فوجيون رو پرڀُو يسُوع تي ٺٺولَي ڪرڻ
19
پَڇي پِلاطُس، پرڀُو يسُوع نَي چاٻڪ ھڻايا۔ ‏2 اُوئي ݾون پَڇي فوجيون ڪونٽون رو تاج ٺائي اُوئي رَي ماٿَي تي راکيو ھانَ اُوئي نَي بيڱڻائي رنگ رو بادشاھي جُبو پيرايو۔ ‏3 او پرڀُو يسُوع ڪڍي آئي ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اي يھُوديون را بادشاھ، نمسڪار۔“ پَڇي اُوئي نَي ٿاپون ڀِي ھڻئَي۔ ‏4 پِلاطُس ڀڙي ٻاھر آيو ھانَ يھُوديون نَي ڪھيو ڪہ، ”جوئو، ھُون اُوئي نَي ٿون ڪڍي ٻاھر لي آئُون ھون ڪہ ٿونَي خبر پڙَي ڪہ مھنَي اِيئي ۾ ڪو ڀِي ڏوھ نظر ڪونھي آوتو۔“ ‏5 جڏي پرڀُو يسُوع ٻاھر آيو، تو اُوئي رَي ماٿَي تي ڪونٽون رو تاج ھتو ھانَ بيڱڻائي رنگ رو بادشاھي جُبو پيريوڙو ھتو۔ اِيئي تي پِلاطُس مِنکون نَي ڪھيو ڪہ،”جوئو، اَي اوج مِنک ھَي۔“ ‏6 جڏي ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون ھانَ اُوئون رَي فوجيون پرڀُو يسُوع نَي ڏيٺو، تو ھُل ڪري ڪيوَڻ لاگا ڪہ،”اِيئي نَي ݾُولِي تي چاڙھي ماري ڇوڙو، اِيئي نَي ݾُولِي تي چاڙھي ماري ڇوڙو۔“ اِيئي تي پِلاطُس اُوئون نَي ڪھيو ڪہ،”ٿي آپ اِيئي نَي لي جائو ھانَ اِيئي نَي ݾُولِي تي چاڙھو، پڻ ھُون اِيئي ۾ ڪو ڀِي ڏوھ ڪونھي ڏيکتو۔“ ‏7 يھُوديون اُوئي نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ،”مھون ڪڍي شريعت ھَي ھانَ شريعت تي اَي مِنک موت رَي لائق ھَي، ڪيونڪہ اَي آپنَي ايشوَر رو ڏيڪرو ݾمجَھي ھَي۔“ ‏8 جڏي پِلاطُس اَي بات ݾُڻِي، تو او اَڃون ڀِي وڌيڪ ٻيئاجو۔ ‏9 او ڀڙي محل ۾ گيو ھانَ پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ،”تُو ڪيٿ رو ھَي؟“ پڻ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪو ڀِي بݪتِي ڪونھي ڏينِي۔ ‏10 اِيئي تي پِلاطُس اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،”تُو مھنَي بݪتِي ڪيئون ڪونھي ڏيتو؟ ڪِي ٿنَي خبر ڪونھي ڪہ مھَي ڪڍي پُورِي اِختياري ھَي ڪہ ھُون ٿنَي ڇوڙون، جون ݾُولِي تي چاڙھون۔“ ‏11 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ،”جي ٿنَي اَي اِختياري ايشوَر نِي ڏيئون تو، تو ٿارو مھَي تي ڪو ڀِي اِختيار ڪونھي ھتو۔ اِيئي رَي ڪري جڪَي مھنَي ٿارَي حوالي ڪيئو ھَي، او وڌيڪ ڏوھي ھَي۔“ ‏12 اِيئي تي پِلاطُس اُوئي نَي ڇوڙڻ رِي ڪوشش ڪرڻ لاگو، پڻ يھُودي ھُل ڪري اَي ڪيوَڻ لاگا ڪہ،”جي ٿون اِيئي نَي ڦِٽو ڪيئو، تو ٿي مھاراجا قيصر ݾون ݾاچا ڪونھي ھو، ڪيونڪہ جڪو آپرو آپنَي بادشاھ ڪَي ھَي، او مھاراجا رَي خلاف ھَي۔“ ‏13 اَي ݾُڻي پِلاطُس پرڀُو يسُوع نَي ٻاھر لي آيو ھانَ آپ عدالت رِي ڪُرسِي تي ٻيٺو، اِيئي جگھا نَي عبراني ٻولِي ۾ گَبتا ڪيتا۔ (گَبتا رو مطلب ھَي ”پٿرون آݪو فرش۔