پرڀُو يسُوع رو جِي اُٺڻ
28
پويتر ڏِن ݾون پَڇي، آچر رَي ڏِن، ݾاڪݪي تارھي مريم مگدليني ھانَ ٻيجِي مريم مُڪوم جوئڻ گئَي۔ 2 تو اوچتو زلزلو آيو، ڪيونڪہ پرميشوَر رو ھيڪ فريشتو آڪاش ݾون اُتريو ھانَ آئي مُڪوم رَي موڏَي تي راکيوڙَي پٿر نَي ھٽائي آپ اُوئي تي ٻيݾي رھيو۔ 3 او فريشتو آڪاشِي بجلي آݪِي ڪار چمڪتو پڙيو ھانَ اُوئي را گاڀا آڇا ڏُوڌ جھڙا ھتا۔ 4 پھريدار ٻِي ۾ ڏڪڻ لاگا ھانَ او مُوئوڙون آݪِي ڪار ھيٺا کِريا۔ 5 اُوئي فريشتَي لُگايون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي نِي ٻيئاجو۔ مھنَي خبر ھَي ڪہ ٿي پرڀُو يسُوع نَي جوئو ھو، جڪَي نَي ݾُولِي تي چاڙھيو ھتو۔ 6 او ايٿ ڪونھي ھَي، پڻ جون اُوئي ڪھيو ھتو، او جيتو ھويو رو۔ آئو، او جگھا ٿي آپ جوئو، جيٿ اُوئي رو لاش راکيوڙو ھتو۔ 7 ھمَي ڇيڪَي جائو ھانَ جائي اُوئي رَي چيلون نَي ݾُڻائو ڪہ، ’او مُوئوڙون ݾون جيتو ھويو ھَي ھانَ ٿون ݾون پيل گليل صُوبَي ڏيݾا جاوَي پڙيو۔ ٿي اوٿ اُوئي نَي ڏيکشو۔‘ مھَي ٿونَي ݾجِي بات ݾُڻائِي رِي، اَي نِي پونتريا۔“ 8 او لُگائَي پيل تو ٻيئاجَي، پڻ پَڇي تموم گھڻَي خُوش ھوئَي۔ پَڇي او اوٿ ݾون ڇيڪَي نڪرئَي ھانَ پرڀُو يسُوع رَي چيلون نَي ݾُڻاوڻ رَي ݾارُو ناݾتَي گئَي۔ 9 اوچتو مارگ ۾ پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڀيڙو ھويو ھانَ ڪھيو ڪہ، ”نمسڪار۔“ اِيئي تي او لُگائَي اُوئي ڪڍي آئَي ھانَ اُوئي رَي پگون ۾ کِري اُوئي آگھي آپرا شيش نِمايا۔ 10 پرڀُو يسُوع اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٻيئاجو نِي، پڻ جائي مھارَي چيلون نَي ڪو ڪہ او گليل صُوبَي ڏيݾا جاوَي ھانَ او مھنَي اوٿ ڏيکشَي۔“پھريدارون رو يھُودي اَگووڻون نَي ݾُڻاوڻ
11 جڏي او لُگائَي پاڇَي جاوتَي پڙئَي، تو مُڪوم تي پھرو ڏيوَڻ آݪون ۾ ڪئينڪہ مِنک شھر ڏيݾا گيا ھانَ ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون نَي ݾجِي بات ݾُڻائِي۔ 12 اِيئي تي ايشوَر رَي موٽَي پُوجاريون ھانَ يھُودي اَگووڻون ملِي آپت ۾ صلاح ڪِي۔ پَڇي اُوئون پھريدارون نَي تموم گھڻِي رشوَت ڏينِي 13 ھانَ اُوئون نَي ݾيکايا ڪہ او مِنکون نَي اِيئون ڪَي ڪہ، ”جڏي مھي رات رو اُونگ ۾ ھتا، تو يسُوع را چيلا آيا ھانَ اُوئي رو لاش چورِي ڪري لي گيا۔“ 14 اُوئون پھريدارون نَي دِلجا ڏي ڪھيو ڪہ، ”جي اَي بات گوَرنر توڻي پُگِي، تو مھي ھاڦي اُوئي نَي ݾمجھاشون۔“ 15 پَڇي پھريدارون رشوَت لي اِيئوج ڪيئو جون اُوئون نَي ݾيکايوڙو ھتو۔ اَي بات اُوئي ڏِن ݾون لي آج توڻي يھُودي قوم ۾ مشھُور ھَي۔
پرڀُو يسُوع رو خاص حُڪم
16 پَڇي اِگيارَي خاص چيلا گليل صُوبَي رَي اُوئي جبل تي گيا، جڪَي رَي بارَي ۾ پرڀُو يسُوع پيل اُوئون نَي ݾُڻايو ھتو۔ 17 جڏي اُوئون پرڀُو يسُوع نَي اوٿ ڏيٺو، تو اُوئي آگھي آپرا شيش نِمايا، پڻ اُوئون ۾ ڪئين اھڙا ڀِي ھتا، جڪون نَي اَڃون توڻي شَڪ ھتو۔ 18 پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئون ڪڍي آئي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”آڪاش ھانَ ڌرتي رِي ݾجِي اِختياري مھارَي ھاٿ ۾ ھَي۔ 19 اِيئي رَي ڪري ٿي جائو ھانَ ݾجَي قومون نَي مھارا چيلا ٺائو، اُوئون نَي پِتا پُتر ھانَ پويتر آتما رَي نون ݾون پويتر سِنون ڏيئو 20 ھانَ اُوئون نَي ݾيکائو ڪہ اُوئي ݾجَي باتون تي بيتا رَي، جڪَي رو مھَي ٿونَي حُڪم ڏينو ھَي۔ ياد راکو، ھُون جگت رِي پڇاڙِي توڻي ھميشا ٿون ڀيڙو ھون۔“