پرڀُو يسُوع رَي اِختيار رَي بارَي ۾ سوال
20
ھيڪ ڏِن جڏي پرڀُو يسُوع ايشوَر رَي گھر ۾ مِنکون نَي ݾيکاوتو پڙيو ھانَ ايشوَر رِي بادشاھي رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر ݾُڻاوتو پڙيو، تو ايشوَر را موٽا پُوجاري، ڌرمي گُرو ھانَ يھُودي اَگووڻ اُوئي ڪڍي آيا۔ ‏2 اُوئون اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”مھونَي ݾُڻا، تُو اَي ڪوم ڪيرَي اِختيار ݾون ڪرَي ھَي؟ ٿنَي اَي اِختيار ڪَي ڏينو ھَي؟“ ‏3 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ڀِي ٿون ݾون ھيڪ سوال پُوڇون ھون۔ مھنَي ݾُڻائو، ‏4 ڪِي يُوحنا ايشوَر رَي طرفون پويتر سِنون ڏيتو، جون اِنسون رَي طرفون؟“ ‏5 اِيئي تي او آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”جي آپي ڪونھ ڪہ ايشوَر رَي طرفون، تو پَڇي او آپون نَي ڪشَي ڪہ تو پَڇي ٿون اُوئي تي ڀروسو ڪيئون ڪونھي ڪيئو؟ ‏6 ھانَ جي آپي ڪونھ ڪہ اِنسون رَي طرفون، تو ݾجائِي مِنک آپون نَي پٿر ھڻي ماري ڇوڙشَي، ڪيونڪہ مِنکون نَي پڪ ھَي ڪہ يُوحنا نبِي ھتو۔“ ‏7 اِيئي رَي ڪري اُوئون ڪھيو ڪہ، ”مھونَي خبر ڪونھي ڪہ او ڪيرَي طرفون پويتر سِنون ڏيتو۔“ ‏8 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”تو پَڇي ھُون ڀِي ٿونَي ڪونھي ݾُڻائُون ڪہ ھُون اَي ڪوم ڪيرَي اِختيار ݾون ڪرون ھون۔“
انگُورون رَي باگ رَي ٺيڪدارون رو مِثال
‏9 پَڇي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي اَي مِثال ڏينو ڪہ، ”ھيڪَي مِنک انگُورون رو باگ لگايو۔ پَڇي باگايون نَي ٺيڪَي تي ڏي آپ گھڻَي ڏِنون رَي ݾارُو ٻيجَي مُلڪ بُوئو گيو۔ ‏10 جڏي انگُورون رِي مُند آئِي، تو اُوئي آپرَي ھيڪَي غُلوم نَي باگايون ڏيݾا ميليو ڪہ اُوئون ݾون انگُورون رو حِصو لي آوَي، پڻ باگايون غُلوم نَي مار ڏي کالِي ھاٿ پاڇو ميليو۔ ‏11 پَڇي مالڪ آپرو ٻيجو غُلوم ميليو۔ اُوئون اُوئي نَي ڀِي مار ڏينِي ھانَ بي عِزتو ڪري کالِي ھاٿ پاڇو ميليو۔ ‏12 پَڇي مالڪ آپرو تيجو غُلوم ميليو۔ اُوئون، اُوئي نَي ڀِي لوئِي جھوڻ ڪري ڌِڪا ڏي ڪاڍي ڇوڙيو۔ ‏13 اِيئي تي باگ رَي مالڪ ݾوچو ڪہ، ’ھمَي ھُون ڪِي ڪرون؟ ھُون آپرو پيارو ڏيڪرو ميلين۔ ھوئي ݾگھَي، او اِيئي رو خيال ڪرَي۔‘ ‏14 جڏي باگايون اُوئي نَي ڏيٺو، تو آپت ۾ صلاح ڪِي ڪہ، ’اَي باگ رو بارݾ ھَي۔ جي آپي اِيئي نَي ماري ڇوڙون، تو اَي باگ آپڻو ھوئي جاشَي۔‘ ‏15 پَڇي اُوئون، اُوئي نَي باگ ݾون ٻاھر ڪاڍي ماري ڇوڙيو۔ ھمَي باگ رو مالڪ اُوئون ݾون ڪِي ڪرشَي؟ ‏16 او آئي باگايون نَي ٺُپ ماري ڇوڙشَي ھانَ باگ ڪَي ٻيجون نَي ڏيشَي۔“ اُوئون اَي ݾُڻيو تو ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”ايشوَر خير ڪرَي۔“ ‏17 پرڀُو يسُوع اُوئون ڏيݾا جوئي ڪھيو ڪہ، ”تو پَڇي شاستر رِي اِيئي لِکت رو مطلب ڪِي ھَي؟
