ٻيج ڇٽڻ آݪَي رو مِثال
13
اُوئي ڏِن پرڀُو يسُوع گھر ݾون نڪري گليل ڊنڍ رَي ڪپ جائي ٻيٺو۔ 2 اُوئي رَي چوڌاري اِترا تو مِنک آئي ڀيڙا ھويا ڪہ او جائي ھيڪِي ٻيڙِي ۾ چڙھي ٻيٺو ھانَ ݾجائِي مِنک ڪپ تي اُڀي رھيا۔ 3 او اُوئون نَي تموم گھڻَي باتون مِثالون ڏي ݾمجھاوڻ لاگو۔ اُوئي ڪھيو ڪہ، ”ھيڪ ھاݪِي ٻيج ڇٽڻ گيو۔ 4 ٻيج ڇٽتَي بِݪا ڪئين ڏوڻا مارگ تي کِريا ھانَ او لتاڙيجا ھانَ پکي اُوئون نَي چُگي گيا۔ 5 ڪئين ڏوڻا پٿرون آݪِي ٻنِي ۾ کِريا، جيٿ گھڻو بَنجُھو نِي ھوئڻ رَي ڪري او ڇيڪا اُگا۔ 6 جڏي ݾُورج نڪريو، تو اُونڏِي پاݪ نِي ھوئڻ رَي ڪري ݾُوڪي گيا۔ 7 ڪئين ڏوڻا ڪانڊيرون ۾ کِريا ھانَ ڪانڊيرا ڀِي اُوئون ڀيڙا بڌڻ لاگا پڻ ڪانڊيرون اُوئون نَي بڌڻ ڪونھي ڏينو۔ 8 ڪئين ڏوڻا ڀلِي ٻنِي ۾ کِريا ھانَ او اُگا ڪَي ۾ ݾئو ڏوڻا، ڪَي ۾ سٺ، تو ڪَي ۾ ٽيھ ڏوڻا لاگا۔ 9 ݾُڻڻ آݪا ݾمجَھي را۔“مِثالون ۾ ݾُڻاوڻ رو مقصد
10 پَڇي چيلا پرڀُو يسُوع ڪڍي آيا ھانَ پُوڇو ڪہ، ”ٿي اُوئون ݾون مِثالون ۾ ڪيئون باتون ڪرو ھو؟“ 11 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ايشوَر تو ٿونَي آڪاش رِي بادشاھي رَي ڀيدون رِي ݾمجھ ڏينِي ھَي، پڻ اُوئون نَي نا۔ 12 جڪَي ڪڍي ايشوَر رَي باتون رِي ݾمجھ ھَي، اُوئي نَي وڌيڪ ݾمجھ ڏينِي جاشَي، پڻ جڪَي ڪڍي ايشوَر رَي باتون رِي ݾمجھ ڪونھي، اُوئي ݾون او ݾمجھ ڀِي کوݾِي جاشَي، جڪو اُوئي ڪڍي ھَي۔ 13 ھُون اُوئون ݾون مِثالون ۾ اِيئي رَي ڪري باتون ڪرون ھون ڪہ،
’او جوتا ڀِي نِي ڏيکَي
ھانَ ݾُڻتا ڀِي نِي ݾُڻَي ھانَ ݾمجَھي۔‘
14 اُوئون رَي بارَي ۾ يسعياھ نبِي اَي اگڪٿِي ڪِي ھَي ڪہ،
’ٿي ڪونون ݾون ݾُڻشو، پڻ ݾمجھو ڪونھي۔
ٿي اونکيون ݾون جوشو، پڻ ڏيکو ڪونھي،
15 ڪيونڪہ اَي مِنک من را ڪاٺا ھويا را،
اَي ٻوڙا ھويا را،
اِيئون آپرَي اونکَي ميچَي رَي۔
متان او آپرَي اونکيون ݾون ڏيکَي،
آپرَي ڪونون ݾون ݾُڻَي۔
آپرَي من ݾون ݾمجَھي
ھانَ او مھَي ڏيݾا آوَي
ھانَ ھُون اُوئون نَي ݾاجا ڪرون۔‘
16 پڻ ڌن ھو ٿي، جڪو ٿونرَي اونکَي ڏيکَي ھَي ھانَ ٿونرا ڪونَ ݾُڻَي ھَي۔ 17 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ تموم گھڻا نبِي ھانَ نيڪ مِنک، اِيئي اُميد ۾ ھتا ڪہ جڪو ڪئين ٿي ڏيکو پڙيا، او ڀِي جووَي، پڻ او جوئي ڪونھي ݾگھيا ھانَ جڪو ٿي ݾُڻو پڙيا، او ݾُڻَي پڻ او ݾُڻي ڪونھي ݾگھيا۔“
