ݾُوڪوڙَي ھاٿ آݪَي مِنک نَي ݾاجو ڪرڻ
3
پرڀُو يسُوع ڀڙي ڀگتي گھر ۾ گيو۔ اوٿ ھيڪ مِنک ھتو، جڪَي رو ھاٿ ݾُوڪوڙو ھتو۔ 2 اوٿ ڪئينڪہ اھڙا مِنک ڀِي ھتا جڪو پرڀُو يسُوع تي الزوم ھڻڻ رِي تاݪ ۾ ھتا ھانَ او اِيئي اِنتظار ۾ ھتا ڪہ پرڀُو يسُوع پويتر ڏِن رو اُوئي نَي ݾاجو ڪرشَي جون نا۔ 3 پَڇي پرڀُو يسُوع ݾُوڪوڙَي ھاٿ آݪَي مِنک نَي ڪھيو ڪہ، ”ايٿ بِچ ۾ آئي اُڀ۔“ 4 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون پُوڇو، ”مھنَي ݾُڻائو ڪہ پرميشوَر رَي حُڪمون تي پويتر ڏِن رو ڀلائي ڪرڻ صحيح ھَي جون بُڇڙائي؟ ڪينَي بچاوڻ صحيح ھَي جون ڪينَي مارڻ؟“ پڻ او ماٺ ھتا۔ 5 پرڀُو يسُوع نَي اُوئون رَي ڪاٺَي من رَي ڪري ڏُک ھويو۔ پَڇي اُوئي چارئي پاݾَي اُوئون ݾجون نَي ريݾ ۾ جويو ھانَ ݾُوڪڙَي ھاٿ آݪَي مِنک نَي ڪھيو ڪہ، ”آپرو ھاٿ ڏيگھو ڪر۔“ تو اُوئي اِيئوج ڪيئو۔ پَڇي اُوئي رو ھاٿ يڪدم ݾاجو ھوئي گيو۔ 6 اِيئي تي فريسي مِنک اُوئيج ٽيم ٻاھر گيا ھانَ ھيروديس بادشاھ رَي مِنکون ݾون صلاح ڪرڻ لاگا ڪہ، ”ڪيڪر پرڀُو يسُوع نَي مارون؟“تموم گھڻَي مِنکون نَي ݾاجا ڪرڻ
7 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون ڀيڙو گليل ڊنڍ ڏيݾا گيو۔ تموم گھڻا مِنک اُوئي لاري بيوَڻ لاگا۔ او مِنک گليل صُوبَي ھانَ يھُوديا صُوبَي رَي ݾجَي علائقَي 8 ھانَ يروشلم، اِدوميا، صُور شھر، صيدا شھر ھانَ يردن دريا رَي پيلوڙَي پاݾَي ݾون آيوڙا ھتا۔ او اِيئي رَي ڪري آيا ھتا ڪيونڪہ اُوئون نَي خبر پڙِي ڪہ پرڀُو يسُوع موٽا موٽا پرچا بتاوَي ھَي۔
9 پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھارَي ݾارُو ھيڪ نِنڪِي ٻيڙِي رو بندوبست ڪرو۔ مِنک تموم گھڻا ھَي اِيئون نِي ھووَي ڪہ او مھنَي لتاڙي ڇوڙَي۔“ 10 ڪيونڪہ پرڀُو يسُوع تموم گھڻَي مِنکون نَي ݾاجا ڪيئا ھتا اِيئي رَي ڪري اُوئي رَي چارئي پاݾَي تموم گھڻا بيمار مِنک ھتا ھانَ او اُوئي نَي ھاٿ لگاوڻ رِي ڪوشش ۾ ھتا۔ 11 جڏي ڀُوت لاگوڙا مِنک پرڀُو يسُوع نَي ڏيکتا، تو اُوئي آگھي کِري رڙَي ڪري ڪيتا ڪہ، ”تُو ايشوَر رو ڏيڪرو ھَي۔“ 12 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ھدايت ڪري ڪھيو ڪہ، ”اَي بات ڪينَي ڀِي نِي ݾُڻايا۔“
پرڀُو يسُوع رو ٻارھَي سنت چُونڊڻ
13 پَڇي پرڀُو يسُوع ھيڪَي جبل تي گيو۔ اُوئي آپرِي مرضِي را مِنک آپ ڏيݾا اَڻايا، تو او مِنک اُوئي ڪڍي آيا۔ 14 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون ۾ ٻارھَي مِنک چُونڊيا [جڪون نَي اُوئي سنت ڪھيو] ڪہ او اُوئي ڀيڙا رَي ھانَ اُوئون نَي ميلَي ڪہ او جائي پرچار رو ڪوم ڪرَي۔ 15 اُوئون نَي ڀُوت ڪاڍڻ رِي اِختياري ڀِي ڏينِي۔
