پاپون ݾون توبھون نِي ڪرڻ رو نتيجو
13
جڏي پرڀُو يسُوع ݾيکاوتو پڙيو، تو ڪئينڪہ مِنکون اُوئي نَي گليل صُوبَي رَي اُوئون مِنکون رَي بارَي ۾ ݾُڻايو، جڪو يروشلم شھر ۾ ٻَليدون ڪرڻ گيا ھتا ھانَ رُومي گوَرنر پِلاطُس اُوئون نَي مرايا ھتا۔ ‏2 اِيئي تي پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿي ڪِي ݾمجھو ھو ڪہ او گليل صُوبَي رَي باقي مِنکون ݾون وڌيڪ پاپي ھتا، اِيئي رَي ڪري اُوئون ݾون اِيئون ھويو؟ ‏3 ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ اِيئون ڪونھي، پڻ جي ٿي آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪونھي ڪرو، تو ٿي ݾجائِي اُوئون آݪِي ڪار ماريا جاشو۔ ‏4 ڪِي او اڍارَي مِنک جڪون تي يروشلم شھر رَي علائقَي شيلُوخ ۾ مينار کِريو ھتو ھانَ او دٻيجي مُوئا ھتا۔ ٿي ڪِي ݾمجھو ھو ڪہ او يروشلم رَي باقي ݾجَي مِنکون ݾون وڌيڪ پاپي ھتا؟ ‏5 ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ اِيئون ڪونھي، پڻ جي ٿي آپرَي پاپون ݾون توبھون ڪونھي ڪرو، تو ٿي ڀِي اِيئوج ماريا جاشو۔“
بي ڦل انجير رَي بَڻ رو مِثال
‏6 پَڇي پرڀُو يسُوع اَي مِثال ڏينو ڪہ، ”ڪَي مِنک آپرَي انگُورون رَي باگ ۾ ھيڪ انجير رو بَڻ پوکيو۔ ھيڪ ڏِن او ڦل جوئڻ گيو، پڻ اُوئي بَڻ ۾ ڪو ڀِي ڦل ڪونھي ھتو۔ ‏7 اِيئي تي اُوئي باگائِي نَي ڪھيو ڪہ، ’جو، ھُون تينون ݾالون ݾون اِيئي انجير رَي بَڻ ۾ ڪو ڀِي ڦل ڪونھي ڏيکتو۔ اِيئي رَي ڪري اِيئي بَڻ نَي باڍي ڇوڙ، ڪيونڪہ ھرُوڀرُو جگھا رُکاݪي اُڀو ھَي۔‘ ‏8 باگائِي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ’اي مالڪ، ھيڪ ݾال اَڃون ڀِي اِيئي نَي اُڀو ريوَڻ ڏي، تو ھُون اِيئي رَي چوڌاري چلھو کوترون ھانَ اِيئي نَي ڀوڻ ڏيئون۔ ‏9 جي ڦل لاگَي، تو ݾُٺِي بات ھَي، نِي تو ڀلي ٿي بڍائي ڇوڙيا۔‘“
پويتر ڏِن تي ڍُوٻِي لُگائِي نَي ݾاجِي ڪرڻ
‏10 ھيڪ ڏِن پرڀُو يسُوع پويتر ڏِن رو ڪَي ڀگتي گھر ۾ ݾيکاوتو پڙيو۔ ‏11 اوٿ ھيڪ لُگائِي ھتِي جڪو اڍارَي ݾالون ݾون ڪَي ڀُوت رَي ڪري ڍُوٻِي ھوئي ھتِي ھانَ او ڪڏي ڀِي ݾِڌِي ڪونھي اُڀتِي۔ ‏12 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي جوئي آپ ڏيݾا ھيلو ڪري ڪھيو ڪہ، ”ٻائِي، ھمَي تُو ݾاجِي ھوئِي رِي۔“ ‏13 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي لُگائِي رِي ڍُوٻ تي ھاٿ راکيو، تو او يڪدم ݾِڌِي ھوئي گئِي ھانَ ايشوَر رِي بڏائي ڪرڻ لاگِي۔