ٻيج ڇٽڻ آݪَي مِثال رو مطلب
18 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ڌھيون ڏي ݾُڻو، ٻيج ڇٽڻ آݪَي مِثال رو مطلب اَي ھَي۔ 19 جڏي ڪو مِنک ايشوَر رِي بادشاھي رَي باتون ݾُڻَي ھَي، پڻ ݾمجھتو ڪونھي، تو او اُوئي مارگ آݪِي ڪار ھَي، جيٿ ڏوڻا کِريا، پڻ شيطون آئي اُوئون رَي من ݾون باتون ڪاڍي لَي ھَي۔ 20 جڏي ڪو مِنک ايشوَر رَي باتون ݾُڻَي ھَي ھانَ ڇيڪائِي ڪري اُوئون نَي آپرَي من ۾ راکَي ھَي، تو او اُوئي پٿرون آݪِي ٻنِي آݪِي ڪار ھَي، جيٿ ڏوڻا کِريا۔ 21 پڻ اُونڏِي پاݪ نِي ھوئڻ رَي ڪري اُوئون رو وِشواس ٿوڙَي ڏِنون رو ھووَي ھَي۔ جڏي اُوئون تي ڪو ڏُک جون مُصيبت آوَي ھَي، تو او ڇيڪا ڦِري جاوَي ھَي۔ 22 جڏي ڪو مِنک ايشوَر رَي باتون ݾُڻَي ھَي، پڻ اُوئون تي بيتو ڪونھي، تو او اُوئون ڪانڊيرون آݪِي ڪار ھَي جيٿ ڏوڻا کِريا، پڻ دُنيا رَي گِڻتَي ھانَ ڌن رو لالچ ايشوَر رَي باتون نَي دٻائي ڇوڙَي ھَي ھانَ اُوئون ۾ ڪو ڀِي ڦل ڪونھي لاگتو۔ 23 جڏي ڪو مِنک ايشوَر رَي باتون ݾُڻَي ھانَ ݾمجَھي ھَي ھانَ اُوئي ۾ ڦل ڀِي لاگَي ھَي، تو او اُوئي ڀلِي ٻنِي آݪِي ڪار ھَي، جڪَي ۾ ڏوڻا کِريا ھانَ اُگا۔ ڪَي ۾ ݾئو ڏوڻا، ڪَي ۾ سٺ، تو ڪَي ۾ ٽيھ۔“
کارَي ٻيج رو مِثال
24 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ھيڪ ٻيجو مِثال ݾُڻايو ڪہ، ”آڪاش رِي بادشاھي اُوئي مِنک آݪِي ڪار ھَي جڪَي آپرِي ٻنِي ۾ ݾُٺو ٻيج ڇٽيو۔ 25 پڻ رات رو جڏي ݾجائِي مِنک ݾُوئي رھيا، تو اُوئي رو دُشمن آيو ھانَ ڪڻڪ ۾ کارو ٻيج ڇٽي گيو۔ 26 جڏي ڪڻڪ اُگِي، تو ڀيڙو کارو ٻيج ڀِي اُگو۔ 27 جڏي غُلومون اَي ڏيٺو، تو جائي مالڪ نَي ڪھيو ڪہ، ’اي مالڪ، ڪِي ٿون ٻنِي ۾ ݾُٺو ٻيج ڪونھي ڇٽيو ھتو؟ تو پَڇي کارو ٻيج ڪيڪر اُگو؟‘ 28 اُوئي ڪھيو ڪہ، ’اَي ڪَي دُشمن رو ڪوم ھَي۔‘ غُلومون ڪھيو ڪہ، ’ڪِي مھي جائي کارو ٻيج اُکوڙون؟‘ 29 پڻ مالڪ ڪھيو ڪہ، ’نا، جي ٿي کارو ٻيج اُکوڙشو، تو اُوئي ڀيڙِي ڪڻڪ ڀِي اُکڙشَي۔ 30 لٻارَي توڻي ٻيئون نَي ڀيڙا بڌڻ ڏيئو۔ پَڇي لُڻڻ رَي ٽيم لٻارو ڪرڻ آݪون نَي ڪئين ڪہ پيل کارَي ٻيج رو گاݾ اُکوڙي ڀيڙو ڪرو ھانَ ٻاݪڻ رَي ݾارُو ڀرَي ٻونڌو ھانَ پَڇي ڪڻڪ ڀيڙِي ڪري مھارَي گُدوم ۾ راکو۔‘“
ݾَرݾيون رَي ٻيج ھانَ کَمير رو مِثال