“) ‏14 اَي فَسح پَرٻ رِي تياري رو ڏِن ھتو ھانَ ٻيپار رو ٽيم ھتو۔ پَڇي اُوئي يھُوديون نَي ڪھيو ڪہ،”جوئو، اَي ھَي ٿونرو بادشاھ۔“ ‏15 پڻ مِنک ھُل ڪري ڪيوَڻ لاگا ڪہ،”اِيئي نَي لي جائو ھانَ ݾُولِي تي چاڙھي ماري ڇوڙو۔“ پِلاطُس اُوئون نَي ڪھيو ڪہ،”ڪِي ھُون ٿونرَي بادشاھ نَي ݾُولِي تي چاڙھي ماري ڇوڙون؟“ اِيئي تي ايشوَر را موٽا پُوجاري ڪيوَڻ لاگا ڪہ،”مھاراجا قيصر ݾون ٽاݪ مھورو ٻيجو ڪو ڀِي بادشاھ ڪونھي۔“ ‏16 اِيئي تي اُوئي پرڀُو يسُوع نَي فوجيون رَي حوالي ڪيئو ڪہ او اُوئي نَي ݾُولِي تي چاڙھي ماري ڇوڙَي۔ پَڇي او اُوئي نَي لي گيا۔
پرڀُو يسُوع نَي ݾُولِي تي چاڙھڻ
‏17 پَڇي پرڀُو يسُوع آپرِي ݾُولِي آپ کڻي شھر ݾون ٻاھر اُوئي جگھا تي گيو، جڪَي نَي عبراني ٻولِي ۾ گُلگُتا ڪيتا، اِيئي رو مطلب ھَي ”کوپڙِي رِي جگھا۔“ ‏18 اوٿ اُوئون پرڀُو يسُوع ڀيڙا ٻيئون ڌاڙيلون نَي ڀِي ݾُوليون تي موت رِي سزا ڏينِي، ھيڪ ڌاڙيل ݾاجَي ھانَ ٻيجو کاٻَي پاݾَي ھتو ھانَ پرڀُو يسُوع اُوئون رَي بِچ ۾ ھتو۔ ‏19 پَڇي پِلاطُس ݾُولِي تي ھيڪ تڪتِي لگرائِي جڪَي تي لِکيوڙو ھتو ڪہ،”يسُوع ناصرِي يھُوديون رو بادشاھ ھَي۔“ ‏20 او تڪتِي تموم گھڻَي يھُوديون پڙھِي، ڪيونڪہ اُوئي تي عبراني لاطيني ھانَ يُوناني ٻولِي ۾ لِکيوڙو ھتو۔ او جگھا جيٿ پرڀُو يسُوع نَي ݾُولِي تي چاڙھيو ھتو، او جگھا يروشلم شھر رَي نيڙِي ھتِي۔ ‏21 اَي جوئي ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون پِلاطُس نَي ڪھيو ڪہ،”ٿي اَي نِي لِکو ڪہ، ’اَي يھُوديون رو بادشاھ ھَي۔‘ پڻ اَي لِکو ڪہ اُوئي ڪھيو ڪہ، ’ھُون يھُوديون رو بادشاھ ھون۔‘“ ‏22 اِيئي تي پِلاطُس ڪھيو ڪہ،”مھَي جڪو لِکرايو، او لِکرايو۔“
‏23 پرڀُو يسُوع نَي ݾُولِي تي چاڙھڻ ݾون پَڇي فوجيون اُوئي رَي گاڀون را چار حِصا ڪري آپت ۾ بِݪايا۔ پَڇي اُوئون اُوئي رو جُبو ڀِي ليئو، جڪو ݾجو رو ݾجو بڻيوڙو ھتو ھانَ اُوئي ۾ ڪو ڀِي جوڙ ڪونھي ھتو۔ ‏24 اِيئي رَي ڪري فوجيون آپت ۾ ڪھيو ڪہ،”آپي اِيئي نَي ڦاڙون نِي، پڻ اِيئي را پُکا گھاتون، پَڇي او جڪَي رو ڀِي نڪرَي۔“ پَڇي فوجيون اِيئوج ڪيئو، اِيئي نمُونَي شاستر رِي او بات پُورِي ھوئِي ڪہ،
”اُوئون مھارا گاڀا آپت ۾ بِݪايا ھانَ مھارَي جُبَي رَي ݾارُو پُکا گھاتيا۔“
‏25 پرڀُو يسُوع رِي ݾُولِي ڪڍي اُوئي رِي ما، اُوئي رِي ماݾِي، ڪلوپاس رِي لُگائِي مريم ھانَ مريم مگدليني اُڀوڙَي ھتَي۔ ‏26 جڏي پرڀُو يسُوع آپرِي ما ھانَ آپرَي پيارَي چيلَي نَي اوٿ اُڀوڙا ڏيٺا، تو اُوئي آپرِي ما نَي ڪھيو ڪہ،”اَما، ھمَي ٿارو ڏيڪرو اَي ھَي۔“ ‏27 پَڇي اُوئي آپرَي چيلَي نَي ڪھيو ڪہ،”ھمَي ٿارِي ما اَي ھَي۔“ پَڇي او چيلو اُوئيج ڏِن پرڀُو يسُوع رِي ما نَي آپرَي گھري لي گيو۔
پرڀُو يسُوع رِي موت
