ھُون ڌرتي تي صُلح ڪراوڻ آيو ھون۔ صُلح نا، پڻ جھيڙا جھگڙا ڪراوڻ آيو ھون، ‏35 ڪيونڪہ مھارَي آوڻ رَي ڪري ڏيڪرو ٻاپ رَي خلاف، ڏيڪرِي ما رَي خلاف ھانَ بوئارِي ݾاݾُو رَي خلاف ھوشَي۔ ‏36 اِنسون را گھر را ڀاتِي اُوئي را دُشمن ھوشَي۔ ‏37 جي ڪُڻ مھَي ݾون وڌيڪ آپرَي ما ٻاپ ھانَ آپرَي ڏيڪرَي ڏيڪريون ݾون پريم ڪرَي ھَي، تو او مھارو چيلو ھوئي ڪونھي ݾگھتو۔ ‏38 جي ڪُڻ آپرِي ݾُولِي کڻي مھارَي لاري ڪونھي بيتو يعني مھارَي ݾارُو ڏُک تڪليف ڏيکڻ ھانَ آپرِي جان ڏيوَڻ رَي ݾارُو تيار ڪونھي، تو او مھارو چيلو ھوئي ڪونھي ݾگھتو۔ ‏39 جڪو ڀِي آپرِي حياتِي بچاوڻ رِي ڪوشش ڪرشَي، تو او اُوئي اَمر جيوَن نَي گُماشَي، پڻ جڪو مھارَي ڪري آپرِي اَي حياتِي گُماشَي، تو اُوئي نَي اَمر جيوَن ملشَي۔ ‏40 جڪو ٿونَي قبُول ڪرَي ھَي، تو او مھنَي قبُول ڪرَي ھَي ھانَ جڪو مھنَي قبُول ڪرَي ھَي، تو او مھارَي ميلڻ آݪَي نَي قبُول ڪرَي ھَي۔ ‏41 جڪو اَي ݾمجَھي ھَي ڪہ نبِي ايشوَر رَي طرفون ھَي، تو اُوئي نَي نبِي جِترو ڦل ملشَي ھانَ جڪو نيڪ مِنک نَي نيڪ ݾمجَھي ھَي، تو اُوئي نَي نيڪ مِنک جِترو ڦل ملشَي۔ ‏42 جڪو ڀِي مھارَي چيلون ۾ ڪَي نِنئي ݾون نِنئي نَي مھارو چيلو ݾمجھي ھيڪ گِلاݾ ٺاڍَي پوڻي رو پياڙَي ھَي، تو ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ اُوئي نَي اِيئي رو ڦل ضرُور ملشَي۔“