31 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ھيڪ ٻيجو مِثال ݾُڻايو ڪہ، ”آڪاش رِي بادشاھي ݾَرݾيون رَي ٻيج آݪِي ڪار ھَي، جڪَي نَي ھيڪَي مِنک آپرِي ٻنِي ۾ پوکيو۔ 32 ݾَرݾيون رو ٻيج ݾجون ٻيجون ݾون نِنيو ھَي، پڻ جڏي او اُگَي ھَي، تو ݾجَي بَڻون ݾون موٽو ھوئي بَڻ ھووَي ھَي ھانَ پکي اُوئي رَي ٽاݪيون ۾ آݪا ٺاوَي ھَي۔“
33 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ھيڪ ٻيجو مِثال ݾُڻايو ڪہ، ”آڪاش رِي بادشاھي اُوئي کَمير آݪِي ڪار ھَي جڪَي نَي ھيڪِي لُگائِي لي اندازن اَڌ مَڻ آٽَي ۾ مِلائي گويو، تو او ݾجو آٽو اُڦڻي گيو۔“
34 پرڀُو يسُوع مِنکون نَي اَي ݾجَي باتون رُگو مِثالون ڏي ݾُڻاوتو 35 ڪہ، نبِي رِي او بات پُورِي ھووَي ڪہ،
”ھُون مِثالون ۾ باتون ڪرين ھانَ او باتون ݾُڻائين،
جڪو جگت رَي شرُوع ݾون لِڪيوڙَي ھَي۔“
کارَي ٻيج رِي ݾمجھوڻِي
36 پَڇي پرڀُو يسُوع ݾجون مِنکون نَي ڇوڙي ھيڪَي گھر ۾ گيو۔ تو اُوئي رَي چيلون آئي اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”مھونَي ݾُڻائو ڪہ ٻنِي ۾ ڇٽيوڙَي کارَي ٻيج رَي مِثال رو مطلب ڪِي ھَي؟“ 37 تو پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”اِيئي مِثال ۾ ݾُٺو ٻيج ڇٽڻ آݪو مُنش پُتر يعني ھُون ھون۔ 38 ٻنِي اَي جگت ھَي۔ ݾُٺو ٻيج او مِنک ھَي، جڪو ايشوَر رِي بادشاھي نَي منڻ آݪا ھَي۔ کارو ٻيج او مِنک ھَي جڪو شيطون نَي منڻ آݪا ھَي۔ 39 دُشمن جڪَي کارو ٻيج ڇٽيو، او شيطون ھَي۔ لٻارو جگت رِي پڇاڙِي ھَي ھانَ لُڻڻ آݪا فريشتا ھَي۔ 40 جھڙَي نمُونَي مِنک کارَي ٻيج رو گاݾ ڀيڙو ڪري باݾڏي ۾ ٻاݪَي ھَي، اِيئوج اِيئي جگت رِي پڇاڙِي ۾ ھوشَي۔ 41 ھُون مُنش پُتر آپرَي فريشتون نَي ميلين ڪہ او مھارِي بادشاھي ۾ اُوئون ݾجون نَي ڀيڙا ڪرَي، جڪو ٻيجون نَي ڀُلاوَي ھانَ بُڇڙائي ڪرَي ھَي۔ 42 پَڇي ھُون اُوئون نَي باݾڏي رَي کُورَي ۾ نوکين، جيٿ او روشَي پِٽشَي ھانَ پڇتاشَي۔ 43 اُوئي ٽيم نيڪ مِنک آپرَي آڪاشِي پِتا رِي بادشاھي ۾ ݾُورج آݪِي ڪار چمڪشَي۔ ݾُڻڻ آݪا ݾمجَھي را۔“
لِڪيوڙَي خزونَي ھانَ موتيون رو مِثال
44 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”آڪاش رِي بادشاھي ٻنِي ۾ لِڪيوڙَي خزونَي آݪِي ڪار ھَي۔ جڏي او ڪَي مِنک نَي لاڌَي ھَي، تو او اُوئي نَي ڀڙي لِڪائي ڇوڙَي ھَي۔ پَڇي او تموم گھڻو خُوش ھووَي ھَي ھانَ آپرو ݾجو ڪئين بيچي او ٻنِي مول لَي ھَي۔
