پرڀُو يسُوع گوَرنر پِلاطُس رَي حوالي
27
پَڇي جڏي ڏِن اُگو، تو ايشوَر را موٽا پُوجاري ھانَ يھُودي اَگووڻون آپت ۾ پرڀُو يسُوع رَي خلاف صلاح ڪِي ڪہ اُوئي نَي ڪيڪر مرائُون۔ 2 پَڇي اُوئون اُوئي نَي ٻونڌي رُومي گوَرنر پِلاطُس رَي حوالي ڪيئو۔يھُودا اِسڪريُوتِي رِي موت
3 جڏي پرڀُو يسُوع نَي جھلاوڻ آݪَي يھُودا ڏيٺو ڪہ پرڀُو يسُوع تي موت رِي سزا رو فيصلو ھويو ھَي، تو اُوئي پڇتايو۔ پَڇي او چوندِي را ٽيھ ݾِڪا لي ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون ھانَ يھُودي اَگووڻون ڪڍي پاڇو گيو۔ 4 اُوئي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”مھَي ڏوھ ڪيئو ھَي ھانَ مھَي ھيڪَي بي ڏوھي نَي جھلايو ھانَ مھارَي ڪري اُوئي نَي موت رِي سزا ملِي ھَي۔“ پڻ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”تو پَڇي مھي ڪِي ڪرون؟ تُو جوڻ ھانَ ٿارو ڪوم۔“ 5 اِيئي تي يھُودا اُوئون ݾِڪون نَي ايشوَر رَي گھر ۾ اُڇلائي ڇوڙيا ھانَ آپ جائي ڦاݾِي کاڌِي۔ 6 ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون او رُپيا ليئا ھانَ ڪھيو ڪہ، ”اَي خُون رو مول ھَي، اِيئي رَي ڪري اِيئون نَي ايشوَر رَي گھر رَي خزونَي ۾ راکڻ جائز ڪونھي۔“ 7 پَڇي اُوئون صلاح ڪرڻ ݾون پَڇي اُوئون رُپيون رِي ڪُنڀار رِي ٻنِي پرديسيون رَي مُڪومون رَي ݾارُو مول لِي۔ 8 اِيئي رَي ڪري اُوئي ٻنِي نَي آج ڏِن توڻي خُون رِي ٻنِي ڪَي ھَي۔ 9 اُوئي ٽيم يرميا نبِي رِي ڪھيوڙِي بات پُورِي ھوئِي ڪہ،
”اُوئون چوندِي را ٽيھ ݾِڪا ليئا،
جڪو اِسرائيلي قوم رَي مِنکون اُوئي رَي ݾارُو ڏينا ھتا
10 ھانَ اُوئون ݾِڪون ݾون ڪُنڀار رِي ٻنِي مول لِي،
جون پرميشوَر مھنَي حُڪم ڏينو ھتو۔“
پرڀُو يسُوع ݾون گوَرنر پِلاطُس رِي پُوڇا
11 پَڇي پرڀُو يسُوع نَي گوَرنر آگھي اُڀاڙيو ھانَ گوَرنر اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڪِي تُو يھُوديون رو بادشاھ ھَي؟“ پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”تُو آپ ڪَي ھَي۔“ 12 پڻ ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون ھانَ يھُودي اَگووڻون رَي ڏوھ ڏيوَڻ رَي جواب ۾ پرڀُو يسُوع ڪئين ڪونھي ڪھيو۔ 13 اِيئي تي گوَرنر پِلاطُس اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي تُو ڪونھي ݾُڻتو ڪہ اَي مِنک ٿَي تي ڪھڙا ڪھڙا ڏوھ لگاوَي پڙيا؟“ 14 پڻ پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪو ڀِي بݪتِي ڪونھي ڏينِي۔ اَي جوئي گوَرنر تموم گھڻو حيرون ھويو۔
پرڀُو يسُوع نَي موت رِي سزا ڏيوَڻ