16 اُوئون ٻارھون چيلون را نون اَي ھَي، شمعُون جڪَي رو نون پرڀُو يسُوع پطرس ڀِي راکيو، 17 زبدي را ڏيڪرا يعقُوب ھانَ يُوحنا، جڪون را نون پرڀُو يسُوع بُوانِرگس راکيو۔ (بُوانِرگس رو مطلب ھَي ”گرجڻ آݪا۔“) 18 اندرياس، فِلپس، برتلمائي، متِي، تُوما، حلفي رو ڏيڪرو يعقُوب، تدائي، شمعُون جڪَي نَي وطن دوست ڀِي ڪَي ھَي 19 ھانَ يھُودا اِسڪريُوتِي جڪَي پَڇي دوکو ڏي پرڀُو يسُوع نَي جھلايو۔
پرڀُو يسُوع ھانَ بعل زبُول
20 پَڇي پرڀُو يسُوع ڪفرنَحُوم شھر ۾ اُوئي گھر ۾ پاڇو آيو جيٿ او ريتو۔ پڻ اوٿ اِترا تو مِنک آئي ڀيڙا ھويا ڪہ او ھانَ اُوئي را چيلا ٻاٽِي ڀِي کائي ڪونھي ݾگھيا۔ 21 جڏي پرڀُو يسُوع رَي عزيزون ݾُڻيو، تو او اُوئي نَي جھالڻ آيا ڪيونڪہ اُوئون ݾوچو ڪہ او ڪالھو ھويو رو۔
22 ڪئينڪہ ڌرمي گُرو يروشلم شھر ݾون آيوڙا ھتا، او ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”يسُوع ۾ ڀُوتون رو ݾردار بعل زبُول ھَي ھانَ او اُوئي رِي مدد ݾون ڀُوت ڪاڍَي ھَي۔“ 23 اِيئي تي پرڀُو يسُوع اُوئون نَي آپ ڪڍي اَڻائي اَي مِثال ڏي پُوڇو ڪہ، ”شيطون، ڪيئون شيطون نَي ڪاڍشَي۔ 24 جي ڪَي بادشاھي ۾ ڦُوٽ پڙَي، تو او برباد ھوئي جاوَي ھَي 25 ھانَ جي ڪَي گھر ۾ ڦُوٽ پڙَي ھَي، تو او گھر ڀِي برباد ھوئي جاوَي ھَي۔ 26 اِيئي نمُونَي جي شيطون رِي بادشاھي ۾ ڦُوٽ پڙَي ھانَ اُوئي را چيلا ھيڪَي ٻيجَي رَي خلاف ھوئي جاوَي، تو اُوئي رِي بادشاھي ختم ھوئي جاشَي۔
27 ڪو ڀِي مِنک ڪَي طاقت آݪَي مِنک رَي گھر ۾ جائي اُترِي توڻي ڦُر ڪونھي ڪرَي، جترِي توڻي اُوئي نَي ٻونڌَي نِي۔ اُوئي ݾون پَڇي او گھر رِي ڦُر ڪري ݾگھَي ھَي۔ 28 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ اِنسون رو ھر ھيڪ پاپ ھانَ ايشوَر رَي خلاف ڪھيوڙِي بات معاف ڪِي جاشَي۔ 29 پڻ جي ڪُڻ پويتر آتما رَي خلاف بات ڪرشَي، تو اُوئي نَي ڪڏي ڀِي معافي ڪونھي ملَي ھانَ اُوئي رو اَي پاپ ھميشا توڻي ريشَي۔“ 30 پرڀُو يسُوع اِيئون اِيئي رَي ڪري ڪھيو ڪيونڪہ اُوئون ڪھيو ھتو ڪہ، ”اُوئي ۾ ڀُوت ھَي۔“
پرڀُو يسُوع رِي ما ھانَ ڀائي
31 پَڇي پرڀُو يسُوع رِي ما ھانَ ڀائي آيا پڻ تموم گھڻا مِنک ھوئڻ رَي ڪري ٻاھر اُڀي رھيا ھانَ پرڀُو يسُوع نَي ھيلو ڪرايو۔ 32 او مِنک جڪو پرڀُو يسُوع رَي چوڌاري ٻيٺوڙا ھتا اُوئون ݾُڻايو ڪہ، ”ٿارِي ما ھانَ ٿارا [ٻين] ڀائي ٻاھر اُڀا ھَي ھانَ ٿنَي اَڻايو ھَي۔“ 33 اِيئي تي پرڀُو يسُوع اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”مھارِي ما ھانَ مھارا ڀائي ڪُڻ ھَي؟“ 34 پَڇي اُوئي آپرَي چوڌاري ٻيٺوڙَي مِنکون نَي جوئي ڪھيو ڪہ، ”جوئو، مھارا ما ھانَ ڀائي اَي ھَي، 35 ڪيونڪہ جڪو ڀِي ايشوَر رَي باتون ݾُڻَي ھانَ اُوئون تي بَي ھَي، اوج مھارو ڀائي، مھارِي ٻين ھانَ مھارِي ما ھَي۔“