‏28 اِيئي ݾون پَڇي جڏي پرڀُو يسُوع نَي خبر پڙِي ڪہ ھمَي ݾجَي باتون پُورَي ھوئَي رَي، تو اُوئي ڪھيو ڪہ،”ھُون تِرݾيو ھون۔“ اَي اِيئي رَي ڪري ھويو ڪہ شاستر رِي او بات پُورِي ھووَي۔ ‏29 اوٿ انگُورون رَي کٽَي رس ݾون ڀريوڙو ھيڪ ٺون راکيوڙو ھتو۔ پَڇي اُوئون فوم آݪِي ڪار ھيڪ شئي لِي ھانَ اُوئي نَي زُوفا نون رَي بَڻ رَي ڏونگَي تي بيڙھِي ھانَ پَڇي اُوئي نَي کٽَي رس ۾ ٻوڙي پرڀُو يسُوع رَي موڏَي تي راکِي۔ ‏30 جڏي پرڀُو يسُوع او کٽو رس پيئو، تو ڪھيو ڪہ،”پُورو ھويو۔“ اِيئي ݾون پَڇي اُوئي آپرو ڪونڌو نِمائي دم ڏينو۔
‏31 او فَسح پَرٻ رِي تياري رو ڏِن ھتو۔ يھُوديون رِي مرضِي ھتِي ڪہ آوڻ آݪَي ڏِن لاش ݾُوليون تي نِي ھووَي، ڪيونڪہ او خاص پويتر ڏِن ھتو۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون پِلاطُس نَي مِنٿ ڪِي ڪہ اُوئون رَي ٽونگَي ڀونگي لاش اُتارڻ کپَي۔ ‏32 اِيئي تي فوجي آيا ھانَ اُوئون ٻيئون ڌاڙيلون رَي ٽونگَي ڀونگئَي جڪو پرڀُو يسُوع ڀيڙا ݾُوليون تي ھتا۔ ‏33 جڏي او پرڀُو يسُوع ڪڍي آيا ھانَ ڏيٺو ڪہ او مُوئو رو، تو اِيئي رَي ڪري اُوئي رَي ٽونگَي ڪونھي ڀونگئَي۔ ‏34 پَڇي اُوئون ۾ ھيڪَي فوجي اُوئي رِي پاݾڙِي ۾ ڀالو ھڻيو، تو يڪدم اُوئي ݾون پوڻي ھانَ لوئِي بيوَڻ لاگا۔ ‏35 جڪَي مِنک اَي ڏيٺو ھانَ گواھِي ڏينِي ھَي۔ اُوئي رِي گواھِي ݾاچِي ھَي، ڪيونڪہ اُوئي نَي خبر ھَي ڪہ اَي بات ݾاچِي ھَي، اِيئي رَي ڪري ٿي ڀِي وِشواس راکو۔ ‏36 اَي باتون اِيئي رَي ڪري ھوئَي ڪہ شاستر رِي او بات پُورِي ھووَي ڪہ،
”اُوئي رِي ڪو ڀِي ھاڏکِي ڀونگِي ڪونھي جاوَي۔“
‏37 پَڇي شاستر رِي ھيڪ ٻيجِي بات پُورِي ھوئِي ڪہ،
”جڪَي نَي اُوئون ڀالو ھڻيو، اُوئي نَي او ڏيکشَي۔“
پرڀُو يسُوع نَي مُڪوم ۾ راکڻ
‏38 پَڇي ارمتيا شھر رو ھيڪ مِنک پِلاطُس ڪڍي آيو جڪَي رو نون يُوسف ھتو۔ او پرڀُو يسُوع رو چيلو ھتو، پڻ يھُوديون رَي ٻِي رَي ڪري آپرو آپنَي ڪڏي ڀِي ظاھر ڪونھي ڪرتو۔ اُوئي پِلاطُس ݾون پرڀُو يسُوع رو لاش مونگيو، تو اُوئي لاش لي جاوڻ رِي موڪل ڏينِي۔ پَڇي او آيو ھانَ لاش لي گيو۔ ‏39 يُوسف ڀيڙو نيڪوديمس ڀِي ھتو، جڪو اَگي رات رو پرڀُو يسُوع ڪڍي گيو ھتو۔ او اندازن ھيڪ مَڻ مُر ھانَ ݾُرا مسالا لي آيو۔ ‏40 اُوئون پرڀُو يسُوع رو لاش ليئو ھانَ يھُودي ريت تي ݾُوتِي گاڀَي ۾ ݾُرَي شيون ݾون اُوئي نَي کوڦڻ ڏينو۔ ‏41 جڪِي جگھا تي پرڀُو يسُوع نَي ݾُولِي تي چاڙھيو ھتو، اوٿ ھيڪ باگ ھتو۔ اُوئي باگ ۾ ھيڪ نُوئو مُڪوم ھتو، جڪو جبل ۾ کوتريوڙِي ھيڪ چُر ھتِي۔ اُوئي ۾ پيل ڪڏي ڀِي ڪينَي راکيو ڪونھي ھتو۔ ‏42 او مُڪوم نيڙو ھتو ھانَ يھُوديون رَي پَرٻ رو تياري رو ڏِن آوڻ آݪو ھتو، اِيئي رَي ڪري اُوئون پرڀُو يسُوع نَي اوٿج ٻُوريو۔