پرڀُو يسُوع رو ٺَگون ݾون ھوشيار ڪرڻ
12
اُوئي ٽيم پرڀُو يسُوع رَي چوڌاري ھزاري مِنک آئي ڀيڙا ھويا، اترِي توڻي ڪہ مِنک ھيڪَي ٻيجَي ماٿَي کِرڻ لاگا۔ اِيئي تي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي فريسي مِنکون رِي ٺَگِي ݾون ھوشيار رھيا، ڪيونڪہ او کَمير آݪِي ڪار ھَي جڪو آٽَي ۾ مِلاوڻ ݾون آٽَي نَي ڦُولائي ڇوڙَي ھَي۔ ‏2 بيشڪ ايشوَر مِنکون رَي ݾجَي ڍڪيوڙَي شيون پڌرَي ڪرشَي ھانَ ھر ھيڪ لِڪيوڙِي بات ظاھر ڪرشَي۔ ‏3 اِيئي رَي ڪري جڪو ڪئين ٿون انڌارَي ۾ ڪھيو ھَي، او اُجاݪَي ۾ ݾُڻايو جاشَي ھانَ جڪو باتون ٿون بند ڪمرون ۾ ڪيئَي ھَي، او اُونچِي جگھا ݾون ايلون ڪري ݾُڻايو جاشَي۔“
ڪَي ݾون ٻيئاجڻ کپَي
‏4 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”دوستون، ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ اُوئون ݾون نِي ٻيئاجو جڪو ݾَرير نَي مارَي ھَي۔ او اِيئي ݾون ٽاݪ ڪئين ڪونھي ڪري ݾگھتا۔ ‏5 پڻ ايشوَر ݾون ٻيئاجو، ڪيونڪہ اُوئي ڪڍي پُورِي اِختياري ھَي ڪہ او مارَي ھانَ نرگ ۾ نوکَي۔ اِيئي رَي ڪري ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ رُگو ايشوَر ݾون ٻيئاجتا رو۔
‏6 ڪِي ٻيئون اونون رَي پونچ چِڙڪَي ڪونھي بِڪتَي؟ تو ڀِي ايشوَر اِيئون چِڙڪيون ۾ ڪينَي ڀِي ڪونھي پونترتو۔ ‏7 ايشوَر نَي ٿونرَي ماٿَي رَي ھيڪَي ھيڪَي باݪ رِي ڀِي خبر ھَي۔ اِيئي رَي ڪري نِي ٻيئاجو، ڪيونڪہ اُوئي آگھي ٿونرو قدر تو تموم گھڻَي چِڙڪيون ݾون ڀِي وڌيڪ ھَي۔“
پرڀُو يسُوع نَي منڻ ھانَ نِي منڻ رو نتيجو
‏8 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ جڪو ڀِي مِنکون رَي رُوبرو مھنَي قبُول ڪرشَي، تو ھُون مُنش پُتر ڀِي ايشوَر رَي فريشتون رَي رُوبرو اُوئي نَي قبُول ڪرين۔ ‏9 پڻ جڪو مِنکون آگھي مھنَي قبُول ڪونھي ڪرَي، تو ھُون ڀِي ايشوَر رَي فريشتون رَي رُوبرو اُوئي نَي قبُول ڪونھي ڪرون۔
‏10 جي ڪُڻ مھَي مُنش پُتر رَي خلاف ڪو ڀِي بات ڪشَي، تو اُوئي نَي معاف ڪيئو جاشَي، پڻ جڪو پويتر آتما رَي خلاف بات ڪرشَي، تو اُوئي نَي ڪڏي ڀِي معافي ڪونھي ملَي۔
‏11 جڏي مِنک ٿونَي ڀگتي گھرون ۾ جون حاڪمون ھانَ اِختيار آݪون ڪڍي لي جاوَي، تو ٿي اُوئي ٽيم گڻتِي نِي ڪريا ڪہ ڪيڪر ھانَ ڪھڙِي بݪتِي ڏيوَڻِي ھَي۔ ‏12 ڪيونڪہ پويتر آتما اُوئيج ٽيم ٿونَي ݾُڻاشَي ڪہ ٿونَي ڪِي ڪيوَڻو ھَي۔“
بي عقل اَمير مِنک رو مِثال
‏13 پَڇي رش ۾ ھيڪَي مِنک پرڀُو يسُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”گُرو جِي، مھارَي ڀائي نَي ڪو ڪہ جڪو ملڪيت مھورَي اَبا مرڻ ݾون پَڇي مھورَي ݾارُو ڇوڙِي ھَي، اُوئي ۾ مھارو حِصو مھنَي ڏَي۔“ ‏14 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ادا، ٿونرو اِنصاف ڪرڻ جون حِصا بِݪاوڻ مھارو ڪوم ڪونھي۔“
