رونڏٻير لُگائِي رو دون ڏيوَڻ
21
پَڇي پرڀُو يسُوع ڏيٺو ڪہ ڪئينڪہ اَمير مِنک ايشوَر رَي گھر ۾ راکيوڙِي دون رِي پيتِي ۾ آپرا آپرا دون ڏَي پڙيا۔ 2 اوٿ ھيڪ غريب رونڏٻير لُگائِي ڀِي آئِي جڪَي ٻي ݾِڪا ڏينا۔ 3 اَي جوئي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ حقيقت اِيئي غريب رونڏٻير ݾجون ݾون وڌيڪ دون ڏينو ھَي۔ 4 ڪيونڪہ اُوئون ݾجون آپرِي گھڻِي ملڪيت رَي ڪري دون ڏينو ھَي، پڻ اِيئي رونڏٻير آپرِي غريبي حال ۾ جڪو ڪئين اِيئي ڪڍي ھتو، او ݾجوئي دون ۾ ڏينو ھَي۔“ايشوَر رَي گھر رَي بارَي ۾ اگڪٿِي
5 جڏي پرڀُو يسُوع را چيلا ايشوَر رَي گھر رَي بارَي ۾ اَي ڪيتا پڙيا ڪہ، ”ايشوَر رو گھر قيمتي پٿرون ھانَ دون ڪيئوڙَي شيون ݾون ڦُوٽرو ݾجايوڙو ھَي۔“ اِيئي تي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، 6 ”او ڏِن ڀِي آشَي ڪہ جڪو ڪئين ٿي ايٿ ڏيکو ھو، اُوئون رو ھيڪ ڀِي پٿر ݾاجو ڪونھي بچَي ھانَ ݾجو ڪئين بِکوريو جاشَي۔“
ڏُک مُصيبتون رَي بارَي ۾ اگڪٿَي
7 چيلون اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”گُرو جِي، اَي باتون ڪڏي ھوشَي ھانَ ڪھڙو نِشون ھوشَي جڪَي ݾون خبر پڙشَي ڪہ ھمَي اَي ھوئڻ آݪو ھَي؟“ 8 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھوشيار رھيا، متان ڪو ٿونَي دوکو ڏَي، ڪيونڪہ تموم گھڻا مھارَي نون ݾون آشَي ھانَ ڪشَي ڪہ، ’ھُون مَسيح ھون۔‘ پَڇي اَي ڀِي ڪشَي ڪہ، ’ٽيم نيڙو آيو رو۔‘ پڻ ٿي اُوئون رَي باتون تي ڪڏي ڀِي ڀروسو نِي ڪريا۔ 9 ٿي جنگ ھانَ جھيڙون رَي باتون ݾُڻو، تو گھٻرايا نِي، ڪيونڪہ اِيئون ضرُور ھوشَي، پڻ اَي جگت ڇيڪو ختم ڪونھي ھووَي۔“
10 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”قوم، قوم ݾون ھانَ بادشاھي، بادشاھي ݾون بِڙشَي۔ 11 موٽا موٽا زلزلا آشَي ھانَ ھر جگھا ڏُڪاݪ پڙشَي ھانَ موٽَي موٽَي بيمارَي بڌي جاشَي۔ آڪاش تي موٽا موٽا نِشون ڏيکيجشَي، جڪَي ݾون مِنک ٻيئاجي جاشَي۔ 12 پڻ اَي ݾجو ڪئين ھوئڻ ݾون پيل مِنک مھارَي نون رَي ڪري ٿونَي جھلاشَي ھانَ ڏُک ڏيشَي۔ او ٿونَي ڀگتي گھرون رَي اَگووڻون رَي حوالي ڪرشَي ھانَ جيل ڏيراشَي ھانَ بادشاھون ھانَ اَگووڻون ڪڍي لي جاشَي۔ 13 اھڙَي ٽيم ٿونَي مھارِي گواھِي ڏيوَڻ رو موقعيو ملشَي۔ 14 اِيئي رَي ڪري ٿي آپرَي من ۾ گڻتِي نِي ڪريا ڪہ مھي ڪھڙِي بݪتِي ڏيشون۔ 15 ڪيونڪہ ھُون آپ ٿونَي ݾمجھ ھانَ ٻولڻ را آکر ڏئين ڪہ ڪو ڀِي دُشمن ٿون ݾون ھوڏ ڪري ڪونھي ݾگھَي ھانَ نَڪو ٿونرَي باتون نَي ڪُوڙَي ڪري ݾگھَي۔ 16 ٿونرا ما ٻاپ، ڀائي، عزيز ھانَ دوست ڀِي ٿونَي جھلاشَي، پڻ ٿون ۾ او ڪينَي مرائي ڀِي ڇوڙشَي۔ 17 مِنک مھارَي نون رَي ڪري ٿون ݾون دُشمنِي راکشَي۔ 18 پڻ ڪو ڀِي ٿونرو ڪئين ڪونھي ڪري ݾگھَي۔ 19 اَي ݾجو ڪئين برداش ڪرشو، تو ٿونَي اَمر جيوَن ملشَي۔“
يروشلم رِي بربادي رَي بارَي ۾ اگڪٿِي
