پرڀُو يسُوع رَي اگڪٿَي
24
جڏي پرڀُو يسُوع ايشوَر رَي گھر ݾون نڪري جاوتو پڙيو، تو چيلا اُوئي ڪڍي آيا ڪہ او اُوئي نَي ايشوَر رَي گھر رَي نمُونَي نمُونَي رَي جگھائون بتاوَي۔ ‏2 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ او ڏِن ڀِي آشَي ڪہ جڪو ڪئين ھڻون ٿي ايٿ ڏيکو ھو، اُوئي رو ھيڪ ڀِي پٿر ݾاجو ڪونھي بچَي، ݾجو ڪئين بِکوريو جاشَي۔“
‏3 پَڇي جڏي پرڀُو يسُوع زيتُون رَي جبل تي ٻيٺو ھتو، تو اُوئي را چيلا ھيکلائي ۾ اُوئي ڪڍي آيا ھانَ پُوڇو ڪہ، ”مھونَي ݾُڻائو ڪہ اَي باتون ڪڏي ھوشَي ھانَ ڪھڙا ڪھڙا نِشون ھوشَي جڪَي ݾون خبر پڙشَي ڪہ ٿي آوڻ آݪا ھو ھانَ اَي جگت ختم ھوئڻ آݪو ھَي؟“ ‏4 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھوشيار رھيا، متان ڪو ٿونَي دوکو ڏَي، ‏5 ڪيونڪہ تموم گھڻا مِنک مھارَي نون ݾون آشَي ھانَ ڪشَي ڪہ، ’ھُون مَسيح ھون‘ ھانَ او تموم گھڻَي مِنکون نَي ڀُلائي ڇوڙشَي۔ ‏6 ٿي جنگ ھانَ جھيڙون رَي باتون ݾُڻو، تو گھٻرايا نِي، ڪيونڪہ اِيئون ضرُور ھوشَي، پڻ اَي جگت ڇيڪو ختم ڪونھي ھووَي۔ ‏7 قوم، قوم ݾون ھانَ بادشاھي، بادشاھي ݾون بِڙشَي۔ ھر جگھا ڏُڪاݪ پڙشَي ھانَ موٽا موٽا زلزلا آشَي۔ ‏8 پڻ اَي ݾجَي باتون ڏُکون رو شرُوع ھوشَي۔ ‏9 مِنک ٿونَي جھالشَي، ڏُک ڏيشَي ھانَ ماري ڇوڙشَي۔ ݾجَي قومون را مِنک مھارَي نون رَي ڪري ٿون ݾون نفرت ڪرشَي۔ ‏10 اُوئي ٽيم تموم گھڻا مِنک آپرو وِشواس ڇوڙي ڏيشَي ھانَ ھيڪَي ٻيجَي نَي جھلاشَي ھانَ ھيڪَي ٻيجَي ݾون نفرت ڪرشَي۔ ‏11 تموم گھڻا ڪُوڙا نبِي آشَي ھانَ تموم گھڻَي مِنکون نَي دوکو ڏيشَي، ‏12 ڪيونڪہ بُڇڙائي بڌي جاشَي جڪَي رَي ڪري تموم گھڻَي مِنکون رو پريم گھٽ ھوئي جاشَي۔ ‏13 پڻ جڪو آخر توڻي آپرَي وِشواس ۾ پڪو ريشَي، تو اُوئي نَي مُگتي ملشَي۔ ‏14 ايشوَر رِي بادشاھي رِي اِيئي خُوشِي رِي خبر رو پرچار ݾجِي دُنيا ۾ ڪيئو جاشَي ڪہ ݾجَي قومون رَي ݾارُو گواھِي ھووَي۔ اُوئي ݾون پَڇي جگت ختم ھوشَي۔“
پليت شئي رَي بارَي ۾ اگڪٿِي
‏15 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڏي ٿي اُوئي برباد ڪرڻ آݪِي پليت شئي نَي پويتر جگھا ۾ اُڀوڙو ڏيکو، جڪَي رَي بارَي ۾ داني ايل نبِي ڪھيو ھتو، تو ٿي ݾمجھي جايا۔ ‏16 اُوئي ٽيم جي ڪُڻ يھُوديا صُوبَي ۾ ھووَي، تو او جبلون ڏيݾا ناݾي جاوَي۔ ‏17 جڪو آپرَي گھر رِي ڇِت تي ھووَي، تو او سيمون ليوَڻ رَي ݾارُو ھيٺا نِي اُترَي۔ ‏18 جڪو ٻنِي تي ھووَي، تو او آپرا گاڀا ليوَڻ پاڇو نِي جاوَي۔ ‏19 ڏُک ھَي اُوئون لُگايون تي، جڪو اُوئون ڏِنون ۾ اُميد ݾون ھوشَي، جون آپرَي ٻاݪيون نَي ڏُوڌ پياڙتَي ھوشَي۔ ‏20 پراٿنا ڪرو ڪہ ٿونَي ݾِياݪَي ۾ جون پويتر ڏِن رو ناݾڻو نِي پڙَي، ‏21 ڪيونڪہ اُوئي ڏِن اھڙِي موٽِي مُصيبت آشَي جڪو جگت رَي شرُوع ݾون لي آج ڏِن توڻي نَڪو آئِي ھَي ھانَ نَڪو ڪڏي آوَي۔ ‏22 اَي تو ايشوَر اُوئي مُصيبت رو مُدو گھٽايو ھَي۔ جي اِيئون نِي ڪرون تو، تو پَڇي ڪو ڀِي بچي ڪونھي ݾگھون تو، پڻ ايشوَر آپرَي چُونڊيوڙَي مِنکون رَي ڪري اُوئون ڏِنون رو مُدو گھٽايو ھَي۔
‏23 اُوئي ٽيم جي ڪُڻ ٿونَي ڪَي ڪہ جوئو، مَسيح ايٿ ھَي، جون اوٿ ھَي، تو ٿي اُوئون رَي باتون تي ڀروسو نِي ڪريا، ‏24 ڪيونڪہ اھڙا ڪُوڙا مِنک آشَي، جڪو آپنَي مَسيح جون نبِي ڪشَي۔ او موٽا موٽا نِشون ھانَ عجيب ڪوم بتاشَي، جڪَي ݾون مِنک حيرون ھوئي جاشَي۔ اُوئون رو مقصد اَي ھوشَي ڪہ ايشوَر را چُونڊيوڙا مِنک ڀِي ڦِري جاوَي۔ ‏25 جوئو، مھَي ٿونَي اِيئي ݾجَي باتون رَي بارَي ۾ اَگ ۾ ݾُڻايو رو۔ ‏26 اِيئي رَي ڪري جي او ٿونَي ڪَي ڪہ جوئو او پوٺَي ۾ ھَي، تو ٿي اوٿ جوئڻ رَي ݾارُو نِي جايا ھانَ جي او ڪَي ڪہ جوئو، او گھر ۾ ھَي، تو ڀروسو نِي ڪريا، ‏27 ڪيونڪہ جون کيوَڻ اُوگوڻَي ݾون لي آٿوڻَي توڻي چمڪَي ھَي ھانَ ݾجائِي مِنک ڏيکَي ھَي، اِيئوج ھُون مُنش پُتر آئين۔ ‏28 جيٿ ڊُونڍ ھوشَي، اوٿ گِريجون ڀيڙَي ھوشَي۔“
مُنش پُتر پرڀُو يسُوع رو ڀڙي آوڻ
‏29 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اُوئون مُصيبتون ݾون پَڇي ݾُورج ھانَ چندر آپرو اُجاݪو ڪونھي ڏَي، تارا آڪاش ݾون کرشَي ھانَ آڪاش رَي ݾجَي شيون ھِلائَي جاشَي۔ ‏30 اُوئي ٽيم مِنک مھَي مُنش پُتر رَي آوڻ رو نِشون آڪاش ۾ ڏيکشَي ھانَ جگت رَي ݾجَي قومون روشَي ھانَ ماتم ڪرشَي۔ پَڇي مِنک مُنش پُتر نَي طاقت ھانَ موٽِي مھما ݾون باڏݪون ڀيڙو آوتو ڏيکشَي۔ ‏31 پَڇي زور ݾون نَر ݾِينگو بجايو جاشَي ھانَ ھُون آپرا فريشتا ميلين۔ او ايشوَر رَي چُونڊيوڙَي مِنکون نَي ڌرتي رَي چارئي پاݾَي يعني آڪاش رَي ھيڪَي ڇيڙَي ݾون لي ٻيجَي ڇيڙَي توڻي ڀيڙا ڪرشَي۔“
انجير رَي بَڻ رو مِثال