‏15 پَڇي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ”خيال راکيا آپرو آپنَي ھر نمُونَي رِي لالچ ݾون بچائي راکيا، ڪيونڪہ مِنک رِي زندگِي گھڻَي ڌن مال تي ٻاڌوڙِي ڪونھي۔“
‏16 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ھيڪ مِثال ڏي ݾمجھايو ڪہ، ”ڪَي اَمير مِنک رِي ٻنِي ۾ تموم گھڻِي پوک ھوئِي۔ ‏17 اَمير مِنک آپرَي من ۾ ݾوچڻ لاگو ڪہ ھمَي ھُون ڪِي ڪرون؟ ڪيونڪہ مھَي ڪڍي ڌون راکڻ رِي اترِي جگھا ڀِي ڪونھي۔ ‏18 اُوئي ݾوچو ڪہ ھُون اِيئون ڪرين ڪہ آپرا گُدوم ڀونگائي اُوئون نَي موٽا موٽا ٺڙائين۔ پَڇي اُوئون ۾ آپرو ݾجوئي ڌون ھانَ ٻيجو سيمون ڀيڙو ڪري راکين۔ ‏19 پَڇي ھُون آپرو آپنَي ڪئين ڪہ ٿَي ڪڍي تموم گھڻَي ݾالون رَي ݾارُو تموم گھڻو ڌون ڀيڙو ڪيئوڙو ھَي۔ ھمَي آروم ݾون کا پِي ھانَ خُوش رَي۔ ‏20 پڻ ايشوَر اُوئي اَمير نَي ڪھيو ڪہ، ’تُو بي عقل ھَي، ڪيونڪہ آج رات تُو مري جائِي۔ پَڇي اَي ݾجو ڪئين جڪو ٿَي آپرَي ݾارُو ڀيڙو ڪيئو ھَي، او ٻيجون رو ھوئي جاشَي۔‘ ‏21 اِيئي رَي ڪري اھڙو مِنک جڪو ڌرتي تي آپرَي ݾارُو ڌن ڀيڙو ڪرَي ھَي، او ايشوَر رِي نظر ۾ اَمير ڪونھي۔“
ايشوَر تي وِشواس راکڻ
‏22 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”اِيئي رَي ڪري ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ آپرِي زندگِي رَي ضرُورتون رِي گڻتِي نِي ڪرو ڪہ مھي ڪِي کاشون ھانَ ڪِي پيرشون؟ ‏23 ڪيونڪہ زندگِي کاڌَي ݾون ھانَ ݾَرير گاڀون ݾون وڌيڪ قيمتي ھَي۔ ‏24 ھاڏون نَي جوئو، او نَڪو پوک پوکتا نَڪو لٻارو ڪرتا، نَڪو اُوئون را ڪمرا جون گُدوم ھَي، تو ڀِي ايشوَر اُوئون نَي کاوڻ رَي ݾارُو ڏَي ھَي۔ پڻ ٿونرو قدر تو پکيون ݾون ڀِي وڌيڪ ھَي۔ ‏25 ڪِي ٿون ۾ ڪو اھڙو ھَي جڪو گڻتِي ڪري آپرِي حياتِي رو ھيڪ مِنٽ ڀِي بڌائي ݾگھَي؟ ‏26 جي ٿي اترِي بات ڀِي ڪونھي ڪري ݾگھتا، تو پَڇي ٿي ٻيجَي شيون رَي ݾارُو ڪيئون گڻتِي ڪرو ھو؟ ‏27 جھنگ را گُل ڌھيون ڏي جوئو، او ڪيڪر تو بڌَي ھَي، او نَڪو محنت ڪرتا نَڪو گاڀا ٺاوتا۔ ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ اِڏَي مونَ مرتبَي آݪَي سُليمون بادشاھ ڀِي اھڙِي پوشاڪ ڪونھي پيرِي۔ ‏28 جھنگ رو گاݾ جڪو آج ھَي ھانَ ݾووارَي چَر ۾ ٻاݪيو جاشَي، اُوئي نَي ڀِي ايشوَر ڦُوٽرِي پوشاڪ پيراوَي ھَي، تو اي گھٽ وِشواس آݪون، ڪِي او ٿونَي اھڙِي پوشاڪ ڪونھي پيراوَي؟ ‏29 ٿي اِيئي بات رِي گڻتِي نِي ڪرو ڪہ ڪِي کاشون ھانَ ڪِي پيشون؟ ‏30 ڪيونڪہ اِيئون ݾجَي شيون لاري دُنيا رَي قومون بَي ھَي، پڻ ٿونرَي آڪاشِي پِتا نَي خبر ھَي ڪہ ٿونَي اُوئون شيون رِي ضرُورت ھَي۔ ‏31 ٿي رُگو ايشوَر رِي بادشاھي ۾ ھانَ اُوئي رَي حُڪمون تي بيتا رو، تو پَڇي اَي ݾجَي شيون ٿونَي مِلي جاشَي۔“
