ٻاپ ڏاڏون را ريت رواج
7
پَڇي فريسي مِنک ھانَ ڌرمي گُرو يروشلم شھر ݾون پرڀُو يسُوع ڪڍي آيا۔ 2 اُوئون ڏيٺو ڪہ پرڀُو يسُوع را ڪئينڪہ چيلا ٻاٽِي کاوڻ ݾون پيل آپرا ھاٿ ڪونھي ڌوتا۔ 3 ڪيونڪہ فريسي مِنک ھانَ ݾجائِي يھُودي آپرَي ٻاپ ڏاڏون رِي ريت تي اُترِي توڻي ٻاٽِي ڪونھي کاوتا، جترِي توڻي او خاص نمُونَي آپرا ھاٿ نِي ڌوئَي۔ 4 او شھر ݾون لايوڙَي شيون ريت تي ڌوئي کاوتا۔ او ٻيجَي تموم گھڻَي ريت رواج تي بيتا، جھڙَي نمُونَي ٺيڪر ھانَ گِلم خاص نمُونَي ݾون ڌوئڻ۔5 اِيئي رَي ڪري فريسي مِنکون ھانَ ڌرمي گُروئون، پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿونرا چيلا ٻاپ ڏاڏون رَي ريت رواج تي ڪيئون ڪونھي بيتا ھانَ او ٻاٽِي کاوڻ ݾون پيل آپرا ھاٿ ڪيئون ڪونھي ڌوتا؟“ 6 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”يسعياھ نبِي ٿون ٺَگون رَي بارَي ۾ پيل ݾون چِٽو ݾُڻايو ھَي ڪہ،
’اَي قوم موڏَي ݾون تو مھارِي عِزت ڪرَي ھَي،
پڻ اُوئون را من مھَي ݾون تموم گھڻا اݪگا ھَي۔
7 او اجائِي مھارِي ڀگتي ڪرَي ھَي،
ڪيونڪہ او مِنکون را ٺاھيوڙا حُڪم اِيئون ݾيکاوَي ھَي،
جھڙا او پرميشوَر را حُڪم ھووَي۔‘
8 ٿي ايشوَر رَي حُڪمون رِي جگھا تي،
اِنسون رَي ٺاھيوڙَي ريت رواج تي بو ھو۔“
9 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”ٿي آپرَي ٺاھيوڙَي ريت رواج تي بيوَڻ رَي ݾارُو ايشوَر را حُڪم ڇوڙو ھو۔ 10 جون مُوسيٰ رَي شاستر ۾ حُڪم ھَي ڪہ، ’آپرَي ما ٻاپ رِي عِزت ڪر ھانَ جڪو ڀِي آپرَي ما ٻاپ نَي بُرو ڀلو ڪشَي، تو او ضرُور ماريو جاشَي۔‘ 11 پڻ ٿي مِنکون نَي ݾيکائو ھو ڪہ، ’جڏي ٿونرَي ما ٻاپ نَي ڪَي شئي رِي ضرُورت ھووَي، تو ٿي ڪو ڪہ، ”مھَي او ايشوَر رَي نون رِي ڪِي ھَي۔“‘ 12 اِيئي نمُونَي ٿي اُوئون نَي آپرَي ما ٻاپ رِي شيوا ڪرڻ ڪونھي ڏيتا 13 ھانَ آپرَي ريت رواج رَي ڪري ايشوَر را حُڪم توڙو ھو ھانَ اھڙا تموم گھڻا ڪوم ڪرو ھو۔“
اِنسون نَي پليت ڪرڻ آݪَي شيون
14 پَڇي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي ڀڙي آپ ڪڍي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”ٿي مھارِي بات ڌھيون ڏي ݾُڻو ھانَ ݾمجھو۔ 15 جڪو شئي ٻاھر ݾون اَندر جاوَي ھَي، او اِنسون نَي پليت ڪونھي ڪرتِي پڻ جڪو شئي اِنسون رَي من ݾون نڪرَي ھَي، اوج اِنسون نَي پليت ڪرَي ھَي۔“ 16 [ݾُڻڻ آݪو ݾمجَھي رو۔]
17 جڏي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي ڇوڙي گھري گيو، تو اُوئي رَي چيلون پُوڇو ڪہ، ”مھونَي ݾُڻائو ڪہ اِيئي مِثال رو مطلب ڪِي ھَي؟“ 18 اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ڪِي، ٿي ڀِي اَڃون توڻي ڪونھي ݾمجھا؟ ڪِي ٿونَي خبر ڪونھي ڪہ جڪو ڪئين اِنسون کاوَي ھَي، او اُوئي نَي پليت ڪونھي ڪرَي، 19 ڪيونڪہ او اِنسون رَي من ۾ نا، پڻ پيٽ ۾ جاوَي ھَي ھانَ او پيٽ ݾون ھوئي ٻاھر نڪرَي ھَي۔“ اَي بات ڪئي پرڀُو يسُوع کاوڻ رَي ݾجَي شيون حِلال ڪري ڇوڙئَي۔ 20 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڪو ڪئين اِنسون رَي من ݾون نڪرَي ھَي، اوج اِنسون نَي پليت ڪرَي ھَي۔ 21 ڪيونڪہ اِنسون رَي من ݾون ڪِنا خيال نڪرَي ھَي جھڙو ڪہ، بُڇڙائي، چورِي، خُون، 22 زنا، لالچ، بُڇڙائي، ٺَگِي، لوڦرائِي، ݾاݪ، گِلا، بڏائو ھانَ بي وقوفي۔ 23 اَي ݾجَي باتون اِنسون رَي من ݾون نڪري اِنسون نَي پليت ڪرَي ھَي۔“
