پرڀُو يسُوع نَي نِشون بتاوڻ رو ڪيوَڻ
16
ڪئينڪہ ڏِنون ݾون پَڇي پرڀُو يسُوع ڪڍي ڪئين فريسي ھانَ صدُوقي مِنک آيا ھانَ اُوئي رو آزمُوتو ليوَڻ رَي ݾارُو ڪھيو ڪہ، ”مھونَي ڪو اھڙو نِشون بتا، جڪَي ݾون خبر پڙَي ڪہ تُو اَي ڪوم ايشوَر رَي طرفون ڪرَي ھَي۔“ 2 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جڏي ٿي شام رَي ٽيم جوئو ھو ڪہ آسمون راتو ھَي ھانَ پَڇي ڪو ھو ڪہ رُت ݾُٺِي ھوشَي۔ 3 پڻ جڏي ݾاڪݪي تارھي جوئو ھو ڪہ آسمون راتو ھَي ھانَ جُھݪ ھَي، تو ٿي ڪو ھو ڪہ آج مي آشَي۔ ٿونَي آسموني نِشونون رِي خبر تو پڙَي ھَي، پڻ ٿي اِيئي زمونَي نَي ڪيئون ڪونھي ݾمجھتا؟ 4 اِيئي زمونَي را مِنک ڪِترا تو بُڇڙا ھانَ ايشوَر را اِنڪاري ھَي، جڪو نِشون جوئڻ رَي ݾارُو ڪرَي ھَي، پڻ اِيئون نَي يُونا رَي نِشون ݾون ٽاݪ ٻيجو ڪو ڀِي نِشون بتايو ڪونھي جاوَي۔“ پَڇي پرڀُو يسُوع اوٿ ݾون بُوئو گيو۔فريسيون ھانَ صدُوقيون ݾون ھوشيار ڪرڻ
(مرقس 8:14-21)
5 ڊنڍ رَي پيلوڙَي پاݾَي جاوتَي بِݪا چيلا آپ ڀيڙِي ٻاٽِي ليوَڻ پونتري گيا۔ 6 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي خبردار ڪري ڪھيو ڪہ، ”فريسي مِنکون ھانَ صدُوقي مِنکون رَي کَمير ݾون ھوشيار رھيا۔“ 7 او آپت ۾ بَحث ڪرڻ لاگا ڪہ، ”اُوئي آپون نَي اِيئي رَي ڪري ڪھيو ھَي، ڪيونڪہ آپي ٻاٽِي ڪونھي لي آيا۔“ 8 پرڀُو يسُوع ݾمجھي گيو ڪہ او ڪھڙَي باتون ڪرَي پڙيا۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي ڪھيو ڪہ، ”اي گھٽ وِشواس آݪون، ٿي آپت ۾ بَحث ڪيئون ڪرو ھو ڪہ مھون ڪڍي ٻاٽِي ھائِي ڪونھي؟ 9 ڪِي ٿي اَڃون توڻي ڪونھي ݾمجھا؟ ڪِي ٿونَي ياد ڪونھي ڪہ ٿون پونچ ٻاٽَي پونچ ھزار مِنکون ۾ بِݪائَي ھتَي؟ ٿون بچوڙَي ٽُڪڙون را ڪِترا ٽوڪرا ڀريا ھتا؟ 10 ڪِي ٿونَي اَي ڀِي ياد ڪونھي ڪہ ٿون ݾات ٻاٽَي چار ھزار مِنکون ۾ بِݪائَي ھتَي؟ اُوئي ٽيم ٿون بچوڙَي ٽُڪڙون را ڪِترا ٽوڪرا ڀريا ھتا؟ 11 ٿي ڪيئون ڪونھي ݾمجھتا ڪہ مھَي ٿونَي ٻاٽِي رَي بارَي ۾ نا، پڻ فريسيون ھانَ صدُوقيون رَي کَمير ݾون ھوشيار ريوَڻ رَي بارَي ۾ ڪھيو ھَي۔“ 12 پَڇي چيلا ݾمجھا ڪہ پرڀُو يسُوع ٻاٽِي ۾ کَمير رَي بارَي ۾ نا، پڻ فريسيون ھانَ صدُوقيون رَي ݾيکايوڙَي باتون ݾون ھوشيار ريوَڻ رَي بارَي ۾ ڪھيو ھَي۔
پطرس رِي پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ گواھِي
13 جڏي پرڀُو يسُوع قيصريا فِلپي شھر رَي علائقَي ۾ آيو، تو اُوئي آپرَي چيلون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ھُون مُنش پُتر ھون ھانَ مِنک مھارَي بارَي ۾ ڪِي ڪَي ھَي ڪہ ھُون ڪُڻ ھون؟“ 14 اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ڪئين مِنک ڪَي ھَي ڪہ تُو پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا رَي رُوپ ۾ آيوڙو ھَي، ڪئين ڪَي ھَي ڪہ تُو ايلياھ نبِي ھَي جڪو آوڻ آݪو ھتو، ڪئين ڪَي ھَي ڪہ تُو يرميا نبِي ھَي، جون نبيون ۾ ڪو ھيڪ۔