ڏوھ معاف ڪرڻ
17
پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”اِيئون ھوئي ڪونھي ݾگھتو ڪہ مِنک پاپ نِي ڪرَي، پڻ ڏُک ھَي اُوئي تي جڪَي رَي ڪري مِنک پاپ ڪرَي۔ 2 اھڙَي مِنک رَي ݾارُو ݾُٺو اَي ھوشَي ڪہ اُوئي رَي گݪَي ۾ گھٽِي رو پُڙ ٻونڌي ݾمُوندر ۾ نوکيو جاوَي ڪہ اُوئي رَي ڪري گھٽ وِشواس آݪا پاپ نِي ڪرَي۔ 3 ياد راک، جي ٿارو ڀائي ٿارو ڏوھ ڪرَي، تو اُوئي نَي ݾمجھا ھانَ جي او معافي مونگَي، تو اُوئي نَي معاف ڪر۔ 4 جي او ھيڪَي ڏِن ۾ ݾات گُھمرا ٿارو ڏوھ ڪرَي ھانَ ݾاتوين گُھمرَي ٿَي ڪڍي آئي معافي مونگَي، تو اُوئي نَي معاف ڪر۔“وِشواس
5 پَڇي پرڀُو يسُوع رَي سنتون ڪھيو ڪہ، ”مھورو وِشواس بڌائو۔“ 6 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جي ٿونرو وِشواس ݾَرݾيون رَي ڏوڻَي جِترو ڀِي ھووَي، تو ٿي اِيئي تُوت رَي بَڻ نَي ڪئي ݾگھو ھو ڪہ پاݪ ݾون اُکڙي ݾمُوندر ۾ جائي اُگ، تو او ٿونرو ڪيوَڻ ضرُور ڪرشَي۔“
مالڪ ھانَ غُلوم رو مِثال
7 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اِيئون ݾمجھو ڪہ ٿون ۾ ڪَي ھيڪَي رو غُلوم ھَݪ کيڙي جون مال چاري پاڇو آوَي، تو ڪِي ٿي اُوئي نَي ڪشو ڪہ، ’پيل مھَي ڪڍي آئي ٻاٽِي کا۔‘ 8 نا، ٿي اِيئون ڪڏي ڀِي ڪونھي ڪو، پڻ ٿي اَي ڪشو ڪہ، ’مھارَي ݾارُو ٻاٽِي گَھڙ ھانَ جترِي توڻي ھُون کائُون پيئون نِي، اُترِي توڻي مھارِي شيوا رَي ݾارُو اُڀو رَي۔ اُوئي ݾون پَڇي تُو ٻاٽِي کائي۔‘ 9 جي غُلوم آپرَي مالڪ رو حُڪم منَي ھَي، تو او آپرَي مالڪ تي ٿورو ڪونھي ڪرتو۔ 10 اِيئي آݪِي ڪار جڏي ٿي ݾجَي حُڪمون تي بو ھو، تو اِيئون ݾمجھو ڪہ، ’مھي ڪَي تي ڪو ٿورو ڪونھي ڪرتا، ڪيونڪہ جڪو ڪوم مھونَي ڪرڻو ھَي، اوج مھي ڪرون ھون۔‘“
پرڀُو يسُوع رو ڏَݾ ڪوڙھيا ݾاجا ڪرڻ
11 ھيڪ ڏِن پرڀُو يسُوع يروشلم شھر ڏيݾا جاوڻ رَي ݾارُو سامريا ھانَ گليل علائقَي رَي بِچ ݾون لنگھيو۔ 12 جڏي او ھيڪَي گون ۾ پُگڻ آݪو ھتو، تو مارگ ۾ ڏَݾ ڪوڙھيا اُوئي ڪڍي آيا۔ 13 او ڪوڙھيا اݪگا اُڀي زور ݾون ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”يسُوع، اي گُرو جِي، مھون تي دايا ڪرو۔“ 14 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي جوئي ڪھيو ڪہ، ”جائو ھانَ آپرو آپنَي ايشوَر رَي پُوجاريون نَي بتائو ڪہ ٿي ݾاجا ھوئي آڇا اُوجݪا ھويا ھو۔“
جڏي او جاوتا پڙيا، تو اِيئون ھويو ڪہ بيتَي مارگ ۾ او آپرِي بيمارِي ݾون پويتر ھوئي گيا۔ 15 اِيئي ݾون پَڇي ھيڪ جڪو آپرِي بيمارِي ݾون ݾاجو ھويو ھتو، او ايشوَر رِي بڏائي ڪرتو پاڇو آيو۔ 16 او مِنک سامري قوم رو ھتو۔ او پرڀُو يسُوع رَي پگون ۾ موڏَي توڻي کِريو ھانَ اُوئي را ٿورا منڻ لاگو۔ 17 پرڀُو يسُوع اَي جوئي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ڏَݾ را ڏَݾ آپرِي بيمارِي ݾون ݾاجا ڪونھي ھويا؟ تو پَڇي ٻيجا نَئو ڪيٿ ھَي؟ 18 ڪِي اِيئي ݾون ٽاݪ، جڪو يھُودي ڪونھي، ٻيجو ڪو ڀِي ڪونھي ھتو، جڪو پاڇو آئي ايشوَر رِي بڏائي ڪرَي؟“ 19 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”اُٺي، آپرَي گھري جا۔ ٿارَي وِشواس ٿنَي ݾاجو ڪيئو ھَي۔“