’جڪَي پٿر نَي ڪاريگرون بيڪار ݾمجھو،
اوج ݾجون ݾون خاص پٿر ھويو۔‘
‏18 جڪو ڀِي اُوئي پٿر تي کرشَي، تو او ٽُڪڙا ٽُڪڙا ھوئي جاشَي، پڻ جڪَي ماٿَي او پٿر کرشَي اُوئي نَي چِپلي ڇوڙشَي۔“ ‏19 ڌرمي گُرو ھانَ ايشوَر را موٽا پُوجاري ݾمجھي گيا ڪہ اُوئي اَي مِثال مھورَي بارَي ۾ ݾُڻايو ھَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون اُوئي نَي اُوئيج ٽيم جھالڻ رِي ڪوشش ڪِي، پڻ او مِنکون ݾون ٻيئاجتا۔
ٽيڪس رَي بارَي ۾ سوال
‏20 پَڇي ڌرمي گُروئون ھانَ ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون پرڀُو يسُوع نَي نظر ۾ راکيو ھانَ جاچُوس ڇوڙيا ڪہ نيڪ ھوئي اُوئي نَي ڪَي بات ۾ ڦݾاوَي ھانَ پَڇي اُوئي نَي رُومي گوَرنر رَي حوالي ڪري سزا ڏيراوَي۔ ‏21 اُوئون پرڀُو يسُوع ݾون سوال پُوڇو ڪہ، ”گُرو جِي، مھي ݾمجھون ھون ڪہ جڪو ڀِي ٿي ڪو ھانَ ݾيکائو ھو، او صحيح ھَي ھانَ ٿي ڪيرو ڀِي پاݾو ڪونھي ليتا، پڻ ݾچائي ݾون ايشوَر رو مارگ بتائو ھو۔ ‏22 ھمَي مھونَي ݾُڻائو ڪہ رُوم مُلڪ رَي مھاراجا قيصر نَي ٽيڪس ڏيوَڻ کپَي، جون نا؟“ ‏23 پرڀُو يسُوع اُوئون رِي چالاڪِي ݾمجھي گيو ھانَ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ‏24 ”مھنَي چوندِي رو ھيڪ ݾِڪو بتائو۔ ھمَي ݾُڻائو، اِيئي تي ڪيرو ڦوٽُو ھانَ نون ھَي؟“ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”مھاراجا قيصر رو۔“ ‏25 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جڪو قيصر رو ھَي، او قيصر نَي ڏيئو ھانَ جڪو ايشوَر رو ھَي، او ايشوَر نَي ڏيئو۔“ ‏26 اِيئي نمُونَي او مِنکون رَي رُوبرو پرڀُو يسُوع نَي ڪَي ڀِي بات ۾ ڦݾائي ڪونھي ݾگھيا، پڻ اُوئي رِي بݪتِي تي حيرون ھوئي ماٺ ھويا۔
قيامت رَي ڏِن رَي بارَي ۾ سوال
‏27 پَڇي ڪئينڪہ صدُوقي مِنک، پرڀُو يسُوع ڪڍي آيا جڪون رو وِشواس ھتو ڪہ مرڻ ݾون پَڇي ڀڙي ڪو ڀِي جيتو ڪونھي ھووَي۔ اُوئون پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ‏28 ”گُرو جِي، مُوسيٰ نبِي مھورَي ݾارُو لِکيو ھَي ڪہ، ’جي ڪيرو پرڻيجوڙو ڀائي بِنا اولاد مري جاوَي، تو اُوئي رَي ڀائي رو فرض ھَي ڪہ او آپرِي باڀِي ݾون بيئان ڪرَي ڪہ آپرَي ڀائي رَي ݾارُو اولاد ھووَي۔‘ ‏29 فرض ڪرو ڪہ ڪو ݾات ڀائي ھتا۔ پيلڪَي بيئان ڪيئو ھانَ او بِنا اولاد مري گيو۔ ‏30 پَڇي ٻيجَي ڀائي، آپرِي باڀِي ݾون بيئان ڪيئو ھانَ ڪئينڪہ ڏِنون ݾون پَڇي او ڀِي بِنا اولاد مري گيو۔ ‏31 پَڇي تيجَي ڀائي ڀِي ݾاگي باڀِي ݾون بيئان ڪيئو۔ اِيئي نمُونَي ݾاتون ڀايون اِيئوج ڪيئو ھانَ او بِنا اولاد مرتا گيا۔ ‏32 نيٺ او لُگائِي ڀِي مري گئِي۔ ‏33 ھمَي مھونَي اَي ݾُڻائو ڪہ ڀڙي جيتا ھوئڻ آݪَي ڏِن، او لُگائِي اُوئون ݾاتون ڀايون ۾ ڪيرِي لُگائِي ھوشَي، ڪيونڪہ اُوئون ݾاتون ھيڪِي ݾون بيئان ڪيئو ھتو؟“ ‏34 اِيئي تي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”اِيئي جگت را مِنک بيئان بڌوڻا ڪرَي ھَي، ‏35 پڻ او مِنک جڪو ايشوَر رِي نظر ۾ نيڪ ھوشَي، ايشوَر اُوئون نَي مُوئوڙون ݾون جيتا ڪري ݾُرگ ۾ راکشَي۔ اُوئون ۾ بيئان بڌوڻا ڪونھي ھووَي۔ ‏36 او مُوئوڙون ݾون جيتا ھوئي ڀڙي ڪڏي ڀِي ڪونھي مرَي، ڪيونڪہ او ايشوَر رَي فريشتون آݪِي ڪار ھوشَي ھانَ او ايشوَر را ٻاݪ ھوشَي۔ ‏37 مُوئوڙون رو جيتا ھوئي اُٺڻ رَي بارَي ۾ مُوسيٰ ڀِي آپ ٻݪتَي ٻُوٺَي رِي بات ۾ پرميشوَر نَي اڀراھيم، اضحاق ھانَ يعقُوب رو ايشوَر ڪَي ھَي۔ ‏38 اِيئي رَي ڪري ايشوَر مُوئوڙون رو نا، پڻ جيتون رو ايشوَر ھَي، ڪيونڪہ اُوئي رَي ݾارُو ݾجائِي جيتا ھَي۔“ ‏39 تو ڌرمي گُروئون ۾ ڪئينڪہ مِنکون اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”گُرو جِي، ٿون صحيح بات ڪِي ھَي۔“ ‏40 اِيئي ݾون پَڇي ڪينَي ڀِي ھِمت ڪونھي ھوئِي ڪہ او پرڀُو يسُوع ݾون ڪو سوال پُوڇَي۔
واعدَي ڪيئوڙَي مَسيح رَي بارَي ۾ سوال
‏41 پَڇي پرڀُو يسُوع ڌرمي گُروئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”مِنک ڪيئون مَسيح رَي بارَي ۾ ڪَي ھَي ڪہ او دائُود رو اولاد ھَي؟ ‏42 دائُود تو آپ، آپرَي زبُور شاستر ۾ ڪَي ھَي ڪہ،
’پرميشوَر مھارَي پرڀُو نَي ڪھيو ڪہ،
تُو مھارَي ݾاجَي پاݾَي ٻيݾ۔
‏43 جترِي توڻي ھُون ٿارا دُشمن ھرائي
ٿارَي پگون ھيٺا نِي ڪرون۔‘
‏44 جڏي دائُود آپ، مَسيح نَي پرڀُو ڪَي ھَي، تو پَڇي او اُوئي رو ڏيڪرو ڪيڪر ھويو؟“
ٺَگ ڌرمي مِنکون ݾون ھوشيار ڪرڻ
‏45 جڏي ݾجائِي مِنک اَي باتون ݾُڻتا پڙيا، تو پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ‏46 ”ٿي ڌرمي گُروئون ݾون ھوشيار رھيا، جڪو موٽا موٽا جُبا پيري اِيئا اُوئا ڦِرڻ پسند ڪرَي ھَي ڪہ شھر ۾ مِنک اُوئون نَي عِزت ݾون نمسڪار ڪرَي ھانَ او ڀگتي گھرون ھانَ موٽَي دعوتون ۾ ݾجون ݾون عِزت آݪِي خاص جگھا تي ٻيݾاڙَي۔ ‏47 او رونڏٻير لُگايون رَي گھرون تي قبضا ڪرَي ھَي ھانَ آپنَي نيڪ بتاوڻ رَي ݾارُو لونٻَي لونٻَي پراٿنائون ڪرَي ھَي۔ اھڙَي مِنکون نَي تموم گھڻِي سزا ملشَي۔“