‏32 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”انجير رَي بَڻ ݾون ݾيکو۔ جڏي اُوئي رَي ٽاݪَي نرم ھووَي ھَي ھانَ اُوئي ۾ پونَ لاگَي ھَي، تو ٿي ڏيکي ݾمجھو ھو ڪہ ھمَي اُوناݪو آوڻ آݪو ھَي۔ ‏33 اِيئي آݪِي ڪار جڏي ٿي اَي ݾجَي باتون ھوتَي ڏيکو، تو ݾمجھا ڪہ ايشوَر رِي بادشاھي ڇيڪِي آوڻ آݪِي ھَي۔ ‏34 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جترِي توڻي اَي ݾجَي باتون پُورَي ڪونھي ھووَي، اُترِي توڻي اَي نسل ختم ڪونھي ھووَي۔ ‏35 آڪاش ھانَ ڌرتي تو مِٽي جاشَي، پڻ مھارَي باتون ڪڏي ڀِي ڪونھي مِٽَي۔“
ݾُجاگ رھيا
‏36 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ڪينَي ڀِي خبر ڪونھي ڪہ او ڏِن ھانَ ٽيم ڪڏي آشَي، نَڪو آڪاشِي فريشتون نَي، نَڪو ڏيڪرَي نَي، رُگو پِتا نَي خبر ھَي۔ ‏37 جون نُوح رَي ڏِنون ۾ ھويو ھتو، اُوئيج نمُونَي مھَي مُنش پُتر رَي ڏِنون ۾ ڀِي ھوشَي۔ ‏38 نُوح رو ٻيڙَي ۾ چڙھڻ توڻي مِنک کاوتا پيتا ھانَ بيئان بڌوڻا ڪرڻ ھانَ ڪراوڻ ۾ لاگوڙا ھتا۔ ‏39 مِنکون نَي خبر ڀِي ڪونھي پڙِي۔ ٻوڏ آئِي ھانَ ݾجائِي مِنک ٻُوڏي مُوئا۔ جڏي ھُون مُنش پُتر آئين، تو اُوئي ڏِن ڀِي اِيئوج ھوشَي۔ ‏40 اُوئي ٽيم ٻي مِنک ٻنِي ۾ ڪوم ڪرتا ھوشَي، تو ايشوَر ھيڪَي نَي آپ ڪڍي اَڻاشَي ھانَ ٻيجو ڦِٽو ڪرشَي۔ ‏41 ٻي لُگائَي گھٽِي پيݾتَي ھوشَي، تو ايشوَر ھيڪِي نَي آپ ڏيݾا اَڻاشَي ھانَ ٻيجِي ڦٽِي ڪرشَي۔ ‏42 اِيئي رَي ڪري ݾُجاگ رو، ڪيونڪہ ٿونَي خبر ڪونھي ڪہ ٿونرو پرڀُو ڪڏي آشَي۔
‏43 ٿونَي ݾُٺَي نمُونَي خبر ھَي ڪہ جي گھر رَي ڌڻِي نَي خبر ھووَي ڪہ چور رات رو ڪئِي ٽيم آشَي، تو او ݾُجاگ رون تو ھانَ آپرَي گھر رو کاٽ ھڻڻ ڪونھي ڏيئون تو۔ ‏44 اِيئي رَي ڪري ٿي ڀِي تيار رو، ڪيونڪہ ٿونَي خبر ڀِي ڪونھي پڙَي، ھُون مُنش پُتر آئي جائين۔“
وفادار غُلوم رو مِثال
‏45 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اھڙو وفادار ھانَ ݾمجھدار غُلوم ڪيو ھَي، جڪَي نَي اُوئي رو مالڪ ٻيجَي غُلومون ماٿَي راکَي ڪہ او ھر ھيڪ نَي ٽيم تي ٻاٽِي ڏيتو رَي؟ ‏46 ڌن ھَي او غُلوم جڪَي نَي اُوئي رو مالڪ اِيئوج ڪرتو ڏيکَي۔ ‏47 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ مالڪ آپرَي گھر رِي ݾجِي اَگووڻِي اُوئي رَي ھاٿ ۾ ڏيشَي۔ ‏48 پڻ جي او غُلوم بُڇڙو ھووَي ھانَ آپرَي من ۾ ݾوچَي ڪہ مھارَي مالڪ رَي آوڻ ۾ دير ھَي ‏49 ھانَ او ٻيجَي غُلومون نَي مارَي ڪُوٽَي، پڻ آپ ڍئو ڪري کاوَي پيئَي ھانَ نشَي ۾ رَي۔ ‏50 تو اُوئي رو مالڪ اھڙَي ڏِن ھانَ اھڙَي ٽيم تي آشَي، جڪَي رِي اُوئي نَي خبر ڀِي ڪونھي ھووَي۔ ‏51 پَڇي مالڪ آئي اُوئي نَي چاٻڪ ھڻشَي ھانَ اُوئي نَي بَئيمونون ڀيڙو مِلاشَي۔ پَڇي او روتو ھانَ پڇتاوتو ريشَي۔“