ڪنعاني لُگائِي رو وِشواس
24 پَڇي پرڀُو يسُوع اوٿ ݾون بَئي صُور شھر رَي ھيڪَي علائقَي ۾ گيو۔ اوٿ او ھيڪَي گھر ۾ گيو ھانَ اُوئي رِي مرضِي ھتِي ڪہ اُوئي رَي آوڻ رِي خبر ڪينَي ڀِي نِي پڙَي ڪہ او ايٿ ھَي، پڻ اِيئون ڪونھي ھويو۔ 25 اوٿ ھيڪ لُگائِي ھتِي جڪَي رِي نِنڪِي ڇوڪرِي نَي ڀُوت لاگوڙو ھتو، جڏي اُوئي نَي خبر پڙِي، تو او اُوئيج ٽيم پرڀُو يسُوع ڪڍي آئِي ھانَ اُوئي رَي پگون ۾ کِري۔ 26 او لُگائِي يھُودي قوم رِي ڪونھي ھتِي پڻ او ٻيجِي قوم رِي ھتِي، او سُوريا صُوبَي رَي فنيڪي علائقَي ݾون ھتِي۔ اُوئي پرڀُو يسُوع نَي مِنٿ ڪري ڪھيو ڪہ، ”مھارِي ڏيڪرِي ݾون ڀُوت ڪاڍو۔“ 27 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”پيل ٻاݪون نَي کاوڻ ڏي ڪيونڪہ ٻاݪون رِي ٻاٽِي لي ڪُتون آگھي نوکون اَي صحيح ڪونھي۔“ 28 اِيئي تي لُگائِي ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، اَي بات تو صحيح ھَي، پڻ ڪُتا ڀِي ٻاݪون رَي ٽيبل ݾون کِريوڙا ٽُڪڙا کاوَي ھَي۔“ 29 تو پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿَي ݾُٺِي بات ڪِي ھَي، اِيئي رَي ڪري ھمَي تُو جا، ڀُوت ٿارِي ڏيڪرِي ݾون نڪريو رو۔“
30 جڏي او لُگائِي گھري پُگِي، تو ڏيٺو ڪہ اُوئي رِي ڏيڪرِي موچَي تي ݾُوتِي ھَي ھانَ ڀُوت اُوئي ۾ ھائِي ڪونھي۔
پرڀُو يسُوع رو ٻوڙَي نَي ݾاجو ڪرڻ
31 پَڇي پرڀُو يسُوع صُور شھر ݾون بَئير ھويو ھانَ صيدا شھر رَي مارگ ھانَ دُڪپلس علائقَي ݾون ھوئي گليل ڊنڍ تي آيو۔ 32 اوٿ ڪئينڪہ مِنک پرڀُو يسُوع ڪڍي ھيڪَي ٻوڙَي مِنک نَي لي آيا جڪو ݾُٺَي نمُونَي ٻولي ڪونھي ݾگھتو۔ او پرڀُو يسُوع نَي مِنٿ ڪرڻ لاگا ڪہ، ”اِيئي تي آپرو ھاٿ راکو، تو اَي ݾاجو ھوئي جاوَي۔“ 33 تو پرڀُو يسُوع اُوئي نَي مِنکون ݾون ھيڪَي پاݾَي لي گيو ھانَ آپرَي اونگڙَي اُوئي رَي ڪونون ۾ گھاتئَي ھانَ آپرو ٿُوڪ اُوئي رِي زِبون تي لگايو۔ 34 پَڇي پرڀُو يسُوع آڪاش ڏيݾا جويو ھانَ نِݾاڪو نوکي اُوئي مِنک نَي ڪھيو ڪہ، ”اِفتح“ يعني ”کُلي جا۔“ 35 اِيئي تي اُوئي را ڪونَ يڪدم ݾاجا ھويا ھانَ زِبون ڀِي کُلي گئِي ھانَ او چِٽو ٻولڻ لاگو۔ 36 پرڀُو يسُوع مِنکون نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”اَي بات ڪينَي ڀِي نِي ݾُڻايا۔“ پڻ پرڀُو يسُوع جِترو مِنکون نَي پاليو اِتروج اُوئون جائي جيٿ ڪيٿ ݾُڻايو۔ 37 اَي بات ݾُڻي مِنک تموم گھڻا حيرون ھويا ھانَ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”پرڀُو يسُوع تموم گھڻا ݾُٺا ڪوم ڪيئا ھَي۔ او ٻوڙون نَي ݾُڻڻ ھانَ گُونگون نَي ٻولڻ رِي طاقت ڏَي ھَي۔“