9
پرڀُو يسُوع چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ ڪئينڪہ مِنک جڪو ايٿ اُڀا ھَي او اُترِي توڻي ڪونھي مرَي جترِي توڻي آپرِي زندگِي ۾ ايشوَر رِي بادشاھي نَي قُدرت ݾون آوتي نِي ڏيکَي۔“پرڀُو يسُوع رو چمتڪارِي رُوپ
2 ڇَي ڏِنون ݾون پَڇي پرڀُو يسُوع، پطرس، يعقُوب ھانَ يُوحنا نَي آپ ڀيڙا لي اُونچَي جبل تي ھيڪَي پاݾَي لي گيو۔ اُوئون چيلون رَي رُوبرو پرڀُو يسُوع رو رُوپ بدليجي گيو۔ 3 اُوئي را گاڀا چمڪڻ لاگا ھانَ اُجاݪَي آݪِي ڪار آڇا ھوئي گيا ڪہ دُنيا رو ڪو ڀِي ڌوٻِي اھڙا آڇا ڪري ڪونھي ݾگھتو۔ 4 پَڇي اُوئون نَي مُوسيٰ ھانَ ايلياھ ڏيکيجڻ ۾ آيا جڪو پرڀُو يسُوع ݾون باتون ڪرتا پڙيا۔ 5 پطرس پرڀُو يسُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”گُرو جِي، ڪترِي ݾُٺِي بات ھَي ڪہ مھي ايٿ ھون۔ ڪيئون نِي مھي ايٿ تين تنٻُو کوڙون، ھيڪ ٿونرَي ݾارُو، ھيڪ مُوسيٰ رَي ݾارُو ھانَ ھيڪ ايلياھ رَي ݾارُو۔“ 6 حقيقت ۾ پطرس نَي اَي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ او ڪِي ڪَي پڙيو، ڪيونڪہ او تينئي تموم گھڻا ٻيئاجا ھتا۔ 7 پَڇي باڏݪ آئي اُوئون ماٿَي ڇان ڪِي ھانَ باڏݪ ݾون آواز آيو ڪہ، ”اَي مھارو پيارو ڏيڪرو ھَي، ٿي اِيئي رِي ݾُڻو۔“ 8 جڏي اُوئون يڪدم چارئي پاݾَي جويو، تو اوٿ پرڀُو يسُوع ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪو ڀِي ڪونھي ھتو۔
9 جڏي او جبل ݾون ھيٺا اُترتا پڙيا، تو پرڀُو يسُوع اُوئون نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”جترِي توڻي ھُون مُنش پُتر مُوئوڙون ݾون جيتو نِي ھوئون، اُترِي توڻي ٿون جڪو ڪئين ڏيٺو ھَي او ڪينَي ڀِي نِي ݾُڻايا۔“ 10 چيلون پرڀُو يسُوع رِي اِيئي بات نَي ياد راکِي، پڻ او آپت ۾ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”مُوئوڙَي ݾون جيتَي ھوئڻ رو مطلب ڪِي ھَي؟“ 11 پَڇي چيلون پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڌرمي گُرو ڪيئون ڪَي ھَي ڪہ پيل ايلياھ رو آوڻ ضرُور ھَي؟“ 12 اِيئي تي پرڀُو يسُوع بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”اِيئي ۾ ڪو ڀِي شَڪ ڪونھي ڪہ ايلياھ پيل آشَي ھانَ ھر ھيڪ شئي تيار ڪرشَي۔ پڻ ڪيئون شاستر ۾ مھَي، مُنش پُتر رَي بارَي ۾ لِکيوڙو ھَي ڪہ، ’ھُون تموم گھڻا ڏُک ڏيکين ھانَ مِنک مھنَي ڪئين ڪونھي ݾمجَھي؟‘ 13 ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ ايلياھ تو آيو رو ھانَ جون اُوئي رَي بارَي ۾ لِکيوڙو ھَي، مِنکون اُوئي ݾون جون وڻيو اِيئوج ڪيئو۔“
