پرڀُو يسُوع رو جبل تي ݾيکاوڻ
5
پرڀُو يسُوع مِنکون نَي ڏيٺا، تو او جبل تي چڙھي گيو ھانَ جڏي او ٻيݾي رھيو، تو اُوئي را چيلا اُوئي ڪڍي آيا۔ ‏2 پَڇي او اُوئون نَي اِيئون ݾيکاوڻ لاگو ڪہ،
‏3 ”ڌن ھَي او جڪو دِل را غريب ھَي،
ڪيونڪہ آڪاش رِي بادشاھي رَي برڪتون اُوئون نَي ملشَي۔
‏4 ڌن ھَي او جڪو ڏُکون را ماريوڙا ھَي
ڪيونڪہ ايشوَر اُوئون نَي تسلِي ڏيشَي۔
‏5 ڌن ھَي او جڪو نِموڻا ھَي،
ڪيونڪہ ايشوَر اُوئون نَي ڌرتي را ڌڻِي ڪرشَي۔
‏6 ڌن ھَي او جڪو ݾچائي را بُوکيا ھانَ تِرݾيا ھَي،
ڪيونڪہ ايشوَر اُوئون نَي ضرُور ڍئو ڪراشَي۔
‏7 ڌن ھَي او جڪو ٻيجون تي دايا ڪرَي ھَي،
ڪيونڪہ ايشوَر اُوئون تي ڀِي دايا ڪرشَي۔
‏8 ڌن ھَي او جڪون را من صاف ھَي،
ڪيونڪہ او ايشوَر نَي ڏيکشَي۔
‏9 ڌن ھَي او جڪو ٻيجون را منوڻا ڪراوَي ھَي،
ڪيونڪہ او ايشوَر را ٻاݪ ڪھيجشَي۔
‏10 ڌن ھَي او جڪون نَي ايشوَر رَي مارگ تي،
بيوَڻ رَي ڪري ڏُک ڏينا جاوَي ھَي،
ڪيونڪہ آڪاش رِي بادشاھي رَي برڪتون اُوئون نَي ملشَي۔
‏11 ڌن ھو، ٿي جڏي مِنک مھارَي ڪري ٿونرِي بي عِزتي ڪرَي، ڏُک ڏَي ھانَ ھر نمُونَي را ڏوھ لگاوَي، ‏12 ڪيونڪہ مِنکون نبيون نَي ڀِي اِيئوج ڏُک ڏينا ھتا۔ ٿي تموم گھڻا خُوش ھويا، ڪيونڪہ آڪاش ۾ ٿونَي موٽو اَجر ملشَي۔“
لُوڻ ھانَ اُجاݪَي رو مِثال
‏13 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿي جگت رَي ݾارُو لُوڻ آݪِي ڪار ھو۔ جي لُوڻ آپرو ݾَواد ڇوڙي ڏَي، تو اُوئي نَي ڪئِي شئي ݾون ݾَوادو ڪيئو جاشَي؟ پَڇي او ڪَي ڀِي ڪوم رو ڪونھي رَي ھانَ بيڪار ھَي، او ٻاھر نوکيو جاشَي ھانَ مِنکون رَي پگون ھيٺا لتاڙيو جاشَي۔ ‏14 ٿي ݾجَي جگت رَي ݾارُو اُجاݪَي آݪِي ڪار ھو۔ جڪو شھر جبل تي ھَي، او لِڪي ڪونھي ݾگھتو۔ ‏15 ڪو ڀِي مِنک ڏِيئو ٻاݪي ڍڪ ھيٺا ڪونھي راکتو، پڻ اُوئي نَي اھڙِي جگھا تي راکَي ھَي، جيٿ ݾون ݾجَي گھر رَي ݾارُو اُجاݪو ھووَي۔ ‏16 اِيئي نمُونَي ٿونرو اُجاݪو يعني ٿونرا ݾُٺا ڪوم مِنکون ۾ اِيئوج ڏيکيجَي ڪہ او اُوئون نَي ڏيکي ٿونرَي آڪاشِي پِتا رِي بکوڻ ڪرَي۔“
شريعت رَي بارَي ۾ ݾيکاوڻ
‏17 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اَي نِي ݾمجھو ڪہ ھُون شريعت ھانَ نبيون رَي شاستر ۾ لِکيوڙَي باتون مِٽاوڻ آيو ھون۔ مِٽاوڻ نا، پڻ پُورَي ڪرڻ آيو ھون۔ ‏18 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جترِي توڻي آڪاش ھانَ ڌرتي مِٽَي ڪونھي، اُترِي توڻي شريعت رو ھيڪ ڀِي آکر جون نُقطو مِٽَي ڪونھي، جترِي توڻي ݾجَي باتون پُورَي نِي ھووَي۔ ‏19 اِيئي رَي ڪري جي ڪُڻ، رُگو ھيڪ نِنيو حُڪم توڙشَي ھانَ ٻيجَي مِنکون نَي ڀِي اِيئون ڪرڻ ݾيکاشَي، تو او آڪاش رِي بادشاھي ۾ ݾجون ݾون نِنيو ݾمجھو جاشَي۔ پڻ جڪو اُوئون حُڪمون تي بيشَي ھانَ ٻيجون نَي ڀِي اِيئون ڪرڻ ݾيکاشَي، تو او آڪاش رِي بادشاھي ۾ موٽو ھوشَي، ‏20 پڻ ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ جترِي توڻي ٿي ايشوَر رِي مرضِي پُورِي ڪرڻ ۾ ڌرمي گُروئون ھانَ فريسي مِنکون ݾون آگھي ڪونھي بڌو، اُترِي توڻي ٿي آڪاش رِي بادشاھي ۾ جائي ڪونھي ݾگھتا۔“