45 آڪاش رِي بادشاھي اُوئي موتيون رَي واپاري آݪِي ڪار ھَي، جڪو قيمتي موتيون رِي تلاش ۾ رَي ھَي۔ 46 جڏي اُوئي نَي قيمتي موتي لاڌَي ھَي، تو او آپرو ݾجو ڪئين بيچي او موتي مول لَي ھَي۔“
جاݪ رو مِثال
47 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”آڪاش رِي بادشاھي اُوئي موٽَي جاݪ آݪِي ڪار ھَي، جڪَي نَي مھوڻون ڊنڍ ۾ اَڏيو ڪہ اُوئي ۾ ھر نمُونَي رَي مڇَي ڦاݾَي۔ 48 جڏي او جاݪ ڀريجَي ھَي، تو مُھاڻا اُوئي نَي ڇِڪي ڪپ تي لي آوَي ھَي ھانَ پَڇي ٻيݾي اُوئي ۾ مڇَي ڪاڍَي ھَي۔ جڪو مڇَي ݾُٺَي ھووَي ھَي، او ٽوڪرَي ۾ گھاتَي ھَي ھانَ ڪِنَي مڇَي اُڇلاوَي ھَي۔ 49 جگت رِي پڇاڙِي ۾ اِيئوج ھوشَي فريشتا آشَي ھانَ بُڇڙَي مِنکون نَي نيڪ مِنکون ݾون ڌار ڪرشَي ھانَ بُڇڙون نَي باݾڏي رَي کُورَي ۾ نوکشَي، 50 جيٿ او روشَي، پِٽشَي ھانَ پڇتاشَي۔
51 ڪِي ٿي اَي ݾجَي باتون ݾمجھا را؟“ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”جِي ھاوي۔“ 52 اِيئي تي پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھر ھيڪ ڌرمي گُرو جڪو آڪاش رِي بادشاھي رو چيلو ھووَي ھَي۔ او اُوئي گھر رَي مالڪ آݪِي ڪار ھَي، جڪو آپرَي خزونَي ݾون پِروڻَي ھانَ نُوئَي شيون ڪاڍَي ھَي۔“
ناصرت آݪون رو پرڀُو يسُوع نَي نِي منڻ
53 جڏي پرڀُو يسُوع اَي مِثالون ݾُڻائي ھئو ڪيئو، تو او اوٿ ݾون بَئير ھويو 54 ھانَ پاڇو آپرَي شھر ناصرت ۾ آيو ھانَ اوٿ ڀگتي گھر ۾ ݾيکاوڻ لاگو۔ اُوئي رَي باتون ݾُڻي مِنک حيرون ھويا ھانَ پُوڇڻ لاگا ڪہ، ”اِيئي ۾ اِترو عقل ھانَ پرچا بتاوڻ رِي طاقت ڪيٿ ݾون آئِي ھَي؟ 55 ڪِي اَي واڍَي رو ڏيڪرو ڪونھي؟ ڪِي اِيئي رِي ما رو نون مريم ڪونھي؟ ھانَ ڪِي يعقُوب، يُوسف، شمعُون ھانَ يھُودا اِيئي را ڀائي ڪونھي؟ 56 ڪِي اِيئي رَي ٻينون ايٿ ڪونھي ريتَي؟ تو پَڇي اِيئي ۾ اَي ݾجو ڪئين ڪيٿ ݾون آيو ھَي؟“ 57 اِيئي نمُونَي اُوئون اُوئي نَي قبُول ڪونھي ڪيئو۔ پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ھر نبِي رِي آپرَي وطن ھانَ آپرَي خاندان ݾون ٽاݪ ھر جگھا عِزت ھووَي ھَي۔“ 58 پرڀُو يسُوع اوٿ تموم ٿوڙا پرچا بتايا، ڪيونڪہ اوٿ را مِنک اُوئي تي وِشواس ڪونھي راکتا۔