رونڏٻير ھانَ جَج رو مِثال
18
پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھر ٽيم پراٿنا ڪرتا رھيا ھانَ ھِمت نِي ھاريا۔“ اَي بات ݾمجھاوڻ رَي ݾارُو اُوئون نَي اَي مِثال ڏي ڪھيو ڪہ، 2 ”ڪَي شھر ۾ ھيڪ جَج ھتو۔ او نَڪو ايشوَر ݾون ٻيئاجتو ھانَ نَڪو اُوئي نَي مِنکون رِي ڪو پرواھ ھتِي۔ 3 اُوئي شھر ۾ ھيڪ رونڏٻير لُگائِي ھتِي، جڪو گھڙِي گھڙِي جَج ڪڍي آئي اُوئي نَي مِنٿ ڪري ڪيتِي ڪہ، ’مھربونِي ڪري مھارو اِنصاف ڪرو ھانَ مھنَي مھارَي دُشمن ݾون بچائو۔‘ 4 جَج تموم گھڻَي ڏِنون توڻي اُوئي رِي ڪو ڀِي بات ڪونھي ݾُڻِي، پڻ نيٺ اُوئي ݾوچو ڪہ، ’مھنَي نَڪو تو ايشوَر رو ٻِي ھَي ھانَ نَڪو تو مِنکون رِي پرواھ ھَي۔ 5 پڻ اَي رونڏٻير مھنَي ڪڪ ڪرتِي رَي ھَي، اِيئي رَي ڪري ھُون اِيئي رو اِنصاف ڪرين۔ اِيئون نِي ھووَي ڪہ اَي گھڙِي گھڙِي آئي مھنَي بيزار ڪرَي۔‘ 6 ݾُڻو، جي اَي بي اِنصاف جَج ڀِي اِيئوج ݾوچَي ھَي، 7 تو پَڇي ايشوَر آپرَي چُونڊيوڙَي مِنکون رو اِنصاف ضرُور ڪرشَي، جڪو ڏِن رات اُوئي ݾون مدد رِي مِنٿ ڪرَي ھَي، او اُوئون رِي مدد ڪرڻ ۾ ڪڏي ڀِي دير ڪونھي ڪرَي۔ 8 ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ او يڪدم اُوئون رو اِنصاف ڪرشَي۔ تو ڀِي جڏي ھُون مُنش پُتر پاڇو آئين، تو ڪِي مِنکون ۾ اھڙو وِشواس ھوشَي، جون نا؟“فريسي ھانَ ناڪو ليوَڻ آݪَي رو مِثال
9 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون مِنکون نَي اَي مِثال ݾُڻايو جڪو آپرو آپنَي نيڪ ݾمجھتا ھانَ ٻيجون نَي گھٽ ݾمجھتا۔ 10 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٻي مِنک ايشوَر رَي گھر ۾ پراٿنا ڪرڻ گيا۔ اُوئون ۾ ھيڪ فريسي ھانَ ٻيجو ناڪو ليوَڻ آݪو ھتو۔ 11 فريسي مِنک اُڀي آپرَي من اِيئون پراٿنا ڪرڻ لاگو ڪہ، ’اي ايشوَر، ھُون ٿارو شُڪر ڪرون ھون، ڪيونڪہ ھُون ٻيجون آݪِي ڪار ظُلمي، بَئيمون، زناڪار ھانَ نَڪو اِيئي ناڪو ليوَڻ آݪَي جھڙو ھون۔ 12 ھُون ھفتَي ۾ ٻي گُھمرا روزا ڀِي راکون ھون ھانَ آپرِي ݾجِي ڪمائِي رو ڏھون حِصو ڀِي ڏيئون ھون۔‘ 13 پڻ ناڪو ليوَڻ آݪو اݪگو اُڀو رھيو ھانَ آڪاش ڏيݾا ڀِي ڪونھي جويو ھانَ آپرِي ڇاتِي پيٽي اِيئون ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ’اي ايشوَر، مھَي پاپي تي دايا ڪر۔‘ 14 ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ فريسي نا، پڻ ناڪو ليوَڻ آݪو ايشوَر رِي نظر ۾ نيڪ ھوئي آپرَي گھري گيو۔ ڪيونڪہ جڪو آپرو آپنَي موٽو ݾمجَھي ھَي، او گھٽ ڪيئو جاشَي، پڻ جڪو آپرو آپنَي گھٽ ݾمجَھي ھَي، او موٽو ڪيئو جاشَي۔“