پرڀُو يسُوع رو ڇوڪرَي ݾون ڀُوت ڪاڍڻ
14 جڏي پرڀُو يسُوع ھانَ تين چيلا باقي چيلون ڪڍي پاڇا آيا، تو اُوئون ڏيٺو ڪہ ڌرمي گُرو اُوئون ݾون بَحث ڪرَي پڙيا ھانَ اُوئون رَي چوڌاري تموم گھڻا مِنک ڀيڙا ھويا ھَي۔ 15 اوچتو مِنکون پرڀُو يسُوع نَي ڏيٺو، تو او تموم گھڻا حيرون ھويا۔ او ناݾتا اُوئي ڪڍي گيا ھانَ اُوئي نَي نمسڪار ڪھيو۔ 16 پرڀُو يسُوع چيلون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿي ڌرمي گُروئون ݾون ڪھڙو بَحث ڪرتا پڙيا؟“ 17 تو مِنکون ۾ ھيڪَي ڪھيو ڪہ، ”گُرو جِي، ھُون آپرو ڏيڪرو ٿون ڪڍي لي آيو ھتو، جڪَي ۾ گُونگو ڀُوت ھَي اِيئي رَي ڪري اَي ٻولي ڪونھي ݾگھتو۔ 18 جڏي ڀُوت آوَي ھَي، تو اِيئي نَي ھيٺو نوکَي ھَي ھانَ موڏَي ݾون گوگھِي بَي ھَي ھانَ اَي ڏونت پيݾي ݾِيٽيجَي ھَي۔ مھَي ٿارَي چيلون نَي ڪھيو ھتو، پڻ او ڀُوت ڪاڍي ڪونھي ݾگھيا۔“ 19 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اي بِنا وِشواس آݪون، ھُون ڪترِي توڻي ٿون ڀيڙو رئين ھانَ ڪترِي توڻي ٿونرَي باتون ݾُڻتو رئين؟ اِيئي ڇوڪرَي نَي مھَي ڪڍي لي آئو۔“ 20 تو او اُوئي نَي پرڀُو يسُوع ڪڍي لي آيا۔ جڏي ڀُوت پرڀُو يسُوع نَي ڏيٺو، تو اُوئيج ٽيم اُوئي ڇوڪرَي نَي مروڙيو ھانَ او ھيٺو کِري ڌُوجڻ لاگو ھانَ اُوئي رَي موڏَي ݾون گوگھِي بيوَڻ لاگِي۔ 21 تو پرڀُو يسُوع ڇوڪرَي رَي ٻاپ ݾون پُوڇو ڪہ، ”اَي ڪڏي ݾون اِيئون ڪرَي ھَي؟“ اُوئي رَي ٻاپ بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٻاݪڪپڻ ݾون۔ 22 ڀُوت ڇوڪرَي نَي تموم گھڻا گُھمرا پوڻي ھانَ باݾڏي ۾ نوکي مارڻ رِي ڪوشش ڀِي ڪِي ھَي۔ مھربونِي ڪري مھون تي دايا ڪرو ھانَ جي ھوئي ݾگھَي، تو مھورِي مدد ڪرو۔“ 23 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”اَي نِي ڪَي ڪہ جي ھوئي ݾگھَي، ڪيونڪہ جڪو وِشواس راکَي ھَي اُوئي رَي ݾارُو ݾجو ڪئين ھوئي جاوَي ھَي۔“ 24 اِيئي تي ڇوڪرَي رَي ٻاپ اُوئيج ٽيم زور ݾون ڪھيو ڪہ، ”ھُون وِشواس راکون ھون، پڻ تُو مھارو وِشواس پڪو ڪرڻ ۾ مھارِي مدد ڪر۔