پرڀُو يسُوع رَي اگڪٿَي
13
جڏي پرڀُو يسُوع ايشوَر رَي گھر ݾون ٻاھر جاوتو پڙيو، تو اُوئي رَي چيلون ۾ ھيڪَي ڪھيو ڪہ، ”گُرو جِي، جوئو اَي پٿر ڪِترا تو موٽا موٽا ھَي ھانَ اَي جگھائون ڪترَي نِي ڦُوٽرَي ھَي۔“ 2 تو پرڀُو يسُوع اُوئي نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٿي جڪو موٽَي موٽَي جگھائون ايٿ ڏيکو ھو، اُوئون رو ھيڪ ڀِي پٿر ݾاجو ڪونھي بچَي ھانَ ݾجو ڪئين بِکوريو جاشَي۔“ڏُک مُصيبتون رَي بارَي ۾ اگڪٿَي
3 پَڇي جڏي پرڀُو يسُوع زيتُون رَي جبل تي ايشوَر رَي گھر رَي ݾومھو ٻيٺو ھتو، تو پطرس، يعقُوب، يُوحنا ھانَ اندرياس ھيکلائي ۾ اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، 4 ”مھونَي ݾُڻائو ڪہ اَي باتون ڪڏي ھوشَي ھانَ ڪھڙا ڪھڙا نِشون ھوشَي جڪَي ݾون خبر پڙشَي ڪہ اَي ݾجَي باتون پُورَي ھوئڻ آݪَي ھَي؟“ 5 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھوشيار رھيا، متان ڪو ٿونَي دوکو ڏَي۔ 6 تموم گھڻا مِنک مھارَي نون ݾون آشَي ھانَ ڪشَي ڪہ ھُون مَسيح ھون ھانَ او تموم گھڻَي مِنکون نَي ڀُلائي ڇوڙشَي۔ 7 جڏي ٿي جنگ ھانَ جھيڙون رَي باتون ݾُڻو، تو گھٻرايا نِي، ڪيونڪہ اِيئون ضرُور ھوشَي، پڻ اَي جگت ڇيڪو ختم ڪونھي ھووَي۔ 8 قوم، قوم ݾون ھانَ بادشاھي، بادشاھي ݾون بِڙشَي۔ ھر جگھا زلزلا آشَي ھانَ ڏُڪاݪ پڙشَي۔ اَي رُگو ڏُکون رِي شرُوعات ھوشَي۔ 9 پڻ ھوشيار رھيا، مِنک ٿونَي جھالي ڪورٽون ۾ لي جاشَي ھانَ ڀگتي گھرون ۾ مارا ڪُوٽو ڪرشَي۔ ٿونَي مھارا چيلا ھوئڻ رَي ڪري بادشاھون ھانَ اَگووڻون ڪڍي لي جاشَي، پڻ او موقعيو ھوشَي جڪَي ۾ ٿي مھارِي گواھِي ڏيشو۔ 10 جترِي توڻي مھارَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر ݾجَي قومون توڻي ڪونھي پُگَي، اُترِي توڻي جگت ختم ڪونھي ھووَي۔ 11 پڻ جڏي او ٿونَي جھالي ڪورٽون ۾ لي جاوَي، تو ٿي گڻتِي نِي ڪريا ڪہ ٿونَي ڪِي ڪيوَڻو ھَي، ڪيونڪہ جڪو ڀِي ٿونَي ڪيوَڻو ھوشَي اُوئيج ٽيم ٿونَي ݾُڻايو جاشَي۔ ٿي آپ ڪونھي ٻولو، پڻ پويتر آتما ٿونَي ݾُڻاشَي ڪہ ٿونَي ڪِي ڪيوَڻو ھَي۔ 12 ڀائي، ڀائي نَي ھانَ ٻاپ ڏيڪرَي نَي مراوڻ رَي ݾارُو جھلاشَي۔ ڏيڪرا آپرَي ما ٻاپ رَي خلاف ھوئي اُوئون نَي مرائي ڇوڙشَي۔ 13 مھارَي نون رَي ڪري ݾجائِي مِنک ٿون ݾون نفرت ڪرشَي، پڻ جڪو آخر توڻي مھارَي باتون تي بيشَي، تو اُوئي نَي مُگتي ملشَي۔
پليت شئي رَي بارَي ۾ اگڪٿِي
14 جڏي ٿي اُوئي برباد ڪرڻ آݪِي پليت شئي نَي پويتر جگھا ۾ اُڀوڙو ڏيکو، تو ٿي ݾمجھي جايا۔ اُوئي ٽيم جڪو يھُوديا صُوبَي ۾ ھووَي، تو او جبلون ڏيݾا ناݾي جاوَي۔ 15 جڪو آپرَي گھر رِي ڇِت تي ھووَي، تو او آپرو سيمون ليوَڻ رَي ݾارُو ھيٺا نِي اُترَي ھانَ نِي گھر ۾ جاوَي۔ 16 جڪو ٻنِي تي ھووَي، او آپرا گاڀا ليوَڻ رَي ݾارُو پاڇو گھري نِي جاوَي۔ 17 ڏُک ھَي اُوئون لُگايون تي، جڪو اُوئون ڏِنون ۾ اُميد ݾون ھوشَي جون آپرَي ٻاݪيون نَي ڏُوڌ پياڙتَي ھوشَي۔ 