پرڀُو يسُوع رو چمتڪارِي رُوپ
17
ڇَي ڏِنون ݾون پَڇي پرڀُو يسُوع پطرس، يُوحنا ھانَ يعقُوب نَي آپ ڀيڙا لي ھيڪَي اُونچَي جبل تي گيو۔ 2 اُوئون چيلون رَي رُوبرو پرڀُو يسُوع رو رُوپ بدليجي گيو ھانَ اُوئي رو مونڏو ݾُورج آݪِي ڪار چمڪڻ لاگو ھانَ اُوئي را گاڀا آڇا اُجاݪَي آݪِي ڪار ھوئي گيا۔ 3 پَڇي اُوئون مُوسيٰ ھانَ ايلياھ نَي پرڀُو يسُوع ݾون باتون ڪرتَي ڏيٺا۔ 4 پطرس پرڀُو يسُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، ڪترِي ݾُٺِي بات ھَي ڪہ مھي ايٿ ھون۔ جي ٿارِي مرضِي ھووَي، تو مھي ايٿ تين تنٻُو کوڙون، ھيڪ ٿارَي ݾارُو ھيڪ مُوسيٰ رَي ݾارُو ھانَ ھيڪ ايلياھ رَي ݾارُو۔“ 5 اَڃون او ٻولتو ئِي پڙيو، تو باڏݪ آئي اُوئون ماٿَي ڇان ڪِي۔ پَڇي باڏݪ ݾون آواز آيو ڪہ، ”اَي مھارو پيارو ڏيڪرو ھَي۔ اِيئي ݾون ھُون تموم گھڻو خُوش ھون۔ ٿي اِيئي رِي ݾُڻو۔“ 6 چيلا او آواز ݾُڻي اِترا تو ٻيئاجا ڪہ او موڏَي توڻي ڌرتي تي کِريا۔ 7 پرڀُو يسُوع اُوئون ڪڍي آيو ھانَ اُوئون نَي ھاٿ لگائي ڪھيو ڪہ، ”اُٺو، ٻيئاجو نِي۔“ 8 جڏي اُوئون اُونچو جويو، تو اوٿ پرڀُو يسُوع ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪو ڀِي ڪونھي ھتو۔ 9 جڏي او جبل ݾون ھيٺا اُترتا پڙيا، تو پرڀُو يسُوع اُوئون نَي حُڪم ڏي ݾمجھايا ڪہ، ”جترِي توڻي ھُون مُنش پُتر مُوئوڙون ݾون جيتو نِي ھوئون، اُترِي توڻي ٿون جڪو ڪئين ڏيٺو، او ڪينَي ڀِي نِي ݾُڻايا۔“ 10 اِيئي تي چيلون پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڌرمي گُرو ڪيئون ڪَي ھَي ڪہ پيل ايلياھ رو آوڻ ضرُوري ھَي؟“ 11 اُوئي بݪتِي ڏي ڪھيو ڪہ، ”اِيئي ۾ ڪو ڀِي شَڪ ڪونھي ڪہ ايلياھ آشَي ھانَ ھر ھيڪ شئي تيار ڪرشَي۔ 12 ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ ايلياھ تو آيو رو، پڻ مِنکون اُوئي نَي ڪونھي اوݪکيو ھانَ اُوئون جون وڻيو اِيئوج اُوئي ݾون ڪيئو، پڻ مِنک مُنش پُتر نَي ڀِي اھڙا ڏُک ڏيشَي۔“ 13 تو چيلا ݾمجھا ڪہ او پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا رَي بارَي ۾ بات ڪرَي پڙيو۔پرڀُو يسُوع رو ڇوڪرَي ݾون ڀُوت ڪاڍڻ
