پويتر ڏِن تي بيمار نَي ݾاجو ڪرڻ
14
ھيڪَي گُھمرَي پرڀُو يسُوع پويتر ڏِن رو فريسيون رَي ھيڪَي ݾردار رَي گھري دعوت تي گيو۔ اوٿ ڪئينڪہ فريسي، پرڀُو يسُوع نَي ڦاݾاوڻ رِي تاݪ ۾ ھتا۔ ‏2 اوٿ ھيڪ مِنک ھتو جڪَي را ھاٿ پگ بيمارِي رَي ڪري ݾُوجوڙا ھتا۔ ‏3 پرڀُو يسُوع، ڌرمي گُروئون ھانَ فريسيون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڪِي پويتر ڏِن رو ڪَي بيمار نَي ݾاجو ڪرڻ جائز ھَي، جون نا؟“ ‏4 پڻ اُوئون ڪو ڀِي بݪتِي ڪونھي ڏينِي۔ پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي بيمار تي آپرو ھاٿ راکي اُوئيج ٽيم ݾاجو ڪيئو ھانَ اُوئي نَي اوٿ ݾون بَئير ڪيئو۔ ‏5 پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”جي ٿون ۾ ڪيرو ڏيڪرو جون ڍگو پويتر ڏِن رو کُوھ ۾ کِرَي، تو ڪِي ٿي اُوئي نَي اُوئيج ٽيم کُوھ ݾون ٻاھر ڪاڍشو، جون نا؟“ ‏6 پڻ ڪو ڀِي بݪتِي ڏي ڪونھي ݾگھيو۔
نِوڙت ھانَ ميموڻِي رَي بارَي ۾ ݾيکاوڻ
‏7 جڏي پرڀُو يسُوع ڏيٺو ڪہ دعوت ۾ ميموڻ آگھي جائي ݾُٺِي جگھا تي ٻيݾڻ پسند ڪرَي ھَي، تو اُوئي اَي مِثال ڏينو ڪہ، ‏8 ”جي ٿنَي بيئان رِي دعوت ملَي، تو تُو آگھي جائي ݾُٺِي جگھا تي نِي ٻيݾ، ڪيونڪہ ھوئي ݾگھَي ھَي ڪہ دعوت ڏيوَڻ آݪَي او جگھا اھڙَي مِنک رَي ݾارُو راکِي ھووَي جڪو اُوئي رِي نظر ۾ ٿَي ݾون وڌيڪ عِزت آݪو ھووَي۔ ‏9 جي دعوت ڏيوَڻ آݪو ٿنَي آئي ڪَي ڪہ، ’اَي جگھا اِيئي نَي ڏي۔‘ تو پَڇي ٿارِي بي عِزتي ھوشَي ھانَ ٿنَي ݾجون ݾون لاري ٻيݾڻو پڙشَي۔ ‏10 اِيئي رَي ڪري جڏي ٿنَي دعوت ملَي، تو تُو ݾجون ݾون لاري ٻيݾ، جڏي دعوت ڏيوَڻ آݪو آپ آئي ٿنَي ڪشَي ڪہ، ’ادا آئي آگھي ٻيݾ۔‘ تو پَڇي اُوئون ݾجون رِي نظر ۾ ٿارِي تموم گھڻِي عِزت ھوشَي، جڪو ٿَي ڀيڙا دعوت ۾ آيا ھوشَي۔ ‏11 ڪيونڪہ جڪو آپرو آپنَي موٽو ݾمجَھي ھَي، او گھٽ ڪيئو جاشَي ھانَ جڪو آپنَي گھٽ ݾمجَھي ھَي، او موٽو ڪيئو جاشَي۔“
‏12 پَڇي پرڀُو يسُوع دعوت ڏيوَڻ آݪَي نَي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”جڏي تُو ڏِن رو جون رات رِي ٻاٽِي تيار ڪراوَي، تو آپرَي دوستون، ڀايون، عزيزون جون شاھُوڪار گون آݪا نِي اَڻا، متان او ڀِي ٿنَي دعوت ڏي اَڻاوَي ھانَ آپرو بدلو اُتارَي۔ ‏13 پڻ جڏي تُو دعوت ڪرَي، تو غريبون، منڊون لُولھون ھانَ اونڌون نَي اَڻا۔ ‏14 اِيئون ڪرڻ ݾون ايشوَر ٿنَي برڪت ڏيشَي، ڪيونڪہ اُوئون ڪڍي ٿارو بدلو اُتارڻ رَي ݾارُو ڪئين ڪونھي ھووَي۔ پڻ ٿنَي اِيئي رو بدلو ٻيجَي وِشواسيون ڀيڙو ڀڙي جيتا ھوئڻ آݪَي ڏِن ملشَي، جڏي ايشوَر جگت رو اِنصاف ڪرشَي۔“
موٽِي دعوت رو مِثال
‏15 پرڀُو يسُوع رَي اَي باتون ݾُڻي ھيڪَي ميموڻ ڪھيو ڪہ، ”ڌن ھَي او جڪو ايشوَر رِي بادشاھي ۾ دعوت کاشَي۔“ ‏16 پرڀُو يسُوع اَي ݾُڻي اُوئون نَي اَي مِثال ڏي ڪھيو ڪہ، ”ھيڪَي مِنک موٽِي دعوت ڪِي ھانَ تموم گھڻا مِنک اَڻايا۔ ‏17 جڏي ٻاٽِي تيار ھوئِي، تو اُوئي آپرو غُلوم ميليو ڪہ ميموڻون نَي ھيلو ڪري آوَي۔ ‏18 غُلوم ھيلو ڪرڻ گيو، پڻ ݾجائِي مِنک بَھونا ڪرڻ لاگا۔ پيلڪَي ڪھيو ڪہ، ’مھَي ٻنِي لِي ھَي جڪَي نَي جوئڻ رَي ݾارُو مھنَي ضرُور جاوڻو ھَي۔ اِيئي رَي ڪري مھربونِي ڪري مھارَي طرفون معافي مونگي، ڪيونڪہ ھُون آئي ڪونھي ݾگھون۔‘ ‏19 ٻيجَي ڪھيو ڪہ، ’مھَي پونچ جوڙا ڍگون را ليئا ھَي، اِيئي رَي ڪري مھنَي اُوئون نَي باوڻ رَي ݾارُو جاوڻو ھَي۔ مھربونِي ڪري مھارَي طرفون معافي مونگي، ڪيونڪہ ھُون آئي ڪونھي ݾگھون۔‘ ‏20 تيجَي مِنک ڪھيو ڪہ، ’مھارو تازو بيئان ھويو ھَي، اِيئي رَي ڪري ھُون آئي ڪونھي ݾگھون۔‘ ‏21 پَڇي غُلوم جائي ݾجِي بات آپرَي مالڪ نَي ݾُڻائِي، مالڪ ݾُڻي تموم گھڻو ڪاوڙيو ھانَ اُوئي آپرَي غُلوم نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ’ڇيڪو جا ھانَ شھر رَي مارگون ھانَ گھٽيون ۾ غريبون، منڊون لُولھون ھانَ اونڌون نَي ايٿ لي آ۔‘ ‏22 پَڇي غُلوم گيو ھانَ پاڇو آئي ڪھيو ڪہ، ’اي مالڪ، جون ٿون حُڪم ڏينو ھتو، مھَي اِيئوج ڪيئو، پڻ تو ڀِي اَڃون توڻي ميموڻون رَي ݾارُو جگھا بچوڙِي ھَي۔‘ ‏23 پَڇي مالڪ آپرَي غُلوم نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ’مارگون ھانَ ٻنِي تي جا ھانَ مِنکون نَي مجبُور ڪري دعوت ۾ لي آ، ڪہ مھارو گھر ڀريجَي۔ ‏24 ڪيونڪہ ھُون ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جڪو اَڻايوڙا ھَي، اُوئون ۾ ڪو ڀِي مھارِي ٻاٽِي چاکي ڪونھي ݾگھَي۔‘“
پرڀُو يسُوع را چيلا ھوئڻ را شرط
‏25 جڏي تموم گھڻا مِنک پرڀُو يسُوع لاري بيوَڻ لاگا، تو اُوئي پاڇل ڦوري ڪھيو ڪہ، ‏26 ”جي ڪُڻ مھارَي لاري آوَي، تو اُوئي نَي آپرا ما ٻاپ، لُگائِي، ٻاݪيا، ڀائي ھانَ ٻينون پڻ آپرِي جان ݾون وڌيڪ مھَي ݾون پريم ڪونھي ڪرتو، تو او مھارو چيلو ڪونھي ھوئي ݾگھتو۔ ‏27 جڪو ڀِي آپرِي ݾُولِي ڪونھي کڻتو يعني مھارَي ݾارُو ڏُک تڪليف ڏيکڻ ھانَ آپرِي جان ڏيوَڻ رَي ݾارُو تيار ڪونھي، تو او مھارو چيلو ھوئي ڪونھي ݾگھتو۔ ‏28 ڪيونڪہ ٿون ۾ اھڙو ڪو ڀِي ڪونھي جڪو ھيڪ موٽو مينار ٺڙاوڻ رو ݾوچَي، تو پيل ٻيݾي اندازو نِي ڪرَي ڪہ اُوئي ڪڍي مينار ٺڙاوڻ رَي ݾارُو ڪو سيمون ھَي، جون نا۔ ‏29 اِيئون نِي ھووَي ڪہ جڏي بُنياد ٺاوڻ ݾون پَڇي مينار ٺائي نِي ݾگھَي، تو ݾجائِي جوئڻ آݪا گَجر ڪري ڪشَي ڪہ، ‏30 ’اِيئي مِنک مينار رو ڪوم شرُوع تو ڪيئو ھَي، پڻ پُورو ڪونھي ڪرائي ݾگھيو۔‘ ‏31 جي ڪو بادشاھ ٻيجَي ڪَي بادشاھ ݾون بِڙھڻ جاوَي ھَي، تو او پيل ضرُور ٻيݾي ݾوچشَي ڪہ، ’ڪِي ھُون آپرِي ڏَݾ ھزار فوج ݾون دُشمن رِي بيݾ ھزار فوج ݾون بِڙھي ݾگھون ھون، جون نا؟‘ ‏32 جي او ݾمجَھي ھَي ڪہ ھُون کٽي ڪونھي ݾگھون، تو دُشمن اَڃون اݪگو ھوشَي، تو او بات ڪرڻ رَي ݾارُو آپرا خاص مِنک ميلشَي جڪو منوڻَي ڪرڻ را شرط پُوڇشَي۔ ‏33 اِيئي نمُونَي ٿون ۾ جي ڪُڻ آپرو ݾجو ڪئين ڇوڙَي ڪونھي، تو او مھارو چيلو ھوئي ڪونھي ݾگھتو۔“
بي ݾَوادو لُوڻ
‏34 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”لُوڻ تو ݾُٺو ھَي، پڻ جي لُوڻ رو ݾَواد ختم ھوتو جاوَي، تو اُوئي نَي ڪئِي شئي ݾون ݾَوادو ڪيئو جاشَي؟ ‏35 پَڇي او نَڪو ٻنِي رَي ڪوم رو رَي، نَڪو ڀوڻ رَي ڪوم رو۔ مِنک اُوئي نَي ٻاھر نوکَي ھَي۔ ݾُڻڻ آݪا ݾمجَھي را۔“