ٻيجون را فيصلا ڪرڻ آݪا
7
پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿي ٻيجون را فيصلا ڪرڻ آݪا نِي ھوئو، تو ٿونرو ڀِي فيصلو ڪونھي ھووَي۔ ‏2 جھڙَي نمُونَي ٿي ٻيجون رو فيصلو ڪرو ھو، اُوئيج نمُونَي ٿونرو ڀِي فيصلو ھوشَي ھانَ جڪَي ماپَي ݾون ٿي ماپشو، اُوئيج ماپَي ݾون ايشوَر ٿونَي ڏيشَي۔ ‏3 تُو آپرَي ڀائي رِي اونک ۾ گند تو ڏيکَي ھَي، پڻ ٿارِي آپرِي اونک ۾ جڪو لڪڙ پڙيو ھَي، ڪِي تُو او ڪونھي ڏيکتو؟ ‏4 جڏي تُو آپرِي اونک رو لڪڙ ڀِي ڪونھي ڏيکتو، تو تُو ڪيڪر آپرَي ڀائي نَي ڪئِي ڪہ، ’آ تو ھُون ٿارِي اونک رو گند ڪاڍون؟‘ ‏5 اي ٺَگ، پيل تُو آپرِي اونک رو لڪڙ تو ڪاڍ، پَڇي تُو ݾُٺَي نمُونَي جوئي آپرَي ڀائي رِي اونک ݾون گند ڪاڍي ݾگھِي۔
‏6 پويتر شيون ڪُتون آگھي ھانَ قيمتي موتي ݾُوئرون آگھي نِي نوکو۔ اِيئون نِي ھووَي ڪہ او اُوئون نَي پگون ھيٺا لتاڙَي ھانَ پاڇا بَݪي ٿونَي چيرَي ڦاڙَي۔“
ايشوَر ݾون مونگڻ جوئڻ در کڙڪاوڻ
‏7 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ايشوَر ݾون مونگتا رو، تو ٿونَي ملشَي۔ جوتا رو ٿونَي لاڌشَي۔ در کڙڪائو، تو ٿونرَي ݾارُو کوليو جاشَي، ‏8 ڪيونڪہ جڪو مونگَي ھَي، اُوئي نَي ملَي ھَي ھانَ جڪو جووَي ھَي، اُوئي نَي لاڌَي ھَي ھانَ جڪو در کڙڪاوَي ھَي، اُوئي رَي ݾارُو کُلشَي۔ ‏9 ڪِي ٿون ۾ اھڙو ڪو ٻاپ ھَي جڪَي رو ڏيڪرو ٻاٽِي مونگَي، تو او اُوئي نَي پٿر ڏَي؟ ‏10 جون مڇِي مونگَي، تو اُوئي نَي ناگ ڏَي؟ ‏11 جڏي ڪہ ٿي بُڇڙا ھو، تو ڀِي آپرَي ٻاݪون نَي ݾُٺَي شيون ڏيوَڻ ݾمجھو ھو، تو پَڇي ياد راکو ڪہ آڪاشِي پِتا آپرَي مونگڻ آݪون نَي ݾُٺَي شيون ضرُور ڏيشَي۔ ‏12 اِيئي نمُونَي جي ٿي ݾوچو ھو ڪہ مِنک ٿون ݾون ڀلائي ڪرَي، تو ٿي ڀِي ٻيجون ݾون ڀلائي ڪرو، ڪيونڪہ اَئيج شريعت ھَي ھانَ نبيون ڀِي اِيئوج ݾيکايو ھَي۔“
ݾوڙھَي در رو مِثال
‏13 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ݾوڙھَي در رَي مارگ ݾون بو، ڪيونڪہ موٽَي در رو مارگ ݾَوَلو ھَي ھانَ او نرگ ڏيݾا لي جاوَي ھَي ھانَ اُوئي ڏيݾا جاوڻ آݪا تموم گھڻا ھَي۔ ‏14 پڻ ݾوڙھَي در رو مارگ ڏُکيو ھَي، جڪو ݾُرگ ڏيݾا لي جاوَي ھَي ھانَ تموم ٿوڙا مِنک ھَي، جڪون نَي او مارگ لاڌَي ھَي۔“
جھڙو بَڻ تھڙو ڦل
