چار ھزار مِنکون نَي ٻاٽِي کݪاوڻ
8
اُوئون ڏِنون ۾ ھيڪ گُھمرو ڀڙي تموم گھڻا مِنک پرڀُو يسُوع ڪڍي آئي ڀيڙا ھويا۔ اُوئون ڪڍي کاوڻ رَي ݾارُو ڪئين ڪونھي ھتو، اِيئي تي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي آپ ڪڍي اَڻائي ڪھيو ڪہ، 2 ”مھنَي اِيئون مِنکون تي دايا آوَي ھَي، ڪيونڪہ اَي تينون ڏِنون ݾون مھَي ڀيڙا ھَي ھانَ اِيئون ڪڍي کاوڻ رَي ݾارُو ڪئين ڪونھي بچو۔ 3 جي ھُون اِيئون نَي بُوکيا گھري ميلون، تو اَي مِنک مارگ ۾ کِري جاشَي ڪيونڪہ اِيئون ۾ گھڻا اݪگِي ڀون ݾون آيوڙا ھَي۔“ 4 اِيئي تي چيلون ڪھيو ڪہ، ”اِيئي رڻ پَٽ ۾ ڪُڻ اترَي مِنکون رَي ݾارُو اترَي ٻاٽَي ڪيٿ ݾون لي آوَي؟“ 5 پرڀُو يسُوع پُوڇو ڪہ، ”ٿون ڪڍي ڪترَي ٻاٽَي ھَي؟“ اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ݾات ٻاٽَي۔“ 6 پَڇي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي ھيٺا ٻيݾڻ رو حُڪم ڏينو۔ پَڇي اُوئي ݾات ٻاٽَي لي ايشوَر رو شُڪر ڪيئو۔ پَڇي ٻاٽَي ڀونگي چيلون نَي ڏيتو گيو ھانَ او ݾجون مِنکون نَي ڏيتا گيا۔ 7 اُوئون ڪڍي ڪئين نِنڪَي مڇَي ڀِي ھتَي۔ پرڀُو يسُوع اُوئون رَي ݾارُو برڪت مونگِي ھانَ چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”اَي ڀِي مِنکون نَي ڏيئو۔“ 8 جڏي ݾجون مِنکون ڍئو ڪري ٻاٽِي کاڌِي، تو پَڇي چيلون بچوڙَي ٽُڪڙون را ݾات ٽوڪرا ڀريا۔ 9 ٻاٽِي کاوڻ آݪا اندازن چار ھزار مِنک ھتا۔پَڇي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي موڪل ڏينِي 10 ھانَ اُوئيج ٽيم او آپ چيلون ڀيڙو ٻيڙِي ۾ چڙھي دَلمنُوٿا علائقَي ڏيݾا گيو۔
فريسيون رو پرڀُو يسُوع نَي آزماوڻ
11 اوٿ ڪئينڪہ فريسي مِنک پرڀُو يسُوع ڪڍي آيا ھانَ اُوئي ݾون بَحث ڪرڻ لاگا۔ اُوئون آزمُوتو ليوَڻ رَي ݾارُو ڪھيو ڪہ، ”مھونَي ڪو اھڙو نِشون بتا جڪَي ݾون خبر پڙَي ڪہ تُو اَي ڪوم ايشوَر رَي طرفون ڪرَي ھَي۔“ 12 تو پرڀُو يسُوع نِݾاڪو نوکي ڪھيو ڪہ، ”اِيئي زمونَي را مِنک نِشون جوئڻ رَي ݾارُو ڪيئون ڪرَي ھَي؟ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ اِيئون نَي ڪو ڀِي نِشون بتايو ڪونھي جاوَي۔“
13 پَڇي او اُوئون نَي اوٿج ڇوڙي آپرَي چيلون ڀيڙو ٻيڙِي ۾ چڙھي ڊنڍ رَي ٻيجَي پاݾَي گيو۔
فريسيون ھانَ ھيروديس ݾون ھوشيار ڪرڻ
