پرڀُو يسُوع ھانَ زڪائي
19
جڏي پرڀُو يسُوع يريحُو شھر ݾون جاوتو پڙيو، 2 تو اوٿ ھيڪ ناڪو ليوَڻ آݪون رو ݾردار ھتو، جڪَي رو نون زڪائي ھتو۔ او موٽو شاھُوڪار آݪو ھتو۔ 3 او پرڀُو يسُوع نَي جوئڻ رِي ڪوشش ۾ ھتو، پڻ اُوئي رو قد نِنيو ھتو ھانَ رش رَي ڪري پرڀُو يسُوع نَي جوئي ڪونھي ݾگھيو۔ 4 اِيئي رَي ڪري او جوئڻ رَي ݾارُو ناݾي آگھي گيو ھانَ جائي انجير رَي بَڻ تي چڙھيو جڪو اُوئي مارگ تي ھتو، جيٿ ݾون پرڀُو يسُوع نَي جاوڻو ھتو۔ 5 جڏي پرڀُو يسُوع اُوئي جگھا تي پُگو، تو اُونچو جوئي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”زڪائي، ڇيڪو ھيٺو اُتري آ، ڪيونڪہ آج ھُون ٿارَي گھري ٻاٽِي کائين۔“ 6 اَي ݾُڻي زڪائي تموم گھڻو خُوش ھويو ھانَ ڇيڪو ھيٺو اُتريو ھانَ پرڀُو يسُوع نَي آپرَي گھري لي گيو۔ 7 اَي جوئي ݾجائِي مِنک آپت ۾ باتون ڪرڻ لاگا ڪہ، ”جوئو، او ھيڪَي پاپي مِنک رَي گھري گيو ھَي۔“8 پَڇي زڪائي آپرَي گھر ۾ اُڀي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”اي پرڀُو، جوئو ھُون آپرَي مال ملڪيت رو اَڌ حِصو غريبون نَي ڏيئون ھون ھانَ جي مھَي ڪَي ݾون ٺَگِي ڪِي ھَي، تو ھُون اُوئون نَي چَئوڻو ڀري ڏيئون ھون۔“ 9 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”آج اِيئي گھر ۾ مُگتي آئِي ھَي، ڪيونڪہ اِيئي ڀِي آپرَي پَڙ ڏاڏَي اڀراھيم آݪِي ڪار ايشوَر تي وِشواس راکيو ھَي۔ 10 ھُون مُنش پُتر، گُميجوڙون نَي جوئڻ ھانَ مُگتي ڏيوَڻ آيو ھون۔“
ݾونَي رَي ݾِڪون رو مِثال
11 جڏي پرڀُو يسُوع يروشلم شھر ۾ پُگڻ آݪو ھتو ھانَ ڀيڙا جاوڻ آݪا مِنک اِيئون ݾمجھڻ لاگا ڪہ ايشوَر رِي بادشاھي ھمَي ظاھر ھوشَي رِي، تو پرڀُو يسُوع اُوئون نَي اَي مِثال ڏينو ڪہ، 12 ”ھيڪ اَمير مِنک ھتو۔ او آپرَي علائقَي رو بادشاھي اِختيار ليوَڻ رَي ݾارُو ڪَي اݪگَي مُلڪ ڏيݾا گيو۔ 13 جاوڻ ݾون پيل اُوئي آپرَي غُلومون ۾ ڏَݾون نَي ھيلو ڪرايو ھانَ اُوئون نَي ھيڪ ھيڪ ݾونَي رو ݾِڪو ڏينو ھانَ ڪھيو ڪہ، ’مھارَي پاڇَي آوڻ توڻي اِيئي ݾون ڪاروبار ڪريا۔‘ 14 اُوئي علائقَي آݪا اَمير مِنک ݾون دُشمنِي راکتا۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي رَي جاوڻ ݾون پَڇي اُوئون آپرا مِنک اَي ڪئي مھاراجا ڪڍي ميليا ڪہ، ’مھورِي مرضِي ڪونھي ڪہ اَي مِنک مھورو بادشاھ ھووَي۔‘