20 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڏي ٿي يروشلم شھر تي فوج رو گھيرو ڏيکو، تو ݾمجھا ڪہ اُوئي رِي بربادي رو ٽيم نيڙو آيو ھَي۔ 21 اُوئي ٽيم جڪو يھُوديا صُوبَي ۾ ھووَي، او جبلون ڏيݾا ناݾي جاوَي۔ جڪو يروشلم ۾ ھووَي، او ٻاھر نڪري جاوَي۔ جڪو ٻاھراڙِي ۾ ھووَي، او شھر نِي جاوَي۔ 22 ڪيونڪہ اَي او ڏِن ھوشَي، جڏي ايشوَر پاپي مِنکون نَي سزا ڏيشَي ھانَ شاستر رَي ݾجَي باتون پُورَي ھوشَي۔ 23 ڏُک ھَي اُوئون لُگايون تي، جڪو اُوئون ڏِنون ۾ اُميد ݾون ھوشَي، جون آپرَي ٻاݪون نَي ڏُوڌ پياڙتَي ھوشَي۔ ڪيونڪہ اِيئي مُلڪ تي موٽِي مُصيبت آشَي ھانَ ايشوَر اِسرائيلي قوم نَي سزا ڏيشَي۔ 24 اُوئون ۾ ڪئينڪہ تلوار ݾون ماريا جاشَي ھانَ ڪئينڪہ ٻيجَي مُلڪون ۾ قيدي ھوئي جاشَي ھانَ يروشلم ٻيجِي قوم رَي ھاٿ ۾ ھوشَي ھانَ او اُوئي نَي اُوئي ٽيم توڻي ڏُک ڏيتا ريشَي جترِي توڻي اُوئون رِي حڪُومت رو مُدو پُورو نِي ھووَي۔“
مُنش پُتر پرڀُو يسُوع رو ڀڙي آوڻ
25 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ݾُورج، چندر ھانَ تارون ۾ نِشونَي ظاھر ھوشَي ھانَ ڌرتي رَي ݾجَي قومون پريشون ھوئي جاشَي، ڪيونڪہ او ݾمُوندر ھانَ اُوئي رَي ڇوليون رَي گوڙ رَي ڪري ٻيئاجي جاشَي۔ 26 پَڇي آڪاش رَي ݾجَي شيون ھِلائَي جاشَي ھانَ مِنکون رو اِيئي ٻِي ۾ ݾاݾ ݾُوڪِي جاشَي ڪہ ڌرتي تي ڪھڙِي مُصيبت آوڻ آݪِي ھَي۔ 27 اُوئي ٽيم مِنک مھَي مُنش پُتر نَي طاقت ھانَ مھما ݾون باڏݪون ڀيڙو آوتو ڏيکشَي۔ 28 جڏي اَي باتون ھوئڻ آݪَي ھووَي، تو اُونچا اُٺيا ھانَ آپرا ڪونڌا اُونچا ڪريا، ڪيونڪہ ٿونرِي مُگتي رو ٽيم نيڙو آيو ھوشَي۔“
انجير رَي بَڻ رو مِثال
29 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ھيڪ مِثال ڏي ڪھيو ڪہ، ”انجير رَي بَڻ ھانَ ݾجَي بَڻون نَي جوئو۔ 30 جڏي اُوئون را پونَ اُگَي ھَي، تو ٿي ݾمجھو ھو ڪہ ھمَي اُوناݪو آوڻ آݪو ھَي۔ 31 اِيئي نمُونَي جڏي ٿي اَي باتون ھوتَي ڏيکو، تو ݾمجھا ڪہ ايشوَر رِي بادشاھي آوڻ آݪِي ھَي۔ 32 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جترِي توڻي اَي ݾجَي باتون پُورَي ڪونھي ھووَي، اُترِي توڻي اَي نسل ڪونھي مِٽَي۔ 33 آڪاش ھانَ ڌرتي تو مِٽي جاشَي، پڻ مھارَي باتون ڪڏي ڀِي ڪونھي مِٽَي۔“
ھوشيار ريوَڻ رِي ضرُورت
34 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھوشيار رھيا، اِيئون نِي ھووَي ڪہ ٿونرا من عياشِي، نشَي ھانَ اِيئي حياتِي رَي گڻتيون ۾ ڦاݾَي ھانَ مھارَي پاڇَي آوڻ رو ڏِن ٿون ماٿَي اوچتو 35 ڦندَي آݪِي ڪار آوَي۔ ھاوي، جِترا ڀِي ݾجِي ڌرتي تي ريوَڻ آݪَي ھوشَي، اُوئون تي اَي ڏِن آشَي۔ 36 اِيئي رَي ڪري ٿي ھر ٽيم ݾُجاگ رو ھانَ پراٿنا ڪرتا رو ڪہ ٿي اِيئي ݾجَي باتون ݾون بچڻ ھانَ مھَي مُنش پُتر رَي ݾومھا اُڀڻ جھڙا ھوئي ݾگھو۔“