ريݾ نِي راکو
‏21 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿون ݾُڻيو ھوشَي ڪہ پِروڻَي زمونَي رَي مِنکون نَي ڪھيو گيو ھتو ڪہ، ’ٿي خُون نِي ڪريا ھانَ جڪو خُون ڪرشَي، تو اُوئي نَي ڪورٽ ۾ سزا ملشَي۔‘ ‏22 پڻ ھمَي ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ جڪو مِنک آپرَي ڀائي تي ريݾ راکَي ھَي، تو اُوئي نَي ڀِي ڪورٽ ۾ سزا ملشَي ھانَ جڪو آپرَي ڀائي نَي ڪالھو ڪشَي، تو اُوئي نَي موٽَي ڪورٽ ۾ سزا ملشَي ھانَ جڪو ڪَي ٻيجَي نَي بي وقوف ڪشَي، تو او نرگ رَي باݾڏي ۾ نوکيو جاشَي۔ ‏23 اِيئي رَي ڪري جڏي ٿنَي ٻَليدون رِي جگھا تي ٻَليدون ڪرتي بِݪا ياد آوَي ڪہ ٿارو ڀائي ٿَي ݾون ريݾاجوڙو ھَي، ‏24 تو تُو آپرو ٻَليدون اوٿج ڦِٽو ڪر ھانَ پيل جائي آپرو ڀائي مَنا، پَڇي آئي ٻَليدون ڪر۔ ‏25 جي ڪُڻ ٿَي تي ڪيس ڪرَي، تو ڪورٽ ۾ جاوڻ ݾون پيل اُوئي ݾون مَنيج۔ اِيئون نِي ھووَي ڪہ او ٿنَي جَج ڪڍي لي جاوَي ھانَ جَج ٿنَي سزا ڏَي ھانَ پُوليس رَي حوالي ڪرَي ھانَ تُو جيل ۾ جاوَي۔ ‏26 ھُون ٿنَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جترِي توڻي تُو ڏنڊ رو ٽڪو ٽڪو ڪونھي ڀرَي، اُترِي توڻي تُو ڪڏي ڀِي اوٿ ݾون نڪرَي ڪونھي۔“
زنا، نِي ڪرڻ رَي بارَي ۾ ݾيکاوڻ
‏27 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿون ݾُڻيو ھَي ڪہ، ’زنا نِي ڪريا۔‘ ‏28 پڻ ھمَي ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ جڪو مِنک ڪَي لُگائِي ڏيݾا بُڇڙِي اونک ݾون جووَي ھَي، تو اُوئي آپرَي من ۾ اُوئي ݾون زنا ڪيئو رو۔ ‏29 جي ٿارِي ݾاجِي اونک ٿَي ݾون پاپ ڪراوَي، تو اُوئي نَي ڪاڍي اُڇلائي ڇوڙ، ڪيونڪہ ٿارَي ݾارُو ݾُٺو ھَي ڪہ ٿارَي ݾَرير ݾون ھيڪ عُضبو بُوئو جاوَي، پڻ ٿارو ݾجو ݾَرير نرگ ݾون بچي جاوَي۔ ‏30 جي ٿارو ݾاجو ھاٿ ٿنَي پاپ ڪراوَي، تو اُوئي نَي باڍي اُڇلائي ڇوڙ، ڪيونڪہ ٿارَي ݾارُو ݾُٺو ھَي ڪہ ٿارَي عُضوون ۾ ھيڪ عُضبو بُوئو جاوَي، پڻ ٿارو ݾجو ݾَرير نرگ ݾون بچي جاوَي۔“
طلاق رَي بارَي ۾ ݾيکاوڻ
‏31 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اَي ڀِي ڪھيوڙو ھتو ڪہ، ’جڪو ڀِي آپرِي لُگائِي نَي طلاق ڏي تگڙَي، تو او اُوئي نَي طلاق رو ڪاگڏ لِکي ڏَي۔‘ ‏32 پڻ ھمَي ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جڪو ڀِي آپرِي لُگائِي نَي بُڇڙَي ڪوم ݾون ٽاݪ ڪَي ٻيجِي بات رَي ڪري طلاق ڏَي، تو او اُوئي ݾون زنا ڪراوَي ھَي۔ جڪو اُوئي طلاق ڏينوڙِي لُگائِي ݾون بيئان ڪرَي ھَي، تو او ڀِي زنا ڪرَي ھَي۔“