“ 15 پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”پڻ ٿي مھارَي بارَي ۾ ڪِي ڪو ھو ڪہ ھُون ڪُڻ ھون؟“ 16 اِيئي تي شمعُون پطرس بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”تُو جيتَي ايشوَر رو ڏيڪرو مَسيح ھَي۔“ 17 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اي يُوحنا را ڏيڪرا شمعُون، ڌن ھَي ٿنَي، ڪيونڪہ ٿنَي اَي بات ڪَي اِنسون ݾون نا، پڻ مھارَي آڪاشِي پِتا رَي طرفون ملِي ھَي۔ 18 ھُون ٿنَي ڪونھ ھون ڪہ تُو پطرس يعني پٿر ھَي ھانَ ھُون اِيئي پٿر تي آپرِي مَنڊلِي ٺائين، جڪَي نَي موت ڀِي ڪونھي مِٽاوَي۔ 19 ھُون ٿنَي آڪاش رِي بادشاھي رَي ڪُونچَي ڏئين ھانَ جڪو تُو ڌرتي تي بند ڪرِي، تو او آڪاش ۾ بند ڪيئو جاشَي ھانَ جڪو تُو ڌرتي تي کولِي، تو او آڪاش ۾ کوليو جاشَي۔“ 20 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ݾمجھائي حُڪم ڏينو ڪہ، ”اَي بات ڪينَي ڀِي نِي ݾُڻايا ڪہ ھُون مَسيح ھون۔“
پرڀُو يسُوع رِي آپرِي موت رِي اگڪٿِي
21 اُوئي ٽيم ݾون پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي چِٽو ݾُڻاوڻ لاگو ڪہ، ”اَي ضرُور ھَي ڪہ ھُون يروشلم شھر جائُون ھانَ اوٿ ايشوَر را موٽا پُوجاري، ڌرمي گُرو ھانَ يھُودي قوم را اَگووڻ مھنَي تموم گھڻا ڏُک ڏَي ھانَ مھنَي ماري ڇوڙَي، پڻ ھُون تيجَي ڏِن جيتو ھوئي جائين۔“ 22 اِيئي تي پطرس پرڀُو يسُوع نَي ھيڪَي پاݾَي لي گيو ھانَ ناراض ھوئي ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، ايشوَر خير ڪرَي، ٿون ݾون اِيئون ڪڏي ڀِي نِي ھووَي۔“ 23 اِيئي تي پرڀُو يسُوع پاڇل ڦوري پطرس نَي ڪھيو ڪہ، ”اي شيطون، مھارَي اونکيون ݾون ٽَݪي جا۔ تُو مھارَي مارگ ۾ آڏو نِي آ، ڪيونڪہ ٿارو اَي خيال ايشوَر رَي طرفون نا، پڻ اِنسون رَي طرفون ھَي۔“
پرڀُو يسُوع رو چيلو ھوئڻ رو شرط
24 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”جي ڪيرِي مرضِي ھَي ڪہ مھارَي لاري آوَي، تو او آپرِي مرضِي نَي ڇوڙَي ھانَ مھارَي ݾارُو آپرِي ݾُولِي کڻَي يعني آپرِي جان ڏيوَڻ رَي ݾارُو تيار رَي، تو پَڇي او مھارَي لاري آئي ݾگھَي ھَي، 25 ڪيونڪہ جڪو ڀِي آپرِي اَي حياتِي بچاوڻ رِي ڪوشش ڪرشَي، تو او اُوئي اَمر جيوَن نَي گُماشَي، پڻ جڪو آپرِي حياتِي مھارَي ݾارُو گُماشَي، تو اُوئي نَي اَمر جيوَن ملشَي۔ 26 جي ڪو مِنک ݾجِي دُنيا ڀيڙِي ڪرَي، پڻ آپرِي حياتِي گُماوَي، تو اُوئي نَي اِيئي رو ڪھڙو فائدو؟ اِنسون ݾجو ڪئين ڏي آپرِي حياتِي پاڇِي لي ڪونھي ݾگھتو۔ 27 جڏي ھُون مُنش پُتر آپرَي پِتا رِي مھما ۾ آپرَي فريشتون ڀيڙو آئين، تو ھر ھيڪ نَي اُوئي رَي ڪومون رو اَجر ڏئين۔ 28 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ ڪئينڪہ مِنک جڪو ايٿ اُڀا ھَي، او اُترِي توڻي ڪونھي مرَي، جترِي توڻي آپرِي زندگِي ۾ مھَي مُنش پُتر نَي ايشوَر رِي بادشاھي ۾ آوتو نِي ڏيکَي۔“