15 پڻ تو ڀِي او مِنک بادشاھ ھوئي پاڇو آيو۔ پَڇي اُوئي آپرا غُلوم اَڻايا جڪون نَي ݾونَي را ݾِڪا ڏينا ھتا ڪہ اُوئون ݾون پُوڇَي ڪہ ڪھڙو ڪاروبار ڪيئو ھانَ ڪِترو فائدو ڪمايو ھَي؟ 16 پيلڪَي غُلوم آئي ڪھيو ڪہ، ’اي مالڪ، ٿونرَي ڏينوڙَي ݾونَي رَي ݾِڪَي ݾون مھَي ڏَݾ ٻيجا ڪمايا ھَي۔‘ 17 بادشاھ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ’شاباش، ٿَي ٿوڙَي ۾ ايمونداري بتائِي ھَي، اِيئي رَي ڪري ھمَي ٿنَي ڏَݾون شھرون رِي اِختياري ملشَي۔‘ 18 پَڇي ٻيجَي غُلوم آئي ڪھيو ڪہ، ’اي مالڪ، ٿونرَي ڏينوڙَي ݾونَي رَي ݾِڪَي ݾون مھَي پونچ ٻيجا ڪمايا ھَي۔‘ 19 بادشاھ اُوئي نَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ’ٿنَي ڀِي پونچون شھرون رو اِختيار ملشَي۔‘ 20 تيجَي غُلوم آئي ڪھيو ڪہ، ’اي مالڪ، جوئو، ٿونرو ڏينوڙو ݾونَي رو ݾِڪو مھَي رُمال ۾ ݾنڀالي راکيو ھتو۔ 21 ٿي تموم گھڻا ڏُکيا مِنک ھو، اِيئي رَي ڪري ھُون ٿون ݾون ٻيئاجو۔ ڪيونڪہ جڪو ٿي ڀيڙو ڪونھي ڪرتا او ليئو ھو ھانَ جڪو ٿي ڪونھي پوکتا، او لُڻو ھو۔‘ 22 بادشاھ اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ’اي بُڇڙا غُلوم، ھُون ٿارَي باتون ݾون ٿنَي ڏوھي ڪرون ھون۔ تُو مھنَي اوݪکتو ڪہ ھُون ڏُکيو مِنک ھون، جڪو مھَي ڀيڙو ڪونھي ڪيئو، او ليئون ھون ھانَ جڪو پوکتو ڪونھي، او لُڻون ھون۔ 23 تو پَڇي ٿَي مھارو ݾِڪو بياج تي ڪيئون ڪونھي ڏينو ڪہ او مھارَي آوڻ ݾون پَڇي بياج ݾُوڌو پاڇو ليئون تو؟‘ 24 پَڇي اُوئي پاݾَي ۾ اُڀوڙَي مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ’او ݾِڪو اُوئي ݾون لي اُوئي نَي ڏيئو جڪَي ڪڍي ڏَݾ ھَي۔‘ 25 مِنکون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ’اي مالڪ، اُوئي ڪڍي تو اَگئي ڏَݾ ݾِڪا ھَي۔‘ 26 بادشاھ ڪھيو ڪہ، ’ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ جڪَي ڪڍي گھڻو ھَي، اُوئي نَي اَڃون ڀِي وڌيڪ ڏينو جاشَي ھانَ جڪَي ڪڍي ٿوڙو ھَي، اُوئي ݾون او ڀِي ليئو جاشَي جڪو اُوئي ڪڍي ھَي۔ 27 ھمَي ٿي مھارَي اُوئون دُشمنون نَي ايٿ لي آئو جڪون رِي مرضِي ڪونھي ھتِي ڪہ ھُون اُوئون تي بادشاھي ڪرون۔ اُوئون نَي مھارَي اونکيون آگھي ماري ڇوڙو۔‘“
پرڀُو يسُوع رو بادشاھ آݪِي ڪار يروشلم ۾ جاوڻ