15 ھر فَسح پَرٻ تي رُومي گوَرنر مِنکون رِي مرضِي تي ھيڪَي قيدي نَي ڦِٽو ڪرتو۔ 16 اُوئون ڏِنون ۾ يھُودي قوم رو ھيڪ مشھُور قيدي ھتو، جڪَي رو نون برابا ھتو۔ 17 پَڇي جڏي مِنک ڀيڙا ھويا، تو پِلاطُس اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿونرِي ڪھڙِي مرضِي ھَي ڪہ ھُون ٿونرَي ݾارُو ڪينَي ڇوڙون، برابا نَي جون يسُوع نَي، جڪو آپنَي مَسيح ڪَي ھَي؟“ 18 حقيقت ۾ اُوئي نَي ڀلَي نمُونَي خبر ھتِي ڪہ يھُودي پنچائيت آݪون، ݾاݪ ۾ پرڀُو يسُوع نَي جھلايو ھَي۔
19 جڏي گوَرنر فيصلَي رِي عدالت آݪِي ڪُرسِي تي ٻيٺو ھتو، تو اُوئي رِي لُگائِي اُوئي نَي اَي نياپو ڏي ميليو ڪہ، ”اِيئي نيڪ مِنک رَي خلاف ڪئين نِي ڪري، ڪيونڪہ آج مھنَي اِيئي رَي بارَي ۾ ھيڪ ݾپنو لاڌو ھَي، جڪَي رَي ڪري ھُون تموم گھڻِي پريشون ھون۔“ 20 پڻ ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون ھانَ اَگووڻون، مِنکون نَي ݾيکايا ڪہ او پِلاطُس نَي ڪَي ڪہ او برابا نَي ڦِٽو ڪرَي ھانَ پرڀُو يسُوع نَي موت رِي سزا ڏَي۔ 21 پَڇي جڏي گوَرنر اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ٿونرِي ڪھڙِي مرضِي ھَي ڪہ ھُون ٿونرَي ݾارُو ڪينَي ڇوڙون؟“ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”برابا نَي۔“ 22 اِيئي تي پِلاطُس اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”تو پَڇي ھُون يسُوع ݾون ڪِي ڪرون، جڪَي نَي مَسيح ڪَي ھَي؟“ اُوئون ݾجون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”اِيئي نَي ݾُولِي تي چاڙھي ماري ڇوڙو۔“ 23 پِلاطُس ڪھيو ڪہ، ”ڪيئون، اِيئي ڪھڙو ڏوھ ڪيئو ھَي؟“ پڻ او اَڃون ڀِي وڌيڪ زور ݾون ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اِيئي نَي ݾُولِي تي چاڙھو۔“ 24 جڏي پِلاطُس ݾمجھو ڪہ ھمَي ڪئين ڪونھي ھووَي، پڻ ڦشرِي ھوئڻ آݪِي ھَي، تو اُوئي پوڻي لي مِنکون رَي رُوبرو آپرا ھاٿ ڌويا ھانَ ڪھيو ڪہ، ”ھُون اِيئي مِنک رِي موت رو ذميوار ڪونھي ھون۔ ٿي جوڻو ٿونرو ڪوم۔“ 25 اِيئي تي ݾجون مِنکون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”اِيئي رو خُون مھون تي ھانَ مھورِي اولاد تي ھووَي۔“ 26 پَڇي پِلاطُس اُوئون رَي ڪيوَڻ تي برابا نَي ڦِٽو ڪيئو، پڻ پرڀُو يسُوع نَي چاٻڪ ھڻائي فوجيون رَي حوالي ڪيئو ڪہ او اُوئي نَي ݾُولِي تي چاڙھي ماري ڇوڙَي۔
فوجيون رو پرڀُو يسُوع تي ٺٺولَي ڪرڻ
27 پَڇي پِلاطُس را فوجي پرڀُو يسُوع نَي گوَرنر رَي ڪوٽ ۾ لي گيا ھانَ ݾجائِي فوجي اُوئي رَي چوڌاري ڀيڙا ھويا۔ 28 پَڇي اُوئون پرڀُو يسُوع رو جُبو اُتاري راتَي رنگ رو بادشاھي جُبو پيرايو۔ 29 پَڇي ڪونٽون رَي ٽاݪيون رو تاج ٺائي اُوئي رَي ماٿَي تي پيرايو ھانَ ݾاجَي ھاٿ ۾ ݾَر رِي گيڏِي جھلائِي ھانَ اُوئي آگھي گوڏا کوڙيا ھانَ ٺٺولَي ڪري ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اي يھُوديون را بادشاھ، نمسڪار۔“ 30 پَڇي اُوئون اُوئي تي ٿُوڪيو ھانَ اوج گيڏِي لي اُوئي رَي ماٿَي تي ھڻڻ لاگا۔ 31 جڏي اُوئون پرڀُو يسُوع تي ٺٺولَي ڪري ھئو ڪيئو، تو جُبو اُتاريو ھانَ اُوئي را گاڀا پاڇا پيرايا۔ پَڇي او پرڀُو يسُوع نَي ݾُولِي تي چاڙھي مارڻ رَي ݾارُو ٻاھر لي گيا۔