18 پراٿنا ڪرو ڪہ ٿونَي ݾِياݪَي ۾ ناݾڻو نِي پڙَي۔ 19 ڪيونڪہ اُوئي ڏِن اھڙِي موٽِي مُصيبت آشَي ڪہ جڏي ݾون ايشوَر جگت ٺاھيو ھَي، اُوئي ڏِن ݾون لي آج توڻي نَڪو اھڙِي مُصيبت آئِي ھَي ھانَ نَڪو ڪڏي آوَي۔ 20 جي پرميشوَر اُوئي مُصيبت رَي ڏِنون رو مُدو نِي گھٽائُون تو، تو ڪو ڀِي بچي ڪونھي ݾگھون تو، پڻ اُوئي آپرَي چُونڊيوڙَي مِنکون رَي ڪري اُوئون ڏِنون رو مُدو گھٽايو ھَي۔ 21 اُوئي ٽيم جي ڪُڻ ٿونَي ڪَي ڪہ، ’جوئو، مَسيح ايٿ ھَي جون اوٿ ھَي۔‘ تو ٿي اُوئون رَي باتون تي ڀروسو نِي ڪريا۔ 22 ڪيونڪہ اھڙا ڪُوڙا مِنک آشَي جڪو آپنَي مَسيح جون نبِي ڪشَي۔ او نِشون ھانَ اھڙا عجيب ڪوم بتاشَي جڪَي ݾون مِنک حيرون ھوئي جاشَي۔ اُوئون رو مقصد ھوشَي ڪہ او ايشوَر رَي مِنکون نَي پونترائي ڇوڙَي۔ 23 پڻ ٿي ݾُجاگ رو۔ جوئو، مھَي ݾجَي باتون ھوئڻ ݾون پيل ٿونَي اَگ ۾ ݾجو ڪئين ݾُڻايو رو۔
مُنش پُتر پرڀُو يسُوع رو ڀڙي آوڻ
24 اُوئون مُصيبتون ݾون پَڇي ݾُورج ھانَ چندر آپرو اُجاݪو ڪونھي ڏَي، 25 تارا آڪاش ݾون کرشَي ھانَ آڪاش رَي ݾجَي شيون ھِلائَي جاشَي۔ 26 اُوئي ٽيم مِنک مھَي مُنش پُتر نَي طاقت ھانَ موٽِي مھما ݾون باڏݪون ڀيڙو آوتو ڏيکشَي۔ 27 پَڇي ھُون آپرَي فريشتون نَي ميلين ھانَ او ايشوَر رَي چُونڊيوڙَي مِنکون نَي آڪاش ھانَ ڌرتي رَي چارئي پاݾَي ڀيڙا ڪرشَي۔“
انجير رَي بَڻ رو مِثال
28 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”انجير رَي بَڻ ݾون ݾيکو۔ جڏي اُوئي رَي ٽاݪَي نرم ھووَي ھَي ھانَ اُوئي ۾ پونَ لاگَي ھَي، تو ٿي ڏيکي ݾمجھو ھو ڪہ ھمَي اُوناݪو آوڻ آݪو ھَي۔ 29 اِيئي آݪِي ڪار جڏي ٿي اَي ݾجَي باتون ھوتَي ڏيکو، تو ݾمجھا ڪہ ايشوَر رِي بادشاھي ڇيڪِي آوڻ آݪِي ھَي۔ 30 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جترِي توڻي اَي باتون پُورَي ڪونھي ھووَي، اُترِي توڻي اَي نسل ڪونھي مِٽَي۔ 31 آڪاش ھانَ ڌرتي تو مِٽي جاشَي پڻ مھارَي باتون ڪڏي ڀِي ڪونھي مِٽَي۔“
ݾُجاگ رھيا
32 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ڪينَي ڀِي خبر ڪونھي ڪہ او ڏِن ھانَ ٽيم ڪڏي آشَي، نَڪو آڪاشِي فريشتون نَي ھانَ نَڪو ڏيڪرَي نَي، پڻ رُگو پِتا نَي خبر ھَي۔ 33 خبردار، جاگتا رو ڪيونڪہ ٿونَي خبر ڪونھي ڪہ او ڏِن ڪڏي آشَي۔ 34 مھارَي پاڇَي آوڻ رِي بات اِيئون ھَي ڪہ ھيڪ مِنک ھتو جڪَي پرديس ۾ جاوڻ ݾون پيل آپرَي غُلومون نَي اَڻايا ھانَ اُوئون نَي آپرِي آپرِي اِختياري ڏينِي۔ اُوئي ھر ھيڪ نَي آپرو آپرو ڪوم ݾُڻايو ھانَ چوڪيدار نَي حُڪم ڏينو ڪہ ݾُجاگ رئي۔ 35 اِيئي رَي ڪري ٿي ݾُجاگ رو، ڪيونڪہ ٿونَي خبر ڪونھي ڪہ گھر رو مالڪ ڪڏي آشَي، ھوئي ݾگھَي ھَي ڪہ شام رو، آڌِي رات رو، جون ڪُوڪڙَي ٻونگ ڏيتَي بِݪا، جون ڏِن اُگتي بِݪا۔ 36 اِيئون نِي ھووَي ڪہ او اوچتو آوَي ھانَ ٿونَي ݾُوتوڙا ڏيکَي۔ 37 ھُون ٿونَي جڪو ڪئين ڪونھ پڙيو، او ٻيجون رَي ݾارُو ڀِي ھَي ڪہ ٿي ݾجائِي ݾُجاگ رھيا۔“