“ 25 جڏي پرڀُو يسُوع ڏيٺو ڪہ مِنک ناݾي ناݾي ڀيڙا ھووَي پڙيا، تو اُوئي ڀُوت نَي دڙڪو ڏي ڪھيو ڪہ، ”اي، ٻوڙا ھانَ گُونگا ڀُوت، ھُون ٿنَي حُڪم ڏيئون ھون ڪہ اِيئي ڇوڪرَي ݾون نڪري جا ھانَ ڪڏي ڀِي اِيئي ۾ پاڇو نِي آئي۔“ 26 اِيئي تي ڀُوت رَڙ ڪري ڇوڪرَي نَي مروڙيو ھانَ اُوئي ݾون نڪري گيو۔ ڇوڪرو بيھوش ھوئي گيو ھانَ تموم گھڻَي مِنکون ݾمجھو ڪہ او مُوئو رو۔ 27 پڻ پرڀُو يسُوع اُوئي رو ھاٿ جھالي اُٺاݪيو، تو او اُٺي گيو۔
28 جڏي پرڀُو يسُوع اوٿ ݾون بَئير ھوئي گھري پُگو، تو اُوئي رَي چيلون ھيکلائي ۾ اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”مھي اُوئي ڀُوت نَي ڪيئون ڪونھي ڪاڍي ݾگھيا؟“ 29 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٿي اھڙا ڀُوت پراٿنا ڪرڻ بِنا، ڪاڍي ڪونھي ݾگھتا۔“
پرڀُو يسُوع رِي ڀڙي آپرِي موت رِي اگڪٿِي
30 پَڇي پرڀُو يسُوع ھانَ اُوئي را چيلا اوٿ ݾون بَئير ھويا ھانَ گليل صُوبَي ݾون مَٽيا۔ پرڀُو يسُوع رِي مرضِي ڪونھي ھتِي ڪہ ڪينَي ڀِي اُوئي رَي آوڻ رِي خبر پڙَي۔ 31 ڪيونڪہ پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ݾيکاوتو پڙيو ڪہ، ”ھُون مُنش پُتر، مِنکون رَي حوالي ڪيئو جائين۔ او مھنَي مارشَي پڻ ھُون تيجَي ڏِن مُوئوڙون ݾون جيتو ھوئي جائين۔“ 32 پڻ چيلا اِيئي بات رو مطلب ڪونھي ݾمجھا ھانَ او پُوڇڻ ݾون ڀِي ٻيئاجتا۔
ݾجون ݾون موٽو ڪُڻ ھَي؟
33 پَڇي پرڀُو يسُوع ھانَ اُوئي را چيلا ڪفرنَحُوم شھر ۾ آيا۔ جڏي او گھري پُگا، تو پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿون مارگ ۾ ڪئِي بات تي بَحث ڪيئو ھتو؟“ 34 چيلون ڪو ڀِي بݪتِي ڪونھي ڏينِي، ڪيونڪہ او آپت ۾ اَي بَحث ڪرتا پڙيا ڪہ، ”آپون ۾ ݾجون ݾون موٽو ڪُڻ ھَي؟“ 35 تو پرڀُو يسُوع ٻيٺو ھانَ ٻارھون چيلون نَي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”ٿون ۾ جي ڪيرِي موٽَي ھوئڻ رِي مرضِي ھووَي، تو او ݾجون ݾون نِنيو ھوئي شيواداري ھووَي۔“ 36 پَڇي پرڀُو يسُوع ھيڪَي ٻاݪ نَي اَڻائي اُوئون رَي بِچ ۾ اُڀاڙيو۔ پَڇي اُوئي نَي کوڙَي ۾ لي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، 37 ”جڪو ڀِي مھارَي ݾارُو اھڙَي ٻاݪون ۾ ڪَي ھيڪَي نَي قبُول ڪرَي ھَي، تو ݾمجھو ڪہ او مھنَي قبُول ڪرَي ھَي ھانَ جڪو مھنَي قبُول ڪرَي ھَي، تو ݾمجھو ڪہ او ايشوَر نَي قبُول ڪرَي ھَي جڪَي مھنَي ميليو ھَي۔“