پرڀُو يسُوع نَي ݾُولِي تي چاڙھڻ
32 جڏي فوجي پرڀُو يسُوع نَي شھر ݾون ٻاھر لي جاوتا پڙيا، تو اُوئون نَي ڪُرين شھر رو ھيڪ مِنک ڀيڙو ھويو، جڪَي رو نون شمعُون ھتو۔ فوجيون اُوئي نَي ونگار ۾ جھاليو ڪہ او پرڀُو يسُوع رِي ݾُولِي کڻي بَي۔ 33 پَڇي او گُلگُتا نون رِي جگھا تي پُگا۔ (گُلگُتا رو مطلب ھَي ”کوپڙِي رِي جگھا۔“) 34 اوٿ اُوئون پرڀُو يسُوع نَي پيئڻ رَي ݾارُو انگُورون رو رس ڏينو، جڪَي ۾ کارِي شئي مِلايوڙِي ھتِي۔ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي چاکيو، پڻ پيئو ڪونھي۔ 35 پَڇي فوجيون پرڀُو يسُوع نَي ݾُولِي تي چاڙھي ڪوڪا ھڻيا ھانَ پُکا گھاتي اُوئي را گاڀا آپت ۾ بِݪايا۔ 36 پَڇي فوجي اوٿج ٻيݾي اُوئي تي پھرو ڏيوَڻ لاگا۔ 37 اُوئون پرڀُو يسُوع رِي ݾُولِي ماٿَي ھيڪ تڪتِي لگائِي جڪَي تي اَي ڏوھ لِکيوڙو ھتو ڪہ، ”اَي يھُوديون رو بادشاھ يسُوع ھَي۔“ 38 اُوئي ٽيم پرڀُو يسُوع ڀيڙو ٻيئون ڌاڙيلون نَي ڀِي ݾُولِي تي موت رِي سزا ڏينوڙِي ھتِي، ھيڪ اُوئي رَي ݾاجَي ھانَ ٻيجو کاٻَي پاݾَي ھتو۔ 39 اوٿ ݾون لنگھڻ آݪا مِنک ڪونڌا لوڏي پرڀُو يسُوع تي ٺٺولَي ڪري ڪيتا ڪہ، 40 ”اي ايشوَر رَي گھر نَي بِکورڻ آݪا ھانَ تينون ڏِنون ۾ ٺاوڻ آݪا، جي تُو ايشوَر رو ڏيڪرو ھَي، تو آپنَي بچا ھانَ ݾُولِي ݾون ھيٺو اُتري آ۔“ 41 اِيئي نمُونَي ايشوَر را موٽا پُوجاري، ڌرمي گُرو ھانَ يھُودي اَگووڻ ڀِي اُوئي تي ٺٺولَي ڪري اِيئون ڪيتا ڪہ، 42 ”اِيئي تو ٻيجون نَي بچايا، پڻ ھمَي آپنَي ڪيئون ڪونھي بچاوتو۔ اَي تو اِسرائيلي قوم رو بادشاھ ھَي۔ جي اَي ھڻون رو ھڻون ݾُولِي ݾون ھيٺو اُتري آوَي، تو پَڇي مھي ڀِي اِيئي تي وِشواس راکشون۔ 43 جي اَي ايشوَر تي ڀروسو ڪرَي ھَي ھانَ ڪَي ھَي ڪہ، ’ھُون ايشوَر رو ڏيڪرو ھون۔‘ تو پَڇي مھي جوئُون ڪہ ھمَي ايشوَر اِيئي نَي ڪيڪر بچاوَي ھَي۔“ 44 اِيئي نمُونَي او ڌاڙيل جڪو پرڀُو يسُوع ڀيڙا ݾُولِي تي ھتا، او ڀِي اُوئي نَي تونا ڏيوَڻ لاگا۔
پرڀُو يسُوع رِي موت
45 پَڇي ڏِن رو اندازن ٻارھون لي تينون توڻي ݾجَي مُلڪ ۾ انڌارو ھوئي گيو۔ 46 پَڇي اندازن تيني بَجي پرڀُو يسُوع زور ݾون ڪھيو ڪہ، ”ايلِي، ايلِي، لماشبقتنِي؟“ جڪَي رو مطلب ھَي، ”اي مھارا ايشوَر، اي مھارا ايشوَر، ٿَي مھنَي ڪيئون ڇوڙيو ھَي؟“ 47 اَي ݾُڻي اوٿ اُڀوڙا ڪئينڪہ مِنک ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اَي ايلياھ نبِي نَي ھيلا ڪرَي ھَي۔“ 48 پَڇي اُوئون ۾ ھيڪَي مِنک ناݾي جائي فوم آݪِي ڪار ھيڪ شئي لِي ھانَ اُوئي نَي ھيڪَي ڏونگَي تي ٻونڌِي۔ پَڇي اُوئي نَي انگُورون رَي کٽَي رس ۾ ٻوڙي پرڀُو يسُوع نَي پيئڻ رَي ݾارُو ڏينو۔ 49 باقي مِنکون ڪھيو ڪہ، ”ٿوڙا اُڀو، جوئُون ڪہ ايلياھ اِيئي نَي بچاوَي ھَي، جون نا۔“ 50 پَڇي پرڀُو يسُوع ڀڙي زور ݾون رَڙ ڪِي ھانَ دم ڏينو۔ 51 پَڇي ايشوَر رَي گھر رو پڙدو ماٿَي ݾون لي ھيٺا توڻي ڦاٽي ٻي ٽُڪڙا ھوئي گيو، زلزلو آيو ھانَ جبل ڦاٽي گيا۔ 52 مُڪوم کُلي گيا ھانَ ايشوَر را تموم گھڻا نيڪ مِنک ڀڙي جيتا ھويا 53 ھانَ او مُڪومون ݾون ٻاھر نڪري آيا۔ پَڇي او پرڀُو يسُوع رو جيتو ھوئي اُٺڻ ݾون پَڇي پويتر شھر يروشلم ۾ گيا، جيٿ تموم گھڻَي مِنکون اُوئون نَي ڏيٺا۔
54 جڏي پرڀُو يسُوع تي پھرو ڏيوَڻ آݪَي صُوبيدار ھانَ اُوئي رَي فوجيون زلزلو ھانَ ݾجو واقعيو ڏيٺو، تو او تموم گھڻا ٻيئاجا ھانَ ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”بيشڪ اَي ايشوَر رو ڏيڪرو ھتو۔“
55 اوٿ تموم گھڻَي لُگائَي ڀِي ھتَي جڪو اݪگِي ڀون ݾون جوتَي پڙئَي۔ او گليل صُوبَي ݾون پرڀُو يسُوع رِي شيوا ڪرتَي اُوئي لاري آئَي ھتَي۔ 56 اُوئون لُگايون ۾ مريم مگدليني، يعقُوب ھانَ يُوسف رِي ما مريم ھانَ زبدي رِي لُگائِي يعني يعقُوب ھانَ يُوحنا رِي ما ڀِي ھتِي۔
پرڀُو يسُوع نَي مُڪوم ۾ راکڻ
57 جڏي شام ھوئِي، تو ارمتيا شھر رو ھيڪ شاھُوڪار مِنک آيو، جڪَي رو نون يُوسف ھتو۔ او ڀِي پرڀُو يسُوع رو چيلو ھتو۔ 58 او پِلاطُس ڪڍي گيو ھانَ پرڀُو يسُوع رو لاش مونگيو۔ تو پِلاطُس اُوئي نَي لاش ڏيوَڻ رو حُڪم ڏينو۔ 59 پَڇي يُوسف لاش لي اُوئي نَي آڇَي ݾُوتِي گاڀَي رو کوڦڻ ڏينو۔ 60 پَڇي اُوئي نَي جبل ۾ ھيڪِي نُوئِي ٺاھيوڙِي چُر ۾ راکيو۔ او مُڪوم اُوئي آپرَي ݾارُو پيل ݾون کوترايو ھتو۔ پَڇي او ھيڪ موٽو پٿر مُڪوم رَي موڏَي تي ڏي بُوئو گيو۔ 61 پڻ مريم مگدليني ھانَ ٻيجِي مريم اوٿج مُڪوم رَي ݾومھَي ٻيٺَي رئَي۔
پرڀُو يسُوع رَي مُڪوم تي پھرو
62 ٻيجَي ڏِن جڪو يھُوديون رو پويتر ڏِن ھتو، ايشوَر رَي پُوجاريون را ݾردار ھانَ فريسي مِنک ڀيڙا ھوئي پِلاطُس ڪڍي گيا 63 ھانَ ڪيوَڻ لاگا، ”سائين، مھونَي ياد ھَي ڪہ اُوئي دوکَي باز جيتَي جِي ڪھيو ھتو ڪہ، ’ھُون تيجَي ڏِن جيتو ھوئي جائين۔‘ 64 اِيئي رَي ڪري حُڪم ڏيئو ڪہ تينون ڏِنون توڻي اُوئي رَي مُڪوم تي پھرو ڏينو جاوَي، متان اِيئون نِي ھووَي ڪہ اُوئي را چيلا اُوئي رو لاش چورِي ڪري لي جاوَي ھانَ جائي مِنکون نَي ڪَي ڪہ، ’او مُوئوڙون ݾون جيتو ھويو رو۔‘ جي اِيئون ھويو، تو اَي پڇاڙِي آݪو دوکو پيلڪَي دوکَي ݾون ڀِي وڌيڪ خراب ھوشَي۔“ 65 اِيئي تي پِلاطُس ڪھيو ڪہ، ”پھرو ڏيوَڻ آݪون نَي آپ ڀيڙا لي جائو ھانَ جِترو ڀِي ھووَي مُڪوم تي سخت پھرو ڏيرائو۔“ 66 پَڇي او فوجيون نَي لي مُڪوم تي گيا ھانَ پٿر تي ٺَپو ھڻائي مُڪوم بند ڪرائي پھرو ڏيرايو۔