پرڀُو يسُوع رو آپرَي چيلون را پگ ڌوئڻ
13
فَسح رو پَرٻ شرُوع ھوئڻ آݪو ھتو ھانَ پرڀُو يسُوع نَي خبر پڙِي ڪہ، ”ھمَي او ٽيم آيو رو، جڪَي ۾ ھُون اَي جگت ڇوڙي آپرَي پِتا ڏيݾا پاڇو جائين۔“ پرڀُو يسُوع آپرَي مِنکون ݾون جڪو جگت ۾ ھتا، اُوئون ݾون جِترو پريم او پيل ڪرتو ݾاگي پريم آخر توڻي ڪرتو رھيو۔ 2 جڏي پرڀُو يسُوع آپرَي چيلون ڀيڙو شام رِي ٻاٽِي کاوڻ ٻيٺو ھتو، تو شيطون، شمعُون رَي ڏيڪرَي يھُودا اِسڪريُوتِي رَي من ۾ اَي بات گھاتِي ڪہ او پرڀُو يسُوع نَي جھلاوَي۔ 3 پرڀُو يسُوع نَي خبر ھتِي ڪہ ايشوَر ݾجو ڪئين مھارَي ھاٿ ۾ ڏينو ھَي ھانَ ھُون ايشوَر رَي طرفون آيوڙو ھون ھانَ پاڇو اُوئي ڪڍي جائُون پڙيو۔ 4 پَڇي پرڀُو يسُوع ٻاٽِي کاوتو اُٺيو ھانَ آپرو جُبو اُتاريو، ٽوال آپرَي ڪݪيون ݾون ٻونڌيو۔ 5 اِيئي ݾون پَڇي ٺون ۾ پوڻي لي آپرَي چيلون را پگ ڌوئڻ لاگو ھانَ ڪݪيون ݾون ٻاڌوڙَي ٽوال ݾون اُوئون را پگ آڇا ڪرڻ لاگو۔ 6 جڏي او شمعُون پطرس ڪڍي آيو، تو پطرس ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، ھُون ٿونَي آپرا پگ ڌوئڻ ڪونھي ڏيئون۔“ 7 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”ھڻون ٿنَي ݾمجھ ڪونھي آوتِي ڪہ ھُون ڪِي ڪرون پڙيو، پڻ پَڇي ٿنَي اِيئي رِي ݾمجھ آشَي رِي۔“ 8 پطرس اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ھُون ٿنَي آپرا پگ ڪڏي ڀِي ڌوئڻ ڪونھي ڏيئون۔“ پرڀُو يسُوع اُوئي نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جي ھُون ٿارا پگ نِي ڌوئَون، تو ٿارو مھَي ݾون ڪو ڀِي واسطو ڪونھي۔“ 9 اِيئي تي شمعُون پطرس ڪھيو ڪہ، ”اي پرڀُو، تو پَڇي نِي رُگو مھارا پگ ڌوئو، پڻ مھارا ھاٿ ھانَ ماٿو ڀِي ڌوئو۔“ 10 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”جڪو جھيليوڙو ھَي اُوئي نَي رُگو پگ ڌوئڻ رِي ضرُورت ھَي، ڪيونڪہ او آڇو اُوجݪو ھووَي ھَي۔ ٿي آڇا اُوجݪا ھو، پڻ ݾجائِي نا۔“ 11 پرڀُو يسُوع نَي پيل ݾون خبر ھتِي ڪہ ڪيو اُوئي نَي جھلاشَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿي آڇا اُوجݪا ھو، پڻ ݾجائِي نا۔“ 12 جڏي پرڀُو يسُوع چيلون را پگ ڌوئي ھئو ڪيئو، تو آپرو جُبو پيري ٻيݾي رھيو ھانَ اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ٿي ݾمجھا را ڪہ مھَي ٿون ݾون ڪِي ڪيئو ھَي؟ 