آڪاش تي ڌن ڀيڙو ڪرڻ
‏32 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي رڍون رَي نِنئي ڌڻ آݪِي ڪار تموم ٿوڙيا ھو، تو ڀِي نِي ٻيئاجو، ڪيونڪہ ٿونرَي آڪاشِي پِتا رِي مرضِي ھَي ڪہ او ٿونَي بادشاھي ڏَي۔ ‏33 آپرا مال ملڪيت بيچي غريبون ۾ بِݪائو ھانَ آپرَي ݾارُو اھڙَي گوٿلَي ٺائو، جڪو پِروڻَي ڪونھي ھوتَي۔ اھڙو ڌن ݾُرگ ۾ ڀيڙو ڪرو، جڪو ڪڏي ڀِي ڪونھي کُوٽتو۔ جيٿ نَڪو چور چورِي ڪرتا ھانَ نَڪو ڪيڙا خراب ڪرتا۔ ‏34 ڪيونڪہ جيٿ ٿونرو ڌن ھوشَي، ٿونرو من ڀِي اوٿج لاگوڙو ريشَي۔“
ݾُجاگ غُلوم رو مِثال
‏35 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جون غُلوم آپرَي مالڪ رِي شيوا ڪرڻ رَي ݾارُو آپرو ݾندرو ٻونڌي ڏِيئو ٻاݪي راکَي ھَي، اِيئوج ٿي ڀِي مھارَي ݾارُو ھر ٽيم تيار رو۔ ‏36 ٿي اُوئون غُلومون آݪِي ڪار ھوئو، جڪو آپرَي مالڪ رَي آوڻ رو اِنتظار ڪرتا رَي ھَي ڪہ جڏي او بيئان رِي دعوت ݾون پاڇو آئي در کڙڪاوَي، تو او يڪدم اُوئي رَي ݾارُو در کولَي۔ ‏37 ڌن ھَي، او غُلوم جڪون رو مالڪ اُوئون نَي ݾُجاگ ڏيکَي۔ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ مالڪ، شيوا رَي ݾارُو تيار ھوئي اُوئون نَي ٻيݾاڙي ٻاٽِي کݪاشَي۔ ‏38 جي مالڪ آڌِي رات رو جون تارھي آوَي ھانَ او آپرَي غُلومون نَي ݾُجاگ ڏيکَي، تو او غُلوم ڪِترا نِي ڌن ھَي۔
‏39 پڻ ياد راکو، جي گھر رَي ڌڻِي نَي خبر ھووَي ڪہ چور ڪئِي ٽيم آشَي، تو او آپرَي گھر رو کاٽ ھڻڻ ڪونھي ڏيئون تو۔ ‏40 اِيئي رَي ڪري ٿي ڀِي تيار رو، ڪيونڪہ ٿونَي خبر ڀِي ڪونھي پڙَي، ھُون مُنش پُتر آئي جائين۔“
وفادار غُلوم رو مِثال
‏41 پطرس ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، ڪِي تُو اَي مِثال مھونَي ݾُڻاوَي ھَي، جون ݾجون رَي ݾارُو ھَي؟“ ‏42 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اھڙو وفادار ھانَ ݾمجھدار غُلوم ڪيو ھَي، جڪَي نَي اُوئي رو مالڪ ٻيجَي غُلومون ماٿَي راکَي ڪہ او ھر ھيڪ نَي ٽيم تي ٻاٽِي ڏيتو رَي۔ ‏43 ڌن ھَي او غُلوم جڪَي نَي اُوئي رو مالڪ اِيئوج ڪرتو ڏيکَي۔ ‏44 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ مالڪ آپرَي گھر رِي ݾجِي اَگووڻِي اُوئي رَي ھاٿ ۾ ڏيشَي۔ ‏45 پڻ جي او غُلوم آپرَي من ۾ ݾوچَي ڪہ مھارَي مالڪ رَي آوڻ ۾ دير ھَي ھانَ او ٻونھون ھانَ ٻونھيون نَي مارَي ڪُوٽَي، پڻ آپ ڍئو ڪري کاوَي پيئَي ھانَ نشَي ۾ رَي۔ ‏46 تو اُوئي رو مالڪ اھڙَي ڏِن ھانَ اھڙَي ٽيم تي آشَي، جڪو اُوئي رِي ݾوچ ۾ ڀِي ڪونھي ھووَي۔ پَڇي مالڪ آشَي ھانَ اُوئي نَي چاٻڪون ھڻي اَڌ مُوئو ڪرشَي ھانَ او بَئيمونون ۾ گِڻيو جاشَي۔ ‏47 او غُلوم جڪو آپرَي مالڪ رِي مرضِي ڪونھي اوݪکتو ھانَ تياري ڪونھي ڪِي ھانَ نَڪو اُوئي رِي مرضِي تي بُوئو، تو او تموم گھڻِي مار کاشَي۔ ‏48 پڻ جڪَي نَي آپرَي مالڪ رِي مرضِي رِي خبر ڪونھي، تو او ٿوڙِي مار کاشَي۔ جڪَي نَي گھڻو ڏينوڙو ھَي، اُوئي ݾون حِساب ڀِي گھڻو ليئو جاشَي ھانَ اُوئي ݾون پُوڇا ڪاڇا ڀِي تموم گھڻِي ڪِي جاشَي۔“
پرڀُو يسُوع رَي ڪري مِنکون رو خلاف ھوئڻ
‏49 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون ڌرتي تي اِنصاف رو باݾڏي لگاوڻ آيو ھون۔ جي اَي باݾڏي پيل ٻَݪيو ھووَنت، تو ڪِترو نِي ݾُٺو ھتو۔ ‏50 پڻ اِيئي ݾون پيل مھنَي تموم گھڻا ڏُک ڏيکڻا ھَي ھانَ جترِي توڻي ھُون ڏُک نِي ڏيکون، اُترِي توڻي ھُون تموم گھڻو پريشون رئين۔ ‏51 ڪِي ٿي اَي ݾمجھو ھو ڪہ ھُون ڌرتي تي صُلح ڪراوڻ آيو ھون؟ ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ صُلح نا، پڻ جُدائِي ڪراوڻ آيو ھون۔ ‏52 ڪيونڪہ آج ݾون لي ھيڪَي گھر رَي پونچون ڀاتيون ۾ تين ڀاتِي ھيڪَي پاݾَي ھانَ ٻي ٻيجَي پاݾَي ھوشَي۔ ‏53 ٻاپ ڏيڪرَي رَي خلاف ھانَ ڏيڪرو ٻاپ رَي خلاف ھوشَي، ما ڏيڪرِي رَي خلاف ھانَ ڏيڪرِي ما رَي خلاف ھوشَي، ݾاݾُو بوئارِي رَي خلاف ھانَ بوئارِي ݾاݾُو رَي خلاف ھوشَي۔“
زمونَي نَي اوݪکڻ
‏54 پَڇي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ”جڏي ٿي آٿوڻَي ݾون باڏݪ جوئو ھو، تو يڪدم ڪو ھو ڪہ مي آشَي ھانَ اِيئوج ھووَي ھَي۔ ‏55 جڏي ڏکڻ رو بائيرو لاگَي ھَي، تو ٿي ڪو ھو ڪہ لُو لاگشَي ھانَ اِيئوج ھووَي ھَي۔ ‏56 اي ٺَگون، جڏي ٿي ڌرتي ھانَ آڪاش رَي نِشونيون نَي ݾمجھي ݾگھو ھو، تو پَڇي اِيئي زمونَي نَي ڪيئون ڪونھي ݾمجھتا؟ ‏57 ٿي آپ اَي فيصلو ڪيئون ڪونھي ڪرتا ڪہ مھونَي ڪِي ڪرڻ کپَي؟“
دُشمنون ݾون صُلح
‏58 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جي ڪُڻ ٿَي تي ڪيس ڪرَي ھانَ او ٿنَي ڪورٽ ۾ لي جاوَي، تو مارگ ۾ ڪوشش ڪري اُوئي ݾون ٺَئي جا۔ اِيئون نِي ھووَي ڪہ او ٿنَي جَج ڪڍي لي جاوَي ھانَ جَج ٿنَي پُوليس رَي حوالي ڪرَي ھانَ پُوليس ٿنَي جيل ۾ گھاتَي۔ ‏59 ھُون ٿنَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جترِي توڻي تُو ڏنڊ رو ٽڪو ٽڪو ڪونھي ڀرَي، اُترِي توڻي تُو جيل ݾون ڪڏي ڀِي ڪونھي نڪرَي۔“