خيرات ڏيوَڻ رَي بارَي ۾ ݾيکاوڻ
6
پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”خبردار، ٿي نيڪ ڪوم مِنکون نَي بتاوڻ ݾارُو نِي ڪرو۔ جي ٿي اِيئون ڪرشو، تو ٿونَي آڪاشِي پِتا ݾون ڪو ڀِي اَجر ڪونھي ملَي۔ ‏2 اِيئي رَي ڪري ٿي ٺَگ مِنکون آݪِي ڪار خيرات نِي ڪرو، جڪو ڀگتي گھرون ھانَ بازارون ۾ آپرِي مشھُورِي رَي ݾارُو ڪرَي ھَي۔ او اِيئي رَي ڪري اِيئون ڪرَي ھَي ڪہ مِنک ڏيکي اُوئون رِي بکوڻ ڪرَي۔ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ اُوئون نَي آپرو اَجر مِليو رو۔ ‏3 پڻ جڏي ٿي خيرات ڪرو، تو ٿونرَي کاٻَي ھاٿ نَي خبر نِي پڙَي ڪہ ٿونرَي ݾاجَي ھاٿ ڪِي ڪيئو ھَي۔ ‏4 اِيئي نمُونَي ٿونرِي ڏينوڙِي خيرات رِي ڪينَي ڀِي خبر نِي پڙَي، تو پَڇي ٿونرو آڪاشِي پِتا جڪو ݾجو ڪئين ڏيکَي ھَي، اوج ٿونَي اُوئي رو اَجر ڏيشَي۔“
پرڀُو يسُوع رو چيلون نَي پراٿنا ݾيکاوڻ
‏5 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڏي ٿي پراٿنا ڪرو، تو ٺَگ مِنکون آݪِي ڪار نِي ڪرو، ڪيونڪہ او ڀگتي گھرون ھانَ بازار رَي چوڪ تي اُڀي پراٿنا ڪرڻ ڀلو ݾمجَھي ھَي۔ او اِيئي رَي ڪري اِيئون ڪرَي ھَي ڪہ مِنک اُوئون رِي نيڪِي ڪرَي۔ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ اُوئون نَي آپرو اَجر مِليو رو۔ ‏6 پڻ جڏي ٿي پراٿنا ڪرو، تو آپرَي گھر ۾ جائو ھانَ در بند ڪري آپرَي آڪاشِي پِتا ݾون پراٿنا ڪرو، تو پَڇي ٿونرو آڪاشِي پِتا جڪو ٿونرا لِڪيوڙا ڪوم ڏيکَي ھَي، اوج ٿونَي اُوئي رو اَجر ڏيشَي۔ ‏7 پراٿنا ڪرتَي بِݪا ٻيجَي قومون آݪِي ڪار اجايا آکر نِي ٻولو، ڪيونڪہ او ݾمجَھي ھَي ڪہ مھورِي موٽِي پراٿنا ڪرڻ ݾون مھورِي ݾُڻِي جاشَي۔ ‏8 اِيئي رَي ڪري ٿي اُوئون جھڙا نِي ھوئو، ڪيونڪہ ٿونرَي آڪاشِي پِتا نَي ٿونرَي مونگڻ ݾون پيل خبر ھَي ڪہ ٿونَي ڪئِي شئي کپَي۔ ‏9 اِيئي رَي ڪري جڏي ٿي پراٿنا ڪرو، تو اِيئون ڪو،
’اي مھورا پِتا، تُو جڪو آڪاش تي ھَي،
ٿارو نون پويتر منيو جاوَي،
‏10 ٿارِي بادشاھي آوَي،
ٿارِي مرضِي جون آڪاش تي پُورِي ھووَي ھَي،
اِيئوج ڌرتي ماٿَي ڀِي ھووَي۔
‏11 مھورِي روز رِي ٻاٽِي آج مھونَي ڏي۔
‏12 جون مھي آپرَي ڏوھاريون نَي معاف ڪرون ھون،
اِيئوج تُو مھورا پاپ مھونَي معاف ڪر۔
‏13 مھونَي پاپ رَي آزمُوتَي ۾ نِي پڙڻ ڏي،
پڻ بُڇڙائي ݾون بچا،
[ڪيونڪہ بادشاھي، قُدرت ھانَ مھما ھميشا ٿارِي ھَي۔‘]
‏14 جي ٿي مِنکون را ڏوھ معاف ڪرشو، تو ٿونرو آڪاشِي پِتا ڀِي ٿونرا ڏوھ معاف ڪرشَي۔ ‏15 جي ٿي مِنکون را ڏوھ معاف ڪونھي ڪرو، تو ٿونرو آڪاشِي پِتا ڀِي ٿونرا ڏوھ معاف ڪونھي ڪرَي۔“
روزَي رَي بارَي ۾ ݾيکاوڻ
‏16 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڏي ٿي روزو راکو، تو ٺَگ مِنکون آݪِي ڪار نِي ڪرو، ڪيونڪہ او آپرو مونڏو اِيئي رَي ڪري بِگاڙَي ھَي ڪہ مِنک اُوئون نَي روزَي آݪا ݾمجَھي۔ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ اُوئون نَي آپرو اَجر مِليو رو۔ ‏17 پڻ جڏي ٿي روزو راکو، تو آپرو مونڏو ڌوئو ھانَ ماٿَي تي تيل لگائو۔ ‏18 اِيئي رَي ڪري مِنک نا، پڻ ٿونرو آڪاشِي پِتا جڪَي ݾون ٿونرو ڪو ڀِي ڪوم لِڪيوڙو ڪونھي، او ڏيکَي ڪہ ٿون روزو راکيو ھَي۔ اوج ٿونَي اُوئي رو اَجر ڏيشَي۔“
