انگُورون رَي باگ رَي ٺيڪدارون رو مِثال
12
پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي مِثالون ڏي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”ھيڪَي زميندار انگُورون رو باگ لگايو ھانَ اُوئي رَي چوڌاري لوڙھو ڏيرايو ھانَ رس ڪاڍڻ رَي ݾارُو ھودِي ڀِي ٺڙائِي ھانَ پھرو ڏيوَڻ رَي ݾارُو مورچو ڀِي ٺڙايو۔ پَڇي باگ ٺيڪَي تي ڏي آپ ڪَي ٻيجَي مُلڪ بُوئو گيو۔ ‏2 پَڇي جڏي انگُورون رِي مُند آئِي، تو اُوئي آپرَي ھيڪَي غُلوم نَي باگايون ڪڍي حِصو ليوَڻ رَي ݾارُو ميليو۔ ‏3 پڻ باگايون اُوئي نَي جھالي مار ڪاڍِي ھانَ کالِي ھاٿ پاڇو ميليو۔ ‏4 پَڇي مالڪ آپرو ٻيجو غُلوم ميليو، پڻ اُوئون اُوئي رو ماٿو ڦاڙيو ھانَ بي عِزتو ڪري پاڇو ميليو۔ ‏5 پَڇي اُوئي ھيڪ ٻيجو غُلوم ميليو، پڻ اُوئون اُوئي نَي ماري ڇوڙيو۔ اِيئي نمُونَي مالڪ آپرا تموم گھڻا غُلوم ميليا، جڪون ۾ اُوئون ڪينَي مار ڪاڍِي ھانَ ڪينَي ماري ڇوڙيا۔ ‏6 ھمَي رُگو اُوئي رو پيارو ڏيڪرو ريتو۔ نيٺ اُوئي آپرو ڏيڪرو اَي ݾوچي ميليو ڪہ، ’ھوئي ݾگھَي ڪہ او مھارَي ڏيڪرَي رو خيال ڪرَي۔‘ ‏7 پڻ باگايون آپت ۾ صلاح ڪِي ڪہ، ’اَي تو مالڪ رو ڏيڪرو ھَي۔ آئو تو اِيئي نَي ماري ڇوڙون، تو پَڇي ݾجِي ملڪيت آپڻِي ھوئي جاشَي۔‘ ‏8 اِيئي رَي ڪري اُوئون اُوئي نَي جھالي ماري ڇوڙيو ھانَ باگ ݾون ٻاھر اُڇلائي ڇوڙيو۔ ‏9 ھمَي باگ رو مالڪ اُوئون ݾون ڪِي ڪرشَي؟ او آپ آشَي ھانَ اُوئون باگايون نَي ماري ڇوڙشَي ھانَ آپرو باگ ٻيجون نَي ڏيشَي۔ ‏10 ڪِي ٿون شاستر ۾ ڪونھي پڙھيو ڪہ،
’جڪَي پٿر نَي ڪاريگرون بيڪار ݾمجھو
اوج ݾجون ݾون خاص پٿر ھويو۔
‏11 اَي پرميشوَر رَي طرفون ھويو
ھانَ آپڻَي ݾارُو ڪترِي عجيب بات ھَي۔‘“
‏12 اِيئي تي يھُودي اَگووڻ ݾمجھا ڪہ اُوئي اَي مِثال مھونَي ݾُڻائِي ھَي۔ پَڇي او ڪوشش ڪرڻ لاگا ڪہ پرڀُو يسُوع نَي جھالَي، پڻ او مِنکون ݾون ٻيئاجتا، اِيئي رَي ڪري او اُوئي نَي ڇوڙي بُوئا گيا۔
ٽيڪس رَي بارَي ۾ سوال
‏13 پَڇي يھُودي اَگووڻون، فريسي ھانَ ھيروديس بادشاھ رَي ٽولَي را ڪئينڪہ مِنک پرڀُو يسُوع ڪڍي ميليا ڪہ او اُوئي نَي باتون ۾ ڦݾاوَي۔ ‏14 اُوئون جائي پرڀُو يسُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”گُرو جِي، مھونَي خبر ھَي ڪہ ٿي ݾاچا ھو ھانَ ݾچائي ݾون ايشوَر رو مارگ بتائو ھو۔ ٿي ڪيرو ڀِي پاݾو ڪونھي ليتا ھانَ نَڪو ڪيرِي پرواھ ڪرتا۔ ‏15 مھونَي رُومي مھاراجا قيصر نَي ٽيڪس ڏيوَڻ کپَي جون نا؟“ پرڀُو يسُوع اُوئون رِي چالاڪِي ݾمجھي گيو ھانَ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي مھنَي ڪيئون ڦاݾاوڻ رِي ڪوشش ڪرو ھو؟ مھنَي چوندِي رو ھيڪ ݾِڪو بتائو۔“ ‏16 او چوندِي رو ݾِڪو اُوئي ڪڍي لي آيا۔ تو پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”اِيئي تي ڪيرو ڦوٽُو ھانَ نون ھَي؟“ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”مھاراجا قيصر رو۔“ ‏17 تو پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جڪو قيصر رو ھَي، او قيصر نَي ڏيئو ھانَ جڪو ايشوَر رو ھَي، او ايشوَر نَي ڏيئو۔“ جڏي اُوئون اَي بات ݾُڻِي، تو او حيرون ھويا۔