13 ٿي مھنَي گُرو ھانَ پرڀُو ڪو ھو، اَي صحيح ھَي، ڪيونڪہ ھُون ھون۔ 14 ھُون گُرو ھانَ پرڀُو ھون، تو ڀِي مھَي ٿونرا پگ ڌويا ھَي، تو پَڇي ٿون تي ڀِي فرض ھَي ڪہ ٿي ڀِي ھيڪَي ٻيجَي را پگ ڌويا ڪرو۔ 15 مھَي ٿونَي اَي نمُونو ڏينو ھَي ڪہ جون مھَي ٿونرِي شيوا ڪِي ھَي، ٿي ڀِي اِيئوج ڪرو۔ 16 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ غُلوم آپرَي مالڪ ݾون موٽو ڪونھي ھانَ نَڪو ميليوڙو آپرَي ميلڻ آݪَي ݾون۔ 17 ھمَي ٿي اَي باتون ݾمجھا را، جي ٿي اِيئون باتون تي بيتا ريشو، تو ٿي ڌن ھو۔ 18 ھُون ٿون ݾجون رِي بات ڪونھي ڪرتو، ڪيونڪہ جڪون نَي مھَي چُونڊيا ھَي اُوئون نَي ھُون اوݪکون ھون، پڻ ضرُوري ھَي ڪہ پرميشوَر رَي شاستر رِي او بات پُورَي ھووَي ڪہ،’جڪو مھَي ڀيڙو ٻاٽِي کاوَي پڙيو
اوج مھارَي خلاف ھويو۔‘
19 اِيئون ھوئڻ ݾون پيل ھُون ٿونَي ݾُڻائُون ھون ڪہ جڏي اَي ھوئي جاوَي، تو ٿي وِشواس راکيا ڪہ ھُون اوج ھون۔ 20 ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ جڪو مھارَي ميليوڙَي نَي قبُول ڪرَي ھَي، تو او مھنَي قبُول ڪرَي ھَي ھانَ جڪو مھنَي قبُول ڪرَي ھَي، تو او مھارَي ميلڻ آݪَي نَي قبُول ڪرَي ھَي۔“
پرڀُو يسُوع رِي آپرَي جَھليجڻ رَي بارَي ۾ اگڪٿِي
21 اَي ڪيوَڻ ݾون پَڇي پرڀُو يسُوع آپرَي من ۾ گھٻرايو ھانَ اُوئي چِٽو ݾُڻايو ڪہ، ”ھُون ٿونَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ ٿون ۾ ھيڪ جِڻو مھنَي جھلاشَي۔“ 22 اِيئي تي چيلا حيرون ھوئي ھيڪَي ٻيجَي ڏيݾا جوئڻ لاگا، ڪيونڪہ اُوئون نَي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ او ڪيرَي بارَي ۾ ڪَي پڙيو۔ 23 چيلون ۾ ھيڪ چيلو جڪَي ݾون پرڀُو يسُوع تموم گھڻو پريم ڪرتو، او پرڀُو يسُوع رَي ݾَڦا نيڙو ٻيݾي ٻاٽِي کاوتو پڙيو۔ 24 پَڇي شمعُون پطرس اُوئي نَي اِشارو ڪري پُوڇو ڪہ، ”تُو پُوڇ، او ڪيرَي بارَي ۾ ڪَي پڙيو؟“ 25 اِيئي تي اُوئي چيلَي پرڀُو يسُوع رَي ڪونَ ۾ پُوڇو ڪہ، ”اي پرڀُو، او ڪُڻ ھَي؟“ 26 پرڀُو يسُوع بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جڪَي نَي ھُون ٻاٽِي رو گِرھا ٻوڙي ڏئين، اوج ھَي۔“ پَڇي پرڀُو يسُوع ٻاٽِي رو گِرھا ٻوڙي شمعُون اِسڪريُوتِي رَي ڏيڪرَي يھُودا نَي ڏينو۔ 