پرڀُو يسُوع رو ٻاݪون نَي برڪت ڏيوَڻ
15 پَڇي ڪئينڪہ مِنک آپرا ٻاݪيا پرڀُو يسُوع ڪڍي لي آيا ڪہ او اُوئون ماٿَي ھاٿ راکي برڪت ڏَي، تو اَي جوئي چيلون اُوئون نَي دڙڪا ڏي پاليا۔ 16 پڻ پرڀُو يسُوع ٻاݪون نَي آپ ڪڍي ھيلو ڪيئو ھانَ چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٻاݪون نَي مھَي ڪڍي آوڻ ڏيئو، اُوئون نَي پالو نِي، ڪيونڪہ ايشوَر رِي بادشاھي اُوئون رَي ݾارُو ھَي جڪو اِيئون ٻاݪون آݪِي ڪار ھَي۔ 17 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جڪو ڀِي ايشوَر رِي بادشاھي نَي ٻاݪ آݪِي ڪار قبُول ڪونھي ڪرَي، تو او ڪڏي ڀِي ايشوَر رِي بادشاھي ۾ جائي ڪونھي ݾگھتو۔“
شاھُوڪار ھانَ ايشوَر رِي بادشاھي
18 ھيڪ ڏِن يھُوديون رَي ھيڪَي ݾردار پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ”گُرو جِي، ٿي تو نيڪ ھو۔ مھنَي ݾُڻائو ڪہ ھُون ڪِي ڪرون ڪہ ايشوَر مھنَي اَمر جيوَن ڏَي؟“ 19 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو مھنَي نيڪ ڪيئون ڪَي ھَي؟ ايشوَر ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪو ڀِي نيڪ ڪونھي۔ 20 ٿنَي ايشوَر رَي حُڪمون رِي تو خبر ھَي ڪہ زنا نِي ڪر، خُون نِي ڪر، چورِي نِي ڪر، ڪُوڙِي ݾاک نِي ڀر ھانَ آپرَي ما ٻاپ رِي عِزت ڪر۔“ 21 اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ھُون اِيئي ݾجَي باتون تي ٻاݪڪپڻ ݾون بيتو آئُون پڙيو۔“ 22 جڏي پرڀُو يسُوع اَي ݾُڻيو، تو اُوئي ڪھيو ڪہ، ”اَڃون ٿَي ۾ ھيڪ گھٽتائِي ھَي۔ ھمَي تُو اِيئون ڪر ڪہ آپرو ݾجو ڪئين بيچي غريبون ۾ بِݪا، تو ٿنَي آڪاش ۾ خزونو ملشَي۔ پَڇي تُو آ، ھانَ مھارو چيلو ھوئي مھارَي لاري بَي۔“ 23 اَي بات ݾُڻي او مِنک تموم گھڻو پريشون ھويو، ڪيونڪہ او موٽو شاھُوڪار ھتو۔ 24 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي پريشون ڏيکي ڪھيو ڪہ، ”شاھُوڪار مِنک رو ايشوَر رِي بادشاھي ۾ جاوڻ تموم گھڻو ڏُکيو ھَي۔ 25 اِيئي ۾ ڪو ڀِي شَڪ ڪونھي ڪہ اُونٺ رو ݾُئِي رَي ناڪَي ۾ لنگھڻ ڏُکيو ھَي، پڻ شاھُوڪار رو ايشوَر رِي بادشاھي ۾ جاوڻ اُوئي ݾون ڀِي وڌيڪ ڏُکيو ھَي۔“ 26 جڪون ݾُڻيو او پُوڇڻ لاگا ڪہ، ”تو پَڇي ڪينَي ڀِي مُگتي ڪونھي ملَي۔“ 27 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڪو ڪوم اِنسون ݾون ڪونھي ھوتا، او ايشوَر ڪري ݾگھَي ھَي۔