قيامت رَي ڏِن رَي بارَي ۾ سوال
‏18 پَڇي ڪئينڪہ صدُوقي مِنک، جڪون رو وِشواس ھتو ڪہ مرڻ ݾون پَڇي ڪو ڀِي ڀڙي جيتو ڪونھي ھووَي، او پرڀُو يسُوع ڪڍي آيا ھانَ پُوڇو ڪہ، ‏19 ”گُرو جِي، مُوسيٰ مھورَي ݾارُو لِکيو ھَي ڪہ، ’جي ڪُڻ پرڻيجوڙو بِنا اولاد مري جاوَي، تو اُوئي رَي ڀائي رو فرض ھَي ڪہ آپرِي باڀِي ݾون بيئان ڪرَي ڪہ آپرَي ڀائي رَي ݾارُو اولاد ھووَي۔‘ ‏20 ھيڪَي خاندان ۾ ݾات ڀائي ھتا۔ پيلڪو ڀائي پرڻيجو، او بِنا اولاد مري گيو۔ ‏21 تو ٻيجو ڀائي آپرِي باڀِي ݾون پرڻيجو، پڻ او ڀِي بِنا اولاد مري گيو۔ اِيئي نمُونَي تيجَي ڀائي ڀِي اِيئوج ڪيئو۔ ‏22 اترِي توڻي ڪہ ݾات ئِي ڀائي بِنا اولاد مري گيا۔ نيٺ او لُگائِي ڀِي مري گئِي۔ ‏23 ھمَي مھونَي ݾُڻائو ڪہ ڀڙي جيتا ھوئڻ آݪَي ڏِن، او ݾاتون ڀايون ۾ ڪيرِي لُگائِي ھوشَي؟ ڪيونڪہ اُوئون ݾاتون ھيڪِي ݾون بيئان ڪيئو ھتو۔“ ‏24 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي ڪِترا نِي پونتريوڙا ھو، ٿي نَڪو تو شاستر نَي ݾمجھتا ھانَ نَڪو ايشوَر رِي طاقت نَي۔ ‏25 ڪيونڪہ جڏي ايشوَر مُوئوڙون نَي جيتا ڪري ݾُرگ ۾ لي جاشَي، تو ݾُرگ ۾ بيئان بڌوڻا ڪونھي ھووَي، پڻ ݾُرگ ۾ مِنک آڪاشِي فريشتون آݪِي ڪار ھوشَي۔ ‏26 ڪِي ٿون مُوئوڙون رو جيتا ھوئڻ رَي بارَي ۾ اَي ڪونھي پڙھيو جڪو مُوسيٰ رَي شاستر ۾ لِکيوڙو ھَي؟ جيٿ پرميشوَر ٻݪتَي ٻُوٺَي رِي بات ۾ مُوسيٰ نَي ڪھيو ھتو ڪہ،
’ھُون اڀراھيم، اضحاق ھانَ يعقُوب رو ايشوَر ھون۔‘
‏27 اِيئي رَي ڪري ايشوَر مُوئوڙون رو نا، پڻ جيتون رو ايشوَر ھَي، ڪيونڪہ اُوئي رَي ݾارُو ݾجائِي جيتا ھَي۔ ٿي ݾجائِي ڀٽڪيوڙا ھو۔“
پرميشوَر رو ݾجون ݾون موٽو حُڪم
‏28 اوٿ ھيڪ ڌرمي گُرو ھتو جڪو اُوئون رَي باتون ݾُڻتو پڙيو ڪہ پرڀُو يسُوع صدُوقي مِنکون نَي بݪتِي ڏي ماٺ ڪرايا ھَي، تو او اُوئي ڪڍي آيو ھانَ پُوڇو ڪہ، ”ݾجون ݾون موٽو حُڪم ڪيو ھَي؟“ ‏29 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ݾجون ݾون موٽو حُڪم اَي ھَي ڪہ،
’اي اِسرائيلي قوم رَي مِنکون، ڌھيون ڏي ݾُڻو،
پرميشوَر آپڻو ھيڪج ايشوَر ھَي۔
‏30 تُو پرميشوَر آپرَي ايشوَر ݾون
آپرِي پُورِي دِل، آپرِي پُورِي جان
ھانَ آپرِي پُورِي ݾمجھ ھانَ آپرِي پُورِي طاقت ݾون پريم ڪر۔‘
‏31 ھانَ ٻيجو موٽو حُڪم اَي ھَي ڪہ،
’آپرَي پاڙَي آݪَي ݾون
آپ جِترو پريم ڪر۔‘