جڪو خلاف ڪونھي او ڀيڙو ھَي
38 پَڇي يُوحنا ڪھيو ڪہ، ”گُرو جِي، مھون ھيڪَي مِنک نَي ٿونرَي نون ݾون ڀُوت ڪاڍتَي ڏيٺو، تو مھون اُوئي نَي پاليو ڪيونڪہ او مھون آݪِي ڪار ٿون ڀيڙو ڪونھي ھَي۔“ 39 اِيئي تي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اُوئي نَي پالو نِي، ڪيونڪہ جڪو مھارو نون لي پرچا ڪرَي ھَي، تو مھنَي او يڪدم خراب ڪئي ڪونھي ݾگھتو۔ 40 اِيئي رَي ڪري جڪو آپڻَي خلاف ڪونھي، او آپون ڀيڙو ھَي۔ 41 جڪو ڀِي ٿونَي مھارو چيلو ݾمجھي پوڻي رو ھيڪ گِلاݾ پياڙَي ھَي، تو ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ اُوئي نَي اِيئي رو ڦل ضرُور ملشَي۔“
گُھمراھ ڪراوڻ آݪَي رِي سزا
42 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڪو ڀِي مھَي تي وِشواس راکڻ آݪون، اِيئون نِنيون ۾ ڪَي ھيڪَي نَي گُھمراھ ڪرَي ھَي، تو اُوئي رَي ݾارُو ݾُٺو اَي ھوشَي ڪہ اُوئي رَي گݪَي ۾ گھٽِي رو پُڙ ٻونڌي اُوئي نَي ݾمُوندر ۾ نوکيو جاوَي۔ 43 جي ٿارو ھاٿ ٿَي ݾون پاپ ڪراوَي، تو اُوئي نَي باڍي ڇوڙ، ڪيونڪہ ٻيئون ھاٿون ݾون نرگ رَي ھميشا رَي باݾڏي ۾ جاوڻ ݾون ݾُٺو اَي ھَي ڪہ تُو ٺُونٺو ھوئي ݾُرگ ۾ جاوَي۔ 44 [نرگ ۾ مِنک ٻَݪتا ريشَي ھانَ اوٿ باݾڏي ڪڏي ڀِي ڪونھي ٻُجَھي۔] 45 جي ٿارو پگ ٿَي ݾون پاپ ڪراوَي، تو اُوئي نَي باڍي اُڇلائي ڇوڙ، ڪيونڪہ ٻيئون پگون ݾون نرگ رَي باݾڏي ۾ جاوڻ ݾون ݾُٺو اَي ھَي ڪہ تُو مَنڊو ھوئي ݾُرگ ۾ جاوَي۔ 46 [نرگ ۾ مِنک ٻَݪتا ريشَي ھانَ اوٿ رو باݾڏي ڪڏي ڀِي ڪونھي ٻُجَھي۔] 47 جي ٿارِي اونک ٿَي ݾون پاپ ڪراوَي، تو اُوئي نَي ڪاڍي اُڇلائي ڇوڙ، ڪيونڪہ ٻيئون اونکيون ݾون نرگ رَي باݾڏي ۾ جاوڻ ݾون ݾُٺو اَي ھَي ڪہ تُو ڪوڻو ھوئي ݾُرگ ۾ جاوَي۔ 48 نرگ ۾ مِنک ٻَݪتا ريشَي ھانَ اوٿ رو باݾڏي ڪڏي ڀِي ڪونھي ٻُجَھي۔
49 جون ٻَليدون نَي لُوڻ لگائي پويتر ڪيئو جاوَي ھَي، اُوئيج نمُونَي ھر ھيڪ مِنک نَي باݾڏي ݾون پويتر ڪيئو جاشَي۔ 50 لُوڻ تو ݾُٺو ھَي، پڻ جي اُوئي رو ݾَواد ختم ھوتو جاوَي، تو اُوئي نَي ڀڙي ڪيڪر ݾَوادو ڪيئو جاشَي؟ اِيئي رَي ڪري ٿي ݾاچا چيلا ھوئي ايشوَر رِي مرضِي پُورِي ڪرو ھانَ آپت ۾ لُوڻ جھڙو ݾَواد راکو ھانَ ھيڪَي ٻيجَي ݾون پريم ݾون بو۔“