14 پَڇي جڏي پرڀُو يسُوع ھانَ اُوئي را چيلا مِنکون رَي ٽولَي ڪڍي گيا، تو ھيڪ مِنک پرڀُو يسُوع ڪڍي آيو ھانَ اُوئي رَي پگون ۾ کِريو 15 ھانَ ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”اي پرڀُو، مھارَي ڏيڪرَي تي دايا ڪرو، ڪيونڪہ او گُھٽِي رَي ڪري ڪڏي باݾڏي ۾، تو ڪڏي پوڻي ۾ کِرَي ھَي ھانَ او تموم گھڻَي ڏُکون ۾ ھَي۔ 16 ھُون اُوئي نَي ٿونرَي چيلون ڪڍي لي آيو ھتو، پڻ او اُوئي نَي ݾاجو ڪري ڪونھي ݾگھيا۔“ 17 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ،”اي بِنا وِشواس ھانَ ڀٽڪيوڙَي مِنکون، ھُون ڪترِي توڻي ٿون ڀيڙو رئين ھانَ ڪترِي توڻي ٿونرَي باتون ݾُڻتو رئين۔ ڇوڪرَي نَي اِيئا مھَي ڪڍي لي آئو۔“ 18 پَڇي پرڀُو يسُوع ڀُوت نَي دڙڪو ڏينو، تو ڀُوت اُوئي ڇوڪرَي ݾون نڪري گيو ھانَ او ݾاجو ھوئي گيو۔
19 پَڇي چيلون پرڀُو يسُوع ݾون آپرَي مُونھ پُوڇو ڪہ، ”مھي اُوئي ڀُوت نَي ڪيئون ڪونھي ڪاڍي ݾگھيا؟“ 20 پرڀُو يسُوع بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”گھٽ وِشواس رَي ڪري۔ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جي ٿون ۾ ݾَرݾيون رَي ڏوڻَي جِترو ڀِي وِشواس ھوشَي، تو ٿي اِيئي جبل نَي ڪشو، ’ايٿ ݾون جا۔‘ تو او ٿونرِي بات منشَي، اِيئي نمُونَي ھر ھيڪ بات ٿونرَي ݾارُو ھوئي جاشَي۔“ 21 [پڻ پراٿنا ھانَ روزَي ݾون ٽاݪ ٿي اھڙا ڀُوت ڪاڍي ڪونھي ݾگھتا۔]
پرڀُو يسُوع رِي ڀڙي آپرِي موت رِي اگڪٿِي
22 جڏي پرڀُو يسُوع را چيلا گليل صُوبَي ۾ ڀيڙا ھويا، تو پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون مُنش پُتر، مِنکون رَي حوالي ڪيئو جائين۔ 23 او مھنَي مارشَي، پڻ ھُون تينون ڏِنون ݾون پَڇي جيتو ھوئي جائين۔“ اَي بات ݾُڻي چيلون نَي تموم گھڻو ڏُک ھويو۔
ٽيڪس رَي بارَي ۾ ݾمجھاوڻ
24 جڏي پرڀُو يسُوع ھانَ اُوئي را چيلا ڪفرنَحُوم شھر ۾ پُگا، تو ايشوَر رَي گھر رَي ݾارُو ٽيڪس ليوَڻ آݪا پطرس ڪڍي آيا ھانَ پُوڇو ڪہ، ”ڪِي ٿونرو گُرو ايشوَر رَي گھر ۾ ٽيڪس ڪونھي ڏيتو؟“ 25 اِيئي تي اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ھاوي، او ٽيڪس ڏَي ھَي۔“ پَڇي جڏي او پاڇو گھري آيو، تو پرڀُو يسُوع اُوئي رَي ٻولڻ ݾون پيل پُوڇو ڪہ، ”شمعُون ٿارو ڪِي خيال ھَي ڪہ دُنيا را بادشاھ ڪَي ݾون ٽيڪس ھانَ ناڪو لَي ھَي؟ ڪِي آپرَي ڏيڪرون جون ٻيجون ݾون؟“ 26 پطرس ڪھيو ڪہ، ”ٻيجون ݾون۔“ تو پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اِيئي رو مطلب اَي ھَي ڪہ ڏيڪرون نَي ٽيڪس ڏيوَڻ رِي ضرُورت ڪونھي۔ 27 پڻ تو ڀِي آپي اُوئون نَي ناراض ڪونھي ڪرون، اِيئي رَي ڪري تُو جا ھانَ ڊنڍ ۾ ڪُنڊِي ھڻ۔ جڪو ڀِي پيلڪِي مڇِي ڦاٿَي تُو اُوئي رو مونڏو کولِي، تو اُوئي ۾ چوندِي رو ھيڪ ݾِڪو ھوشَي۔ تُو او لي مھارَي ھانَ ٿارَي طرفون اُوئون نَي ٽيڪس ۾ ڏي۔“