اِيئي ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪو ڀِي موٽو حُڪم ڪونھي۔“
‏32 ڌرمي گُرو ڪھيو ڪہ، ”گُرو جِي، ٿي ݾاچِي ڪو ھو۔ رُگو ھيڪج ايشوَر ھَي، اُوئي ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪو ڀِي ڪونھي ‏33 ھانَ ايشوَر ݾون آپرِي پُورِي دِل، آپرِي پُورِي ݾمجھ ھانَ آپرِي پُورِي طاقت ݾون پريم ڪرڻ ھانَ آپرَي پاڙَي آݪَي ݾون آپ جِترو پريم ڪرڻ، اَي ݾجائِي ٻاݪڻ آݪا ٻَليدون ھانَ چڙھاوا ڪرڻ ݾون وڌيڪ ھَي۔“ ‏34 جڏي پرڀُو يسُوع ڏيٺو ڪہ اُوئي ݾمجھ آݪِي بات ڪِي ھَي، تو اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو ايشوَر رِي بادشاھي ݾون اݪگو ڪونھي ھَي۔“ اُوئي ݾون پَڇي ڪينَي ڀِي ھِمت ڪونھي ھوئِي ڪہ او پرڀُو يسُوع ݾون ڪو سوال پُوڇَي۔
واعدَي ڪيئوڙَي مَسيح رَي بارَي ۾ سوال
‏35 پَڇي جڏي پرڀُو يسُوع ايشوَر رَي گھر ۾ مِنکون نَي ݾيکاوتو پڙيو، تو اُوئي اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڌرمي گُرو ڪيئون ڪَي ھَي ڪہ مَسيح، دائُود بادشاھ رو اولاد ھَي؟ ‏36 دائُود بادشاھ آپ پويتر آتما رَي ڪيوَڻ تي اُوئي نَي پرڀُو ڪَي ھَي ڪہ،
’پرميشوَر مھارَي پرڀُو نَي ڪھيو
ڪہ مھارَي ݾاجَي پاݾَي ٻيݾ۔
جترِي توڻي ھُون ٿارا دُشمن ھرائي
ٿارَي پگون ھيٺا نِي ڪرون۔‘
‏37 جي دائُود آپ مَسيح نَي پرڀُو ڪَي ھَي، تو پَڇي او دائُود رو ڏيڪرو ڪيڪر ھويو؟“
ݾجائِي مِنک پرڀُو يسُوع رَي باتون تموم گھڻِي خُوشِي ݾون ݾُڻتا۔
ٺَگ ڌرمي مِنکون ݾون ھوشيار ڪرڻ
‏38 پَڇي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي ݾيکاوتي ڪھيو ڪہ، ”ٿي ڌرمي گُروئون ݾون ھوشيار رھيا جڪو موٽا موٽا جُبا پيري اِيئا اُوئا ڦِرڻ پسند ڪرَي ھَي ڪہ شھر ۾ مِنک اُوئون نَي عِزت ݾون نمسڪار ڪرَي۔ ‏39 اُوئون رِي مرضِي ھووَي ھَي ڪہ او ڀگتي گھرون ھانَ موٽَي دعوتون ۾ ݾجون ݾون خاص جگھا تي ٻيݾَي۔ ‏40 او رونڏٻير لُگايون رَي گھرون تي قبضا ڪرَي ھَي ھانَ آپنَي نيڪ بتاوڻ رَي ݾارُو لونٻَي لونٻَي پراٿنائون ڪرَي ھَي۔ اھڙَي مِنکون نَي تموم گھڻِي سزا ملشَي۔“
رونڏٻير لُگائِي رو دون ڏيوَڻ
‏41 پَڇي پرڀُو يسُوع ايشوَر رَي گھر ۾ دون رِي پيتِي رَي ݾومھو ٻيݾي جوئڻ لاگو ڪہ مِنک ڪيڪر دون ڏَي ھَي۔ تموم گھڻا اَمير مِنک دون ۾ گھڻو ڪئين ڏيتا پڙيا۔ ‏42 اوٿ ھيڪ غريب رونڏٻير لُگائِي آئِي جڪَي ٻي ݾِڪا ڏينا۔ ‏43 اَي جوئي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي آپ ڪڍي ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ اِيئي رونڏٻير ݾجون ݾون وڌيڪ دون ڏينو ھَي، ‏44 ڪيونڪہ اُوئون ݾجون آپرِي گھڻِي ملڪيت رَي ڪري دون ڏينو، پڻ اِيئي رونڏٻير آپرِي غريبي حال ۾ جڪو ڪئين اُوئي ڪڍي ھتو، او ݾجوئي دون ۾ ڏينو ھَي۔“