14 جاوتي بِݪا چيلا آپ ڀيڙِي ٻاٽِي ليوَڻ پونتري گيا ھانَ ٻيڙِي ۾ اُوئون ڪڍي رُگو ھيڪج ٻاٽِي ھتِي۔ 15 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”فريسي مِنکون ھانَ ھيروديس رَي کَمير ݾون ھوشيار رھيا۔“ 16 اِيئي تي چيلا آپت ۾ بَحث ڪرڻ لاگا ڪہ، ”اُوئي آپون نَي اِيئي رَي ڪري ڪھيو ھَي، ڪيونڪہ آپي ٻاٽِي ڪونھي لي آيا۔“ 17 پرڀُو يسُوع ݾمجھي گيو ڪہ او ڪھڙَي باتون ڪرَي پڙيا۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ٿي آپت ۾ بَحث ڪيئون ڪرو ھو ڪہ مھون ڪڍي ٻاٽِي ڪونھي؟ ڪِي ٿي اَڃون توڻي ڪونھي ݾمجھا ھانَ خبر ڪونھي؟ ڪِي ٿي من را ڪٺور ھويا را؟ 18 ٿونرَي اونکَي تو ھَي، پڻ ڏيکتا ڪونھي، ٿونرا ڪونَ تو ھَي، پڻ ݾُڻتا ڪونھي۔ ڪِي ٿونَي ياد ڪونھي، 19 جڏي مھَي پونچ ٻاٽَي ڀونگي پونچ ھزار مِنکون نَي کݪائَي ھتَي، تو ٿون بچوڙَي ٽُڪڙون را ڪِترا ٽوڪرا ڀريا ھتا؟“ اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٻارھَي۔“ 20 پرڀُو يسُوع ڀڙي پُوڇو ڪہ، ”جڏي مھَي ݾات ٻاٽَي ڀونگي چار ھزار مِنکون نَي کݪائَي ھتَي، تو اُوئي ٽيم ٿون بچوڙَي ٽُڪڙون را ڪِترا ٽوڪرا ڀريا ھتا؟“ اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ݾات۔“ 21 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ٿي اَڃون ڀِي ڪونھي ݾمجھتا؟“
پرڀُو يسُوع رو اونڌَي نَي ݾاجو ڪرڻ
22 پَڇي پرڀُو يسُوع ھانَ اُوئي را چيلا بيت صيدا شھر ۾ آيا۔ اوٿ ڪئينڪہ مِنک ھيڪَي اونڌَي نَي پرڀُو يسُوع ڪڍي لي آيا ھانَ مِنٿ ڪري ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اِيئي اونڌَي نَي ھاٿ لگائي ݾاجو ڪرو۔“ 23 تو پرڀُو يسُوع اونڌَي نَي ھاٿ ݾون جھالي شھر ݾون ٻاھر لي گيو ھانَ آپرو ٿُوڪ اُوئي رَي اونکيون تي لگايو ھانَ آپرا ھاٿ اُوئي تي راکيا۔ پَڇي اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڪِي تُو ڪئين ڏيکَي ھَي؟“ 24 اُوئي ݾومھو جوئي ڪھيو ڪہ، ”ھُون مِنکون نَي بيتا ڏيکون ھون، پڻ او مھنَي بَڻون آݪِي ڪار لاگَي ھَي۔“ 25 پَڇي پرڀُو يسُوع ڀڙي آپرو ھاٿ اُوئي رَي اونکيون تي راکيو، تو اُوئي رِي نظر ݾاجِي ھوئي گئِي ھانَ او چِٽو جوئڻ لاگو۔ 26 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”تُو پاڇو اِيئي شھر ۾ نِي جا، پڻ ݾِڌو آپرَي گھري جا۔“
پطرس رِي پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ گواھِي