ݾونݾ نِي ليوَڻ رَي بارَي ۾ ݾيکاوڻ
‏33 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿون اَي ڀِي ݾُڻيو ھَي ڪہ اگلَي زمونَي رَي مِنکون نَي ڪھيوڙو ھتو ڪہ، ’آپرا ݾونݾ نِي ڀونگو، پڻ پرميشوَر آگھي آپرا ݾونݾ پُورا ڪرو۔‘ ‏34 پڻ ھمَي ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ ݾونݾ ڪڏي ڀِي نِي لِئو، نِي آڪاش رو ڪيونڪہ او ايشوَر رو تخت ھَي، ‏35 نِي ڌرتي رو ݾونݾ لِئو، ڪيونڪہ او ايشوَر رَي پگون رِي ݾندلِي ھَي ھانَ نِي يروشلم رو، ڪيونڪہ او موٽَي بادشاھ رو شھر ھَي۔ ‏36 نِي ٿي آپرو ݾونݾ لِئو، ڪيونڪہ ٿي آپرَي ماٿَي رو ھيڪ ڀِي باݪ ڪاݪو جون آڇو ڪري ڪونھي ݾگھتا۔ ‏37 پڻ ٿي رُگو ھاوي جون نا ڪو، اِيئي ݾون وڌيڪ ڪيوَڻ شيطونِي ھَي۔“
بدلو نِي ليوَڻ رَي بارَي ۾ ݾيکاوڻ
‏38 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿون ݾُڻيو ھَي ھانَ اَي ڪھيوڙو ھتو ڪہ، ’اونک رَي بدلَي اونک ھانَ ڏونت رَي بدلَي ڏونت۔‘ ‏39 پڻ ھمَي ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ جي ڪو مِنک ٿونرو ڏوھ ڪرَي، تو اُوئي ݾون بدلو نِي لِئو۔ پڻ جي ڪُڻ ٿونرَي ھيڪَي گال تي ٿاپ ھڻَي، تو اُوئي نَي آپرو ٻيجو گال ڀِي ڦيرائي ڏيئو۔ ‏40 جي ڪو مِنک ٿارِي کميݾ ليوَڻ رَي ݾارُو ٿَي تي ڪيس ڪرَي، تو اُوئي نَي آپرو جُبو ڀِي ڏي ڇوڙ۔ ‏41 جي ڪُڻ ٿنَي بيگر ۾ ھيڪ ڪِلو ميٽر لي جاوَي، تو تُو اُوئي ڀيڙو ٻي ڪِلو ميٽر جا۔ ‏42 جي ڪُڻ ٿَي ݾون ڪئين مونگَي، تو اُوئي نَي ڏي ھانَ جي ڪُڻ ٿَي ݾون اوڌار مونگَي، تو اِنڪار نِي ڪر۔“
آپرَي دُشمنون ݾون پريم ڪرو
‏43 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿون ݾُڻيو ھَي ڪہ اَي ڀِي ڪھيوڙو ھتو ڪہ، ’آپرَي دوستون ݾون پريم ڪرو ھانَ آپرَي دُشمنون ݾون نفرت۔‘ ‏44 پڻ ھمَي ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ آپرَي دُشمنون ݾون پريم ڪرو ھانَ جڪو ٿونَي ڏُک ڏَي ھَي، اُوئون رَي ݾارُو پراٿنا ڪرو، ‏45 ڪہ ٿونرو پِتا جڪو آڪاش ۾ ھَي ٿي اُوئي را ٻاݪ ھوئو، ڪيونڪہ او ڀلون ھانَ ڀُونڏون تي آپرو ڏِن ھيڪ جھڙو اُگاوَي ھَي ھانَ او ݾاچون ھانَ ڪُوڙون تي ھيڪ جھڙو مي برݾاوَي ھَي۔ ‏46 جي ٿي رُگو اُوئون ݾون پريم ڪرو ھو جڪو ٿون ݾون پريم ڪرَي ھَي، تو پَڇي ٿونَي ڪھڙو اِنوم ملشَي؟ ناڪو ليوَڻ آݪا ڀِي اِيئوج ڪرَي ھَي۔ ‏47 جي ٿي رُگو آپرَي دوستون نَي نمسڪار ڪرو ھو، تو اَي ڪھڙِي موٽِي بات ھَي؟ ڪيونڪہ ٻيجِي قوم آݪا ڀِي، جڪو ايشوَر نَي ڪونھي منتا، او ڀِي اِيئوج ڪرَي ھَي۔ ‏48 پڻ ٿي ھر ھيڪ بات ۾ ڪامل ھوئو، جھڙَي نمُونَي ٿونرو آڪاشِي پِتا ڪامل ھَي۔“