ٻاپ ڏاڏون را ريت رواج
15
اُوئي ݾون پَڇي يروشلم شھر ݾون ڪئين فريسي مِنک ھانَ ڌرمي گُرو، پرڀُو يسُوع ڪڍي آيا ھانَ ڪھيو ڪہ، ‏2 ”ٿونرا چيلا ٻاپ ڏاڏون رِي ريت رواج تي ڪيئون ڪونھي بيتا؟ او ٻاٽِي کاوڻ ݾون پيل آپرا ھاٿ ڪيئون ڪونھي ڌوتا؟“ ‏3 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٿي ڀِي آپرَي ٺاھيوڙَي ريت رواج رَي ڪري ايشوَر را حُڪم ڪيئون توڙو ھو؟ ‏4 ڪيونڪہ ايشوَر ڪھيو ھَي ڪہ، ’آپرَي ما ٻاپ رِي عِزت ڪرو ھانَ جڪو ڀِي آپرَي ما ٻاپ نَي بُرو ڀلو ڪشَي، تو او ضرُور ماريو جاشَي۔‘ ‏5 پڻ ٿي مِنکون نَي ݾيکائو ھو ڪہ، ’جي ٿونرَي ما ٻاپ نَي ڪَي شئي رِي ضرُورت ھووَي ھانَ ٿي ڪو ڪہ، ”مھَي او ايشوَر رَي نون رِي ڪِي ھَي۔“ ‏6 تو ڀلي ٿي آپرَي ما ٻاپ رِي عِزت نِي ڪرو۔‘ اِيئي نمُونَي ٿي آپرَي ريت رواج رَي ڪري ايشوَر را حُڪم توڙو ھو۔ ‏7 اي ٺَگون، يسعياھ نبِي رَي وسيلَي ٿونرَي بارَي ۾ صحيح اگڪٿِي ڪيئوڙِي ھَي ڪہ،
‏8 ’اَي قوم موڏَي ݾون تو مھارِي عِزت ڪرَي ھَي،
پڻ اُوئون را من مھَي ݾون تموم گھڻا اݪگا ھَي۔
‏9 او اجائِي مھارِي ڀگتي ڪرَي ھَي،
ڪيونڪہ او مِنکون را ٺاھيوڙا حُڪم اِيئون ݾيکاوَي ھَي،
جھڙا او پرميشوَر را حُڪم ھووَي۔‘“
اِنسون نَي پليت ڪرڻ آݪَي شيون
‏10 پَڇي پرڀُو يسُوع اوٿ اُڀوڙَي ݾجَي مِنکون نَي آپ ڪڍي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”ٿي مھارِي بات ڌھيون ڏي ݾُڻو ھانَ ݾمجھو۔ ‏11 جڪو ڀِي شئي موڏَي ۾ جاوَي ھَي، او اِنسون نَي پليت ڪونھي ڪرتِي، پڻ جڪو موڏَي ݾون نڪرَي ھَي، اوج اِنسون نَي پليت ڪرَي ھَي۔“ ‏12 اِيئي تي چيلون آئي پرڀُو يسُوع نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ٿونَي خبر ھَي ڪہ ٿونرِي اِيئي بات رَي ڪري فريسي مِنک ناراض ھَي؟“ ‏13 اِيئي تي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڪو بَڻ مھارَي آڪاشِي پِتا ڪونھي پوکيو، او ضرُور پاݪ ݾون اُکوڙيو جاشَي۔ ‏14 اِيئي رَي ڪري ٿي فريسي مِنکون رَي باتون نِي ݾُڻو، ڪيونڪہ او اونڌا اَگووڻ ھَي ھانَ جي اونڌو اونڌَي نَي مارگ بتاشَي، تو ٻيئي کڏ ۾ کرشَي۔“ ‏15 پَڇي پطرس پُوڇو ڪہ، ”مھونَي ݾُڻائو ڪہ اِيئي مِثال رو مطلب ڪِي ھَي؟“ ‏16 اُوئي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ڪِي، ٿي ڀِي اَڃون توڻي ڪونھي ݾمجھتا؟ ‏17 ڪِي ٿونَي خبر ڪونھي ڪہ جڪو ڪئين موڏَي ݾون کائو ھو، او پيٽ ݾون ھوئي ٻاھر نڪرَي ھَي؟ ‏18 پڻ جڪو ڪئين موڏَي ݾون نڪرَي ھَي، او من ݾون آوَي ھَي ھانَ اوج اِنسون نَي پليت ڪرَي ھَي۔ ‏19 ڪيونڪہ اِنسون رَي من ݾون ڪِنا خيال نڪرَي ھَي جڪو خُون، زنا، بُڇڙائي، چورِي، ڪُوڙِي ݾاک ھانَ گِلا ڪراوَي ھَي۔ ‏20 اَئيج باتون اِنسون نَي پليت ڪرَي ھَي، پڻ بِنا ھاٿ ڌوئي ٻاٽِي کاوڻ ݾون اِنسون پليت ڪونھي ھوتو۔“
ڪنعاني لُگائِي رو وِشواس