27 جڏي پرڀُو يسُوع قيصريا فِلپي شھر رَي علائقَي ڏيݾا جاوتو پڙيو، تو مارگ ۾ اُوئي آپرَي چيلون ݾون پُوڇو ڪہ، ”مِنک مھارَي بارَي ۾ ڪِي ڪَي ھَي، ھُون ڪُڻ ھون؟“ 28 اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ڪئينڪہ مِنک ڪَي ھَي ڪہ تُو پويتر سِنون ڏيوَڻ آݪَي يُوحنا رَي رُوپ ۾ آيوڙو ھَي ڪئين ڪَي ھَي ڪہ تُو ايلياھ نبِي ھَي جڪو آوڻ آݪو ھتو ھانَ ڪئين ڪَي ھَي ڪہ تُو ٻيجَي نبيون ۾ ڪو ھيڪ ھَي۔“ 29 پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”پڻ ٿي مھارَي بارَي ۾ ڪِي ڪو ھو ڪہ ھُون ڪُڻ ھون؟“ اِيئي تي شمعُون پطرس بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”تُو مَسيح ھَي۔“ 30 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي حُڪم ڏي ڪھيو ڪہ، ”ٿي مھارَي بارَي ۾ ڪينَي ڀِي نِي ݾُڻايا۔“
پرڀُو يسُوع رِي آپرِي موت رِي اگڪٿِي
31 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ݾيکاوڻ لاگو ڪہ، ”اَي ضرُور ھَي ڪہ ھُون مُنش پُتر تموم گھڻا ڏُک ڏيکون ھانَ يھُودي اَگووڻ، ايشوَر را موٽا پُوجاري ھانَ ڌرمي گُرو مھنَي، نِي منَي ھانَ مھنَي ماري ڇوڙَي پڻ ھُون تيجَي ڏِن مُوئوڙون ݾون جيتو ھوئي جائين۔“ 32 پرڀُو يسُوع اَي بات آپرَي چيلون نَي چِٽِي ڪري ݾُڻائِي۔ تو پطرس اُوئي نَي ھيڪَي پاݾَي لي گيو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”اھڙَي باتون نِي ڪرو۔“ 33 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون ڏيݾا پاڇل ڦوري جويو ھانَ پطرس نَي دڙڪو ڏي ڪھيو ڪہ، ”اي شيطون، مھارَي اونکيون ݾون ٽَݪي جا، ڪيونڪہ ٿارو اَي خيال ايشوَر رَي طرفون نا، پڻ اِنسون رَي طرفون ھَي۔“
پرڀُو يسُوع رو چيلو ھوئڻ رو شرط
34 پَڇي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي ھانَ آپرَي چيلون نَي آپ ڪڍي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”جي ڪيرِي مرضِي ھَي ڪہ مھارَي لاري آوَي، تو او آپرِي مرضِي نَي ڇوڙَي ھانَ مھارَي ݾارُو آپرِي ݾُولِي کڻَي يعني آپرِي جان ڏيوَڻ رَي ݾارُو تيار رَي، تو پَڇي او مھارَي لاري آئي ݾگھَي ھَي۔ 35 ڪيونڪہ جڪو ڀِي آپرِي حياتِي بچاشَي، تو او اُوئي اَمر جيوَن نَي گُماشَي، پڻ جڪو مھارَي ڪري ھانَ خُوشِي رِي خبر رَي ڪري آپرِي اَي حياتِي گُماشَي، تو اُوئي نَي اَمر جيوَن ملشَي۔ 36 جي ڪو مِنک ݾجِي دُنيا ڀيڙِي ڪرَي پڻ آپرِي حياتِي گُماوَي، تو اُوئي نَي اِيئي رو ڪھڙو فائدو؟ 37 اِنسون ݾجو ڪئين ڏي آپرِي حياتِي پاڇِي لي ڪونھي ݾگھتو۔ 38 اِيئي زمونَي را مِنک ايشوَر ݾون وفادار ڪونھي ھانَ پاپي ھَي ھانَ جي ڪو اِيئون ۾ رئي مھَي ݾون ھانَ مھارَي باتون ݾون شرماشَي، تو جڏي ھُون مُنش پُتر آپرَي پِتا ھانَ پويتر فريشتون ڀيڙو موٽِي مھما ݾون آئين، تو اُوئي ڏِن ھُون ڀِي اُوئي ݾون شرمائين۔“