“ 28 پطرس ڪھيو ڪہ، ”جوئو، مھون آپرا گھر ڇوڙي ھانَ ٿونرا چيلا ھوئي ٿون لاري بون پڙيا۔“ 29 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جڪو ايشوَر رِي بادشاھي رَي ݾارُو آپرو گھر، لُگائِي، اولاد، ٻين ڀائي جون ما ٻاپ، ڇوڙَي ھَي 30 اُوئي نَي، نِي رُگو اِيئي جگت ۾ گھڻو ڪئين ملشَي، پڻ آوڻ آݪَي جگت ۾ اَمر جيوَن ڀِي ملشَي۔“
پرڀُو يسُوع رِي تيجو گُھمرو آپرِي موت رِي اگڪٿِي
31 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي ٻارھون چيلون نَي ھيڪَي پاݾَي لي جائي ڪھيو ڪہ، ”ݾُڻو، ھمَي آپي يروشلم شھر ڏيݾا ھالون پڙيا۔ اوٿ جڪو باتون نبيون مھَي مُنش پُتر رَي بارَي ۾ لِکئَي ھَي، او ݾجَي باتون پُورَي ھوشَي۔ 32 مھارِي قوم را مِنک مھنَي جھلائي ٻيجِي قوم رَي حوالي ڪرشَي۔ مِنک مھَي تي ھاݾا ڪرشَي، بي عِزتي ڪرشَي ھانَ مھَي تي ٿُوڪشَي۔ 33 مھنَي چاٻڪون ھڻشَي ھانَ ماري ڇوڙشَي، پڻ ھُون تيجَي ڏِن جيتو ھوئي جائين۔“ 34 چيلا اَي ڀيد ݾمجھي ڪونھي ݾگھيا ڪہ پرڀُو يسُوع رو اِيئي باتون رو مطلب ڪِي ھَي۔
پرڀُو يسُوع رو اونڌَي نَي ݾاجو ڪرڻ
35 پَڇي جڏي پرڀُو يسُوع بيتو بيتو يريحُو شھر رَي نيڙو پُگو، تو مارگ رَي ھيڪَي پاݾَي ھيڪ اونڌو فقير پِنتو پڙيو۔ 36 اُوئي تموم گھڻَي مِنکون رو ھاڪو ݾُڻي پُوڇو ڪہ، ”اَي ڪھڙو ھُل ھَي؟“ 37 مِنکون اُوئي نَي ݾُڻايو ڪہ، ”ايٿ ݾون يسُوع ناصرِي جاوَي پڙيو۔“ 38 تو اُوئي فقير رَڙ ڪري ڪھيو ڪہ، ”اي يسُوع، دائُود بادشاھ را اولاد، مھَي تي دايا ڪرو۔“ 39 اِيئي تي جڪو مِنک آگھي ھتا، اُوئون دڙڪا ڏي ڪھيو ڪہ، ”ماٺ ڪر۔“ پڻ او اَڃون ڀِي زور ݾون ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”اي دائُود بادشاھ را اولاد، مھَي تي دايا ڪر۔“ 40 جڏي پرڀُو يسُوع اَي ݾُڻيو، تو او اُڀي رھيو ھانَ حُڪم ڏينو ڪہ، ”اُوئي نَي مھَي ڪڍي لي آئو۔“ جڏي اُوئي نَي پرڀُو يسُوع ڪڍي لي آيا، تو پرڀُو يسُوع اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، 41 ”ݾُڻا، ھُون ٿارَي ݾارُو ڪِي ڪرون؟“ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، مھارَي اونکَي کولو۔“ 42 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿارَي وِشواس ٿنَي ݾاجو ڪيئو ھَي، ھمَي آپرَي اونکَي کول ھانَ جو۔“ 43 او اُوئيج ٽيم جوئڻ لاگو ھانَ ايشوَر رِي بڏائي ڪرڻ لاگو ھانَ پرڀُو يسُوع رو چيلو ھوئي اُوئي لاري بيوَڻ لاگو۔ جڏي مِنکون اَي ڏيٺو، تو اُوئون ڀِي ايشوَر رِي بڏائي ڪِي۔