‏21 پَڇي پرڀُو يسُوع اوٿ ݾون بَئير ھوئي صُور ھانَ صيدا شھرون رَي علائقون ڏيݾا گيو۔ ‏22 اوٿ ھيڪ ڪنعاني لُگائِي پرڀُو يسُوع ڪڍي آئِي ھانَ ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، دائُود بادشاھ را ڏيڪرا، مھَي تي دايا ڪرو، ڪيونڪہ مھارِي ڏيڪرِي ۾ ڀُوت ھَي ھانَ او تڪليف ۾ ھَي۔“ ‏23 پڻ پرڀُو يسُوع اُوئي لُگائِي نَي ڪو ڀِي بݪتِي ڪونھي ڏينِي۔ اُوئي رَي چيلون آئي اُوئي نَي مِنٿ ڪِي ڪہ، ”اِيئي لُگائِي نَي ڪو ڪہ پاڇِي جاوَي، ڪيونڪہ او آپون لاري رڙَي ڪرتِي آوَي پڙِي۔“ ‏24 اِيئي تي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون تو رُگو اِسرائيلي قوم رَي ݾارُو ميليوڙو ھون، جڪو گُميجوڙَي رڍون آݪِي ڪار ھَي۔“ ‏25 اَي ݾُڻي او لُگائِي پرڀُو يسُوع رَي پگون ۾ کِري ھانَ ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، مھارِي مدد ڪرو۔“ ‏26 پرڀُو يسُوع بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ٻاݪون رِي ٻاٽِي لي ڪُتون آگھي نوکون، اَي صحيح ڪونھي۔“ ‏27 اُوئي لُگائِي ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، اَي بات تو صحيح ھَي، پڻ ڪُتا ڀِي آپرَي مالڪ رَي ٽيبل ݾون کِريوڙا ٽُڪڙا کاوَي ھَي۔“ ‏28 اِيئي تي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اي ٻائِي، ٿارو وِشواس تموم گھڻو ھَي۔ جون ٿارِي مرضِي ھَي، اِيئوج ٿارَي ݾارُو ھووَي۔“ اُوئيج ٽيم اُوئي رِي ڏيڪرِي ݾاجِي ھوئي گئِي۔
تموم گھڻا مِنک ݾاجا ڪرڻ
‏29 پَڇي پرڀُو يسُوع اوٿ ݾون بَئير ھويو ھانَ گليل ڊنڍ رَي ڪپ ݾون بيوَڻ لاگو۔ پَڇي او ھيڪَي جبل تي جائي ٻيٺو۔ ‏30 اوٿ تموم گھڻا مِنک اُوئي ڪڍي آيا، اُوئون ڀيڙا لُولھا، مَنڊا، اونڌا، گُونگا ھانَ ٻيجا تموم گھڻا بيمار ھتا۔ مِنکون اُوئون نَي پرڀُو يسُوع رَي چرڻون ۾ ٻيݾاڙيا ھانَ اُوئي ݾجَي بيمارون نَي ݾاجا ڪيئا۔ ‏31 جڏي مِنکون ڏيٺو ڪہ گُونگا ٻولَي ھَي، لُولھا ݾاجا ھويا ھَي، مَنڊا بَي ھَي ھانَ اونڌا ڏيکَي ھَي، تو او تموم گھڻا حيرون ھويا ھانَ اِسرائيلي قوم رَي ايشوَر رِي بڏائي ڪرڻ لاگا۔
چار ھزار مِنکون نَي ٻاٽِي کݪاوڻ
‏32 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي اَڻائي ڪھيو ڪہ، ”مھنَي اِيئون مِنکون تي دايا آوَي ھَي، ڪيونڪہ اَي مِنک تينون ڏِنون ݾون مھَي ڀيڙا ھَي ھانَ اِيئون ڪڍي کاوڻ رَي ݾارُو ڪئين ڪونھي۔ مھارِي مرضِي ڪونھي ڪہ اَي بُوکيا پاڇا جاوَي، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ مارگ ۾ بيھوش ھووَي۔“ ‏33 تو چيلون ڪھيو ڪہ، ”ايٿ پوٺَي ۾ اترَي مِنکون رَي ݾارُو ٻاٽَي ڪيٿ ݾون لي آئُون؟“ ‏34 پرڀُو يسُوع پُوڇو ڪہ، ”ٿون ڪڍي ڪترَي ٻاٽَي ھَي؟“ اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ݾات ٻاٽَي ھانَ ڪئين نِنڪَي مڇَي ھَي۔“ ‏35 پرڀُو يسُوع مِنکون نَي ھيٺا ٻيݾڻ رو حُڪم ڏينو۔ ‏36 پَڇي اُوئي ݾات ٻاٽَي ھانَ مڇَي لي ايشوَر رو شُڪر ڪيئو۔ پَڇي ٻاٽَي ڀونگي چيلون نَي ڏيتو گيو ھانَ چيلا مِنکون نَي ڏيتا گيا۔ ‏37 ݾجَي مِنکون ڍئو ڪري ٻاٽِي کاڌِي ھانَ پَڇي چيلون بچوڙَي ٽُڪڙون را ݾات ٽوڪرا ڀري کڻيا۔ ‏38 جڪون ٻاٽِي کاڌِي او لُگايون ھانَ ٻاݪون ݾون ٽاݪ چار ھزار رُگو آڏمي ھتا۔ ‏39 پَڇي پرڀُو يسُوع مِنکون نَي بَئير ڪيئا ھانَ آپ ٻيڙِي ۾ چڙھي مَگدن رَي علائقَي ڏيݾا بُوئو گيو۔