ايشوَر رِي بادشاھي رو آوڻ
20 ھيڪ ڏِن فريسي مِنکون پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ”ايشوَر رِي بادشاھي ڪڏي آشَي؟“ تو پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”اھڙِي ڪو ڀِي نِشونِي ڪونھي ھووَي، جڪَي ݾون ايشوَر رِي بادشاھي رَي آوڻ رِي خبر پڙَي۔ 21 مِنک اِيئون ڪونھي ڪَي ڪہ، ’ايشوَر رِي بادشاھي ايٿ ھَي جون اوٿ ھَي۔‘ پڻ حقيقت ۾ ايشوَر رِي بادشاھي، تو ٿون ۾ ھَي، ٿي جڪو مھَي تي وِشواس راکو ھو۔“
22 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”او ڏِن آشَي جڏي ٿي مھَي يعني مُنش پُتر رَي ڏِنون ۾ ھيڪَي ڏِن نَي جوئڻ رِي اُميد راکشو، پڻ ٿي جوئي ڪونھي ݾگھو۔ 23 مِنک ٿونَي ڪشَي ڪہ جوئو، مُنش پُتر ايٿ ھَي، جون اوٿ ھَي، پڻ ٿي اُوئون رِي بات نِي منيا ھانَ نِي اُوئون لاري جايا۔ 24 ڪيونڪہ جون کيوَڻ آڪاش ۾ چمڪَي ھَي ھانَ ݾجائِي مِنک اُوئي نَي ڏيکَي ھَي، اِيئوج ھُون مُنش پُتر آپرَي ڏِن تي آئين۔ 25 پڻ اِيئي ݾون پيل مھنَي تموم گھڻا ڏُک ڏيکڻا ھَي ھانَ اِيئي زمونَي را مِنک مھنَي ڪونھي منَي۔ 26 جون نُوح رَي ڏِنون ۾ ھويو ھتو، اُوئيج نمُونَي مھَي مُنش پُتر رَي ڏِنون ۾ ڀِي ھوشَي۔ 27 نُوح رو ٻيڙَي ۾ چڙھڻ توڻي مِنک کاوتا پيتا ھانَ بيئان بڌوڻا ڪرڻ ھانَ ڪراوڻ ۾ لاگوڙا ھتا۔ پَڇي ٻوڏ آئِي ھانَ ݾجائِي ٻُوڏي مُوئا۔ 28 لُوط رَي زمونَي ۾ ڀِي اِيئوج ھويو ھتو مِنک کاوتا پيتا، ڪاروبار ڪرتا، ٻنِي ڪرڻ ھانَ آپرا گھر ٺاوڻ ۾ لاگوڙا ھتا۔ 29 پڻ جڪَي ڏِن لُوط سدُوم شھر ݾون نڪريو، تو ايشوَر آڪاش ݾون باݾڏي ھانَ ٻَݪڻ آݪا پٿر برݾايا ھانَ ݾجون نَي برباد ڪري ڇوڙيا۔ 30 مھَي مُنش پُتر رَي آوڻ رَي ڏِنون ۾ ڀِي اِيئوج ھوشَي۔ 31 اُوئي ڏِن جڪو آپرَي گھر رِي ڇِت تي ھووَي، تو او ڪو ڀِي سيمون ليوَڻ رَي ݾارُو ھيٺا نِي اُترَي ھانَ اِيئي نمُونَي جي ڪُڻ ٻنِي ۾ ھووَي، تو او ڀِي ڪو سيمون ليوَڻ رَي ݾارُو پاڇو نِي جاوَي۔ 32 ياد راکو، لُوط رِي لُگائِي ݾون ڪِي ھويو ھتو۔ 33 جڪو ڀِي آپرِي حياتِي بچاشَي، تو او اُوئي نَي گُماشَي پڻ جڪو آپرِي حياتِي گُماشَي، تو او اُوئي نَي بچاشَي۔ 34 ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ اُوئي رات ٻي جِڻا ھيڪَي بِڇوڻَي تي ݾُوتوڙا ھوشَي، تو ايشوَر ھيڪَي نَي آپ ڪڍي اَڻاشَي ھانَ ٻيجو ڦِٽو ڪرشَي۔ 35 ٻي لُگائَي ڀيڙَي گھٽِي پيݾتَي ھوشَي، تو ايشوَر ھيڪِي نَي آپ ڏيݾا اَڻاشَي ھانَ ٻيجِي نَي ڦٽِي ڪرشَي۔“ 36 [ٻي آڏمي ٻنِي ۾ ڪوم ڪرتا ھوشَي، تو ايشوَر ھيڪَي نَي کڻي ليشَي ھانَ ٻيجَي نَي اوٿج ڦِٽو ڪرشَي۔] 37 پَڇي چيلون پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ”اي پرڀُو، اَي ڪيٿ ھوشَي؟“ اُوئي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جيٿ ڊُونڍ ھوشَي، اوٿ گِريجون ڀيڙَي ھوشَي۔“