‏14 پرڀُو يسُوع پويتر ڏِن رو اُوئي لُگائِي نَي ݾاجِي ڪِي ھتِي۔ اِيئي رَي ڪري ڀگتي گھر رَي ݾردار ريݾ ۾ مِنکون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھفتَي ۾ ڇَي ڏِن ھَي جڪَي ۾ ڪوم ڪار ڪرڻ کپَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون ڏِنون ۾ آئي ݾاجا ھوئو، پڻ پويتر ڏِن رو نا۔“ ‏15 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”اي ٺَگون، ڪِي ٿي پويتر ڏِن رو آپرَي مال نَي بَٿوڻ ݾون کولي پوڻي پياڙڻ ڪونھي لي جاوتا؟ ‏16 اِيئي رَي ڪري اَي ضرُوري ڪونھي ھتو ڪہ اَي لُگائِي جڪو اڀراھيم رِي پيڙھِي ݾون ھَي، جڪَي نَي شيطون اڍارَي ݾالون ݾون ڪاٻُو ڪري ٻيٺو ھتو، ڪِي پويتر ڏِن رو اِيئي نَي بيمارِي ݾون ݾاجِي ڪرڻ ڀلو ڪونھي؟“ ‏17 جڏي پرڀُو يسُوع اَي باتون ڪيئَي، تو اُوئي رَي خلاف باتون ڪرڻ آݪا ݾجائِي مِنک شرمندا ھويا، پڻ ݾجو ٽولو اُوئي را پرچا جوئي خُوش ھويو۔
ݾَرݾيون رَي ٻيج رو مِثال
‏18 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ايشوَر رِي بادشاھي ڪھڙِي ھَي ھانَ ھُون اُوئي نَي ڪَي ݾون ڀيٽائُون؟ ‏19 او ݾَرݾيون رَي ٻيج آݪِي ڪار ھَي، جڪَي نَي ھيڪَي مِنک لي آپرَي باگ ۾ پوکيو۔ او اُگي موٽو بَڻ ھويو ھانَ اُوئي رَي ٽاݪيون تي پکيون آݪا ٺاھيا۔“
کَمير رو مِثال
‏20 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھُون ايشوَر رِي بادشاھي نَي ڪَي ݾون ڀيٽائُون؟ ‏21 او اُوئي کَمير آݪِي ڪار ھَي جڪَي نَي ھيڪِي لُگائِي اَڌ مَڻ آٽو گوتَي بِݪا اُوئي ۾ مِلايو ھانَ ݾجو آٽو اُڦڻي گيو۔“
ݾوڙھَي در رو مِثال
‏22 پرڀُو يسُوع شھر شھر ھانَ گون گون ۾ ݾيکاوتو يروشلم شھر ڏيݾا جاوتو پڙيو۔ ‏23 تو ھيڪَي مِنک اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”اي پرڀُو، ڪِي جڪون نَي مُگتي ملشَي، او ٿوڙيا ھَي؟“ ‏24 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ايشوَر رِي بادشاھي اھڙَي گھر آݪِي ڪار ھَي جڪَي رو در ݾوڙھو ھَي۔ ٿي ݾاچَي من ݾون اُوئي در ݾون جاوڻ رِي ڪوشش ڪرو۔ ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ تموم گھڻا مِنک اُوئي در ݾون جاوڻ رِي ڪوشش ڪرشَي، پڻ او جائي ڪونھي ݾگھَي۔ ‏25 ھيڪ اھڙو ڏِن آشَي جڏي گھر رو مالڪ اُٺي در بند ڪرشَي۔ پَڇي ٿي ٻاھر اُڀي در کڙڪائي ڪشو ڪہ، ’اي پرڀُو، مھورَي ݾارُو در کولو۔‘ تو او بݪتِي ڏيشَي ڪہ، ’ٿي ڪُڻ ھو؟ ھُون ٿونَي ڪونھي اوݪکتو۔‘ ‏26 اُوئي ٽيم ٿي ڪشو ڪہ، ’مھي تو ٿَي ڀيڙا کاوتا پيتا ھانَ تُو مھورَي پاڙَي ۾ ݾيکاوتو۔‘ ‏27 پڻ او ڀڙي ٿونَي ڪشَي ڪہ، ’ھُون ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ ھُون ٿونَي ڪونھي اوݪکتو ڪہ ٿي ڪُڻ ھو۔ اي بُڇڙون، ٿي ݾجائِي مھارَي اونکيون ݾون ٽَݪي جائو۔‘ ‏28 جڏي ٿي آپنَي ٻاھر اُڀوڙا ڏيکشو ھانَ اڀراھيم، اضحاق، يعقُوب ھانَ ݾجائِي نبِي، ايشوَر رِي بادشاھي ۾ ٻيٺوڙا ڏيکشو، تو ٿي روتا ھانَ ڏونت پيݾتا ريشو۔ ‏29 پَڇي اُوگوڻَي، آٿوڻَي، اُتر ھانَ ڏکڻ ݾون مِنک آئي ايشوَر رِي بادشاھي رِي دعوت ۾ ڀيڙا ھوشَي۔ ‏30 جوئو، جڪو ھڻون لاري ھَي، او آگھي ھوشَي ھانَ جڪو آگھي ھَي، او لاري ھوشَي۔“
پرڀُو يسُوع رو يروشلم رَي مِنکون تي ڏُک
‏31 اُوئي ٽيم ڪئينڪہ فريسيون، پرڀُو يسُوع نَي آئي ڪھيو ڪہ، ”ٿي ايٿ ݾون نڪري جائو ڪيونڪہ ھيروديس بادشاھ رِي مرضِي ھَي ڪہ او ٿونَي مراوَي۔“ ‏32 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”جائي اُوئي چالاڪ لوڪِي نَي ڪو ڪہ جو، ھُون آج ھانَ ݾووارَي، ڀُوت ڪاڍتو ھانَ بيمارون نَي ݾاجا ڪرتو رئين ھانَ تيجَي ڏِن آپرو ڪوم پُورو ڪرين۔ ‏33 پڻ اَي ضرُور ھَي ڪہ ھُون آج، ݾووارَي ھانَ پَريون آپرو پينڏو ڪرتو رون ڪہ يروشلم شھر پُگون، ڪيونڪہ اِيئون ھوئي ڪونھي ݾگھتو ڪہ ڪو ڀِي نبِي يروشلم ݾون ٻاھر ماريو جاوَي۔
‏34 اي يروشلم آݪون، ٿي نبيون را خُونِي ھو، ڪيونڪہ جڪو ايشوَر رَي طرفون ٿون ڪڍي ميليوڙا ھتا، اُوئون نَي پٿر ھڻي ٺُپ مارو ھو۔ مھَي ڪِترائي گُھمرا ڪوشش ڪِي ڪہ ٿون ݾجون نَي اِيئون ڀيڙا ڪرون جون ڪُوڪڙِي آپرَي ٻچيون نَي پونکيون ھيٺا ڀيڙا ڪرَي ھَي، پڻ ٿون مھارِي بات ڪونھي منِي۔ ‏35 ھمَي ياد راکو، يروشلم شھر جيٿ ايشوَر رو گھر ھَي، ويرون ھوئي جاشَي۔ ھُون ٿونَي ڪونھ ھون ڪہ ٿي مھنَي اُترِي توڻي ڪونھي ڏيکو، جترِي توڻي اِيئون ڪونھي ڪو ڪہ، ’ڌن ھَي او جڪو پرميشوَر رَي نون ݾون آوَي ھَي۔‘“