28 پَڇي پرڀُو يسُوع اَي باتون ڪري يروشلم شھر ڏيݾا مِنکون رَي آگھي بيوَڻ لاگو۔ 29 جڏي او زيتُون رَي جبل ڪڍي بيت فِگي گون ھانَ بيت عِنيا گون رَي نيڙو پُگو، تو اُوئي ٻيئون چيلون نَي اَي ڪئي ميليا ڪہ، 30 ”ݾوملَي گون ۾ جائو ھانَ پُگتئي ٿي ھيڪ گڏيو ٻاڌوڙو ڏيکشو، جڪَي تي اَڃون توڻي ڪو ڀِي ݾَوار ڪونھي ھويو۔ او کولي مھَي ڪڍي لي آئو۔ 31 جي ٿون ݾون ڪُڻ پُوڇَي ڪہ، ’ڪيئون کولو ھو؟‘ تو ٿي ڪھيا ڪہ، ’پرڀُو نَي اِيئي رِي ضرُورت ھَي۔‘“
32 پَڇي چيلون جائي اِيئوج ڏيٺو جون پرڀُو يسُوع ڪھيو ھتو۔ 33 جڏي او گڏو کولڻ لاگا، تو اُوئي رَي مالڪ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”اِيئي نَي ڪيئون کولو ھو؟“ 34 اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”اِيئي رِي پرڀُو نَي ضرُورت ھَي۔“
35 پَڇي او گڏَي نَي لي پرڀُو يسُوع ڪڍي آيا ھانَ گڏَي ماٿَي آپرا گاڀا ڍاڙيا ھانَ پرڀُو يسُوع نَي اُوئي تي ݾَوار ڪيئو۔ 36 جڏي او بيوَڻ لاگو، تو مِنک آپرا گاڀا مارگ تي بِڇاوڻ لاگا۔ 37 پَڇي جڏي او يروشلم رَي نيڙو زيتُون رَي جبل رِي لاھِي تي پُگو، تو اُوئي را ݾجائِي چيلا خُوش ھوئي ايشوَر رِي بڏائي ڪرڻ لاگا، ڪيونڪہ اُوئون پرڀُو يسُوع را ݾجائِي پرچا ڏيٺا ھتا۔ او زور ݾون جَئي ڪار ڪرڻ لاگا ڪہ،
38 ”ڌن ھَي اَي بادشاھ،
جڪو پرميشوَر رَي نون ݾون آوَي ھَي۔
آڪاش ۾ ݾُک ھووَي
ھانَ ݾُرگ ۾ ايشوَر رِي جَئي جَئي ڪار۔“
39 رش ۾ فريسيون رَي ڪئينڪہ مِنکون ڪھيو ڪہ، ”گُرو جِي، آپرَي چيلون نَي ماٺ ڪرائو۔“ 40 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ جي اَي ماٺ ھويا، تو پٿر ڀِي رڙَي ڪرڻ شرُوع ڪرشَي۔“
41 جڏي پرڀُو يسُوع يروشلم رَي نيڙو آيو، تو اُوئي نَي جوئي روئڻ لاگو، پَڇي ڪھيو ڪہ، 42 ”اي يروشلم آݪون، جي ٿون رُگو آجوڪَي ڏِن رَي او باتون اوݪکئي ھووَنت، جڪو ݾُک ڏَي ھَي، تو ڪِترو ݾُٺو ھتو، پڻ ھمَي او باتون ٿونرِي ݾمجھ ݾون ٻاھر ھَي۔ 43 ڪيونڪہ او ڏِن آوڻ آݪا ھَي، جڏي ٿونرا دُشمن ٿونرَي چوڌاري مورچا ٺائي ٿونَي چارئي پاݾَي ݾوڙھا ڪري پريشون ڪرشَي۔ 44 ٿونَي ھانَ ٿونرَي ٻاݪون نَي ماري ڇوڙشَي ھانَ ٿونرَي شھر نَي اِيئون برباد ڪرشَي ڪہ ھيڪ ڀِي پٿر ݾاجو ڪونھي بچَي، ڪيونڪہ ٿون اُوئي ٽيم نَي ڪونھي اوݪکيو، جڏي ايشوَر ٿونَي بچاوڻ آيو ھتو۔“
ايشوَر رَي گھر ݾون واپاري ڪاڍڻ
45 جڏي پرڀُو يسُوع يروشلم شھر ۾ پُگو، تو او ايشوَر رَي گھر ۾ گيو۔ پَڇي او اُوئون مِنکون نَي ٻاھر ڪاڍڻ لاگو، جڪو اوٿ ڪاروبار ڪرتا پڙيا۔ 46 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ،
’مھارو گھر پراٿنا رو گھر ھوشَي‘
پڻ ٿون اِيئي نَي ڌاڙيلون رو اَڏو ٺائي ڇوڙيو ھَي۔“