27 جڏي يھُودا ٻاٽِي رو گِرھا کاڌو، تو شيطون رو اِختيار اُوئي ۾ آئي گيو۔ پَڇي پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿنَي جڪو ڪئين ڪرڻو ھَي، او ڇيڪو ڪر۔“ 28 پڻ ٻيجا ݾجائِي جڪو ٻاٽِي کاوتا پڙيا، اُوئون ۾ ڪينَي ڀِي خبر ڪونھي پڙِي ڪہ پرڀُو يسُوع يھُودا نَي اِيئون ڪيئون ڪھيو ھَي۔ 29 اُوئون ۾ ڪئين اَي ݾوچتا پڙيا ڪہ پرڀُو يسُوع يھُودا نَي ڪَي پڙيو ڪہ او پَرٻ رَي ݾارُو ضرُوري سيمون مول لَي رو جون غريبون نَي ڪئينڪہ ڏَي، ڪيونڪہ رُپيون رِي ٿيلِي اُوئي ڪڍي ريتِي۔ 30 يھُودا او گِرھا کائي يڪدم ٻاھر گيو ھانَ او رات رو ٽيم ھتو۔
پرڀُو يسُوع رو نُوئو حُڪم
31 جڏي يھُودا اوٿ ݾون بُوئو گيو، تو پرڀُو يسُوع ڪھيو ڪہ، ”ھمَي ٿي مھَي مُنش پُتر ھانَ ايشوَر رِي مھما ڏيکشو، 32 ڪيونڪہ ايشوَر رِي مھما مھَي مُنش پُتر رَي ڪري ظاھر ھوشَي، اِيئي رَي ڪري ايشوَر ڀِي مھارِي مھما بتاشَي، او ڇيڪو اِيئون ڪرشَي۔ 33 اي عزيزون، ھُون ٿوڙِي دير ٿون ڀيڙو ھون۔ جون مھَي يھُودي قوم نَي اِيئون ڪھيو ھتو، او ھُون ٿونَي ڀِي ڪونھ ھون ڪہ ٿي مھنَي جوتا ريشو، پڻ جيٿ ھُون جائُون پڙيو، اوٿ ٿي آئي ڪونھي ݾگھتا۔ 34 ھُون ٿونَي ھيڪ نُوئو حُڪم ڏيئون ھون ڪہ ٿي ھيڪَي ٻيجَي ݾون پريم ڪرو۔ جون مھَي ٿون ݾون پريم ڪيئو، اِيئوج ٿي ڀِي ھيڪَي ٻيجَي ݾون پريم ڪرو۔ 35 جي ٿي ھيڪَي ٻيجَي ݾون پريم ڪرشو، تو اِيئي ݾون ݾجون نَي خبر پڙشَي ڪہ ٿي مھارا چيلا ھو۔“
پطرس رَي اِنڪار رَي بارَي ۾ اگڪٿِي
36 اِيئي تي شمعُون پطرس پرڀُو يسُوع ݾون پُوڇو ڪہ، ”اي پرڀُو، ٿي ڪيٿ جاشو؟“ تو پرڀُو يسُوع بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”جيٿ ھُون جائُون پڙيو، تُو اوٿ مھَي ڀيڙو آئي ڪونھي ݾگھتو، پڻ پَڇي تُو آئِي۔“ 37 پطرس اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ، ”اي پرڀُو، ھڻون ھُون ٿون لاري ڪيئون ڪونھي آئي ݾگھتو؟ ھُون تو ٿونرَي ݾارُو آپرِي جان ڏيوَڻ رَي ݾارُو ڀِي تيار ھون۔“ 38 پرڀُو يسُوع اُوئي نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي تُو ݾاچيلي مھارَي ݾارُو آپرِي جان ڏيوَڻ رَي ݾارُو تيار ھَي؟ ھُون ٿنَي ݾاچِي ڪونھ ھون ڪہ آج ڪُوڪڙَي رِي ٻونگ ڏيوَڻ ݾون پيل تُو تين گُھمرا مھارو اِنڪار ڪري ڪئِي ڪہ، تُو مھنَي ڪونھي اوݪکتو۔“