‏15 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ٿي اھڙَي ڪُوڙَي نبيون ݾون ھوشيار رھيا، جڪو رڍون رَي رُوپ ۾ ٿون ڪڍي آوَي ھَي، پڻ حقيقت ۾ او چيرڻ ڦاڙڻ آݪا بگڙ ھَي۔ ‏16 ٿي اُوئون نَي اُوئون رَي ڪومون ݾون اوݪکشو، ڪيونڪہ ڪو ڀِي ٻَٻڙ ݾون انجير ڪونھي توڙتو ھانَ نَڪو ڪانڊيرون ݾون انگُور۔ ‏17 اِيئي نمُونَي ݾُٺو بَڻ ݾُٺو ڦل ڏَي ھَي ھانَ خراب بَڻ خراب ڦل ڏَي ھَي۔ ‏18 ڪو ڀِي ݾُٺو بَڻ خراب ڦل ڪونھي ڏيتو ھانَ نَڪو خراب بَڻ ݾُٺو ڦل ڏيتو۔ ‏19 جڪو بَڻ ݾُٺو ڦل ڪونھي ڏيتو، تو او باڍي باݾڏي ۾ ٻاݪيو جاوَي ھَي۔ ‏20 اِيئي رَي ڪري ٿي اُوئون نَي اُوئون رَي ڪومون ݾون اوݪکشو۔“
ھُون ٿونَي ڪونھي اوݪکتو
‏21 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڪو مھنَي اي پرڀُو اي پرڀُو، ڪَي ھَي اُوئون ۾ ݾجائِي آڪاش رِي بادشاھي ۾ ڪونھي جاوَي۔ آڪاش رِي بادشاھي ۾ رُگو او جاشَي، جڪو مھارَي آڪاشِي پِتا رِي مرضِي تي بَي ھَي۔ ‏22 جڏي ايشوَر دُنيا رو اِنصاف ڪرشَي، تو اُوئي ڏِن تموم گھڻا مِنک مھنَي ڪشَي ڪہ، ’اي پرڀُو، مھون تو ٿارَي نون ݾون پرميشوَر رو نياپو ڏينو ھانَ ٿارَي نون ݾون ڀُوت ڪاڍيا ھانَ تموم گھڻا پرچا ڪيئا ھتا۔‘ ‏23 پڻ ھُون اُوئون نَي چِٽو ڪئين ڪہ، ’ٿي ڪُڻ ھو؟ ھُون ٿونَي ڪونھي اوݪکتو۔ اي بُڇڙون، مھارَي اونکيون ݾون ٽَݪي جائو۔‘“
ٻيئون گھرون رو مِثال
‏24 پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”جڪو مِنک مھارَي باتون ݾُڻَي ھانَ اُوئون تي بَي ھَي، او اُوئي ݾمجھدار مِنک آݪِي ڪار ھَي، جڪَي آپرو گھر پڪِي ٻنِي تي ٺاھيو۔ ‏25 پَڇي جڏي طُوفون آيو، مي برݾيو، ٻوڏ آئِي ھانَ پوڻي اُوئي گھر نَي ٽڪرون ھڻڻ لاگو، پڻ اُوئي گھر نَي لوڏو ڀِي ڪونھي آيو، ڪيونڪہ او گھر پڪو ٺاھيوڙو ھتو۔ ‏26 پڻ جڪو مِنک مھارَي باتون ݾُڻَي ھانَ اُوئي تي بيتو ڪونھي، تو او اُوئي بي عقل مِنک آݪِي ڪار ھَي، جڪَي آپرو گھر بيݪُو تي ٺاھيو۔ ‏27 جڏي طُوفون آيو، مي برݾيو، ٻوڏ آئِي ھانَ پوڻي اُوئي گھر ݾون ٽڪريجو، تو او گھر ݾَڦا کِري مِٽي گيو۔“
پرڀُو يسُوع رو اِختيار
‏28 جڏي پرڀُو يسُوع اَي باتون ڪري ھئو ڪيئو، تو مِنک اُوئي رَي باتون ݾُڻي حيرون ھويا، ‏29 ڪيونڪہ پرڀُو يسُوع اُوئون رَي ڌرمي گُروئون آݪِي ڪار نا، پڻ اِختياري ݾون ݾيکاوتو۔