آڪاش تي ڌن ڀيڙو ڪرڻ
‏19 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”آپرَي ݾارُو ڌرتي تي ڌن ڀيڙو نِي ڪرو، جيٿ ڪيڙا ھانَ ڪٽ اُوئي نَي خراب ڪرَي ھَي ھانَ جيٿ چور چورِي ڪرَي۔ ‏20 پڻ آپرَي ݾارُو آڪاش تي ڌن ڀيڙو ڪرو، جيٿ نَڪو ڪيڙا، نَڪو ڪٽ اُوئي نَي خراب ڪرتا ھانَ نَڪو چور چورِي ڪرتا، ‏21 ڪيونڪہ جيٿ ٿونرو ڌن ھَي ٿونرو من ڀِي اوٿج لاگوڙو ريشَي۔“
اونکَي ݾَرير رَي ݾارُو ڏِيئو
‏22 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اونکَي ݾَرير رَي ݾارُو ڏِيئي آݪِي ڪار ھَي۔ اِيئي رَي ڪري جي ٿونرَي اونکَي ݾاجَي ھَي، تو ٿونرو ݾجو ݾَرير اُجاݪَي ۾ ھوشَي۔ ‏23 پڻ جي ٿونرَي اونکَي خراب ھَي، تو ݾجو ݾَرير انڌارَي ۾ ھوشَي۔ اِيئي نمُونَي جي ٿونرَي من ۾ ايشوَر رو اُجاݪو ڪونھي، تو پَڇي انڌارو ئِي انڌارو ھوشَي۔“
ايشوَر ھانَ ڌن
‏24 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جھڙَي نمُونَي ڪو ڀِي مِنک ھيڪَي ٽيم ۾ ٻيئون مالڪون رِي شيوا ڪري ڪونھي ݾگھتو، ڪيونڪہ جون تو ھيڪَي رِي گِلا ڪرشَي ھانَ ٻيجَي ݾون پريم ڪرشَي جون ھيڪَي ݾون وفادار ريشَي ھانَ ٻيجَي ݾون دگا ڪرشَي۔ اِيئي نمُونَي ٿي ايشوَر ھانَ ڌن ٻيئون رِي شيوا ڪري ڪونھي ݾگھتا۔ ‏25 اِيئي رَي ڪري ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ آپرِي زندگِي رَي ضرُورتون رِي گڻتِي نِي ڪرو ڪہ مھي ڪِي کاشون، ڪِي پيشون ھانَ ڪِي پيرشون؟ ڪيونڪہ زندگِي کاڌَي ݾون ھانَ ݾَرير گاڀون ݾون وڌيڪ قيمتي ھَي۔ ‏26 پکيون نَي جوئو۔ او نَڪو پوک پوکتا، نَڪو لٻارو ڪرتا ھانَ نَڪو اُوئون را گُدوم ھَي، تو ڀِي ٿونرو آڪاشِي پِتا اُوئون نَي کاوڻ رَي ݾارُو ڏَي ھَي۔ پڻ ٿونرو قدر تو پکيون ݾون ڀِي وڌيڪ ھَي۔ ‏27 ڪِي ٿون ۾ ڪو اھڙو ھَي، جڪو گڻتِي ڪري آپرِي حياتِي رو ھيڪ مِنٽ ڀِي بڌائي ݾگھَي؟ ‏28 ٿي گڻتِي نِي ڪرو ڪہ مھي ڪِي پيرشون۔ جھنگ را گُل ڌھيون ݾون جوئو ڪہ او ڪيڪر تو موٽا ھووَي ھَي، او نَڪو محنت ڪرتا نَڪو گاڀا ٺاوتا۔ ‏29 ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ اِڏَي مونَ مرتبَي آݪَي سُليمون بادشاھ ڀِي اھڙِي پوشاڪ ڪونھي پيرِي۔ ‏30 جھنگ رو گاݾ جڪو آج ھَي، ݾووارَي چَر ۾ ٻاݪيو جاشَي، اُوئي نَي ڀِي ايشوَر ڦُوٽرِي پوشاڪ پيراوَي ھَي، تو اي گھٽ وِشواس آݪون، ڪِي او ٿونَي اھڙِي پوشاڪ ڪونھي پيراوَي؟ ‏31 اِيئي رَي ڪري آپرِي زندگِي رَي ضرُورتون رِي گڻتِي نِي ڪرو ڪہ مھي ڪِي کاشون، ڪِي پيشون ھانَ ڪِي پيرشون؟ ‏32 ڪيونڪہ اُوئون ݾجون شيون لاري ٻيجَي قومون بَي ھَي، پڻ ٿونرَي آڪاشِي پِتا نَي خبر ھَي ڪہ ٿونَي اُوئون ݾجَي شيون رِي ضرُورت ھَي۔ ‏33 ٿي پيل ايشوَر رِي بادشاھي ۾ ھانَ اُوئي رَي حُڪمون تي بيتا رو، تو پَڇي اَي ݾجَي شيون ٿونَي مِلي جاشَي۔ ‏34 اِيئي رَي ڪري گڻتِي نِي ڪرو ڪہ ݾووارَي ڪِي ھوشَي، پڻ ݾوارڪو ڏِن ھاڦي آپرِي گڻتِي ڪرشَي۔ آج رَي ݾارُو آج رو ڏُک گھڻو ئِي ھَي۔“