22
پولُوس اُوئون نَي اِيئون ڪھيو ڪہ، ”اي مھارَي ڀايون ھانَ قوم رَي اَگووڻون، مھارِي بات ڌھيون ڏي ݾُڻو، ھُون آپرَي بچا ۾ ڪئين ڪونھ ھون۔“ 2 جڏي اُوئون پولُوس نَي عبراني ٻولِي ۾ ٻولتو ݾُڻيو، تو ݾَڦا ماٺ ھويا۔ پَڇي پولُوس ڪھيو ڪہ، 3 ”ھُون يھُودي ھون ھانَ ڪِلڪيا صُوبَي رَي شھر ترسُس ۾ مھارو جنم ھويو ھانَ ايٿ يروشلم شھر ۾ آپرَي گُرو گملي ايل ݾون مھَي شريعت رِي ھر ھيڪ بات ݾيکِي۔ ھُون ايشوَر رِي شيوا رو ڪوم اھڙَي جوش ݾون ڪرتو، جون ٿي آج ايٿ ڪرو ھو۔ 4 ھُون تو پرڀُو يسُوع رَي بتايوڙَي ݾاچَي مارگ تي بيوَڻ آݪون نَي، نِي رُگو تنگ ڪرتو، پڻ اُوئون نَي مرائي ڀِي ڇوڙتو۔ بيشڪ او آڏمي ھوتا جون لُگائَي، ھُون اُوئون نَي ٻونڌي جيل ۾ گھاتتو۔ 5 ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ھانَ ݾجائِي اَگووڻ مھارِي اِيئي بات را گواھ ھَي، ڪيونڪہ ھُون اُوئون ݾون دمشق شھر رَي يھُوديون رَي نون خط لِکائي لي جاوتو پڙيو ڪہ جِترا ڀِي وِشواسي اوٿ ھووَي، اُوئون نَي ٻونڌي يروشلم شھر ۾ سزا ڏيراوڻ رَي ݾارُو لي آئُون۔“پولُوس رو وِشواس
6 پَڇي پولُوس ڪھيو ڪہ،”جڏي ھُون بيتو بيتو دمشق شھر رَي نيڙو پُگو، تو ٻيپار رَي ٽيم اوچتو آڪاش ݾون مھارَي چوڌاري تيز اُجاݪو چمڪيو۔ 7 ھُون ڌرتي تي کِريو ھانَ ھيڪ آواز ݾُڻيو، جڪَي مھنَي ڪھيو ڪہ، ’اي سائُول، اي سائُول، تُو مھنَي ڪيئون تنگ ڪرَي ھَي؟‘ 8 مھَي پُوڇو ڪہ، ’اي پرڀُو، تُو ڪُڻ ھَي؟‘ اُوئي ڪھيو ڪہ، ’ھُون يسُوع ناصرِي ھون جڪَي نَي تُو تنگ ڪرَي ھَي۔‘ 9 جڪو مِنک مھَي ڀيڙا ھتا، اُوئون اُجاݪو تو ڏيٺو، پڻ اُوئون مھَي ݾون ٻولڻ آݪَي رو آواز ڪونھي ݾُڻيو۔ 10 اِيئي تي مھَي پُوڇو ڪہ، ’اي پرڀُو، ھمَي مھنَي ڪِي ڪرڻو ھَي؟‘ پرڀُو مھنَي ڪھيو ڪہ، ’اُٺِي، دمشق شھر ڏيݾا جا۔ اوٿ ٿنَي ݾجو ڪئين ݾُڻايو جاشَي، جڪو ٿنَي ڪرڻو ھَي۔‘ 11 ھُون اُوئي تيز اُجاݪَي رَي ڪري اونڌو ھوئي گيو۔ اِيئي رَي ڪري مھارا ساٿِي مھارا ھاٿ جھالي مھنَي دمشق شھر ڏيݾا لي گيا۔ 12 اوٿ حننيا نون رو ھيڪ نيڪ مِنک ھتو، جڪو شريعت تي بيتو ھانَ دمشق شھر رَي ݾجَي يھُوديون ۾ تموم گھڻِي عِزت آݪو ھتو۔ 13 او مھَي ڪڍي آيو ھانَ نيڙو اُڀي ڪھيو ڪہ، ’ڀائي سائُول، ڀڙي جو۔‘ اُوئيج ٽيم مھارَي اونکَي ݾاجَي ھوئَي ھانَ مھَي اُوئي نَي ڏيٺو۔ 14 تو حننيا ڪھيو ڪہ، ’مھورَي ٻاپ ڏاڏون رَي ايشوَر ٿنَي اِيئي رَي ڪري چُونڊيو ھَي ڪہ تُو اُوئي رِي مرضِي نَي اوݪکَي ھانَ اُوئي رَي نيڪ ٻونھَي پرڀُو يسُوع نَي جووَي ھانَ اُوئي رو ھيلو ݾُڻَي۔ 15 تُو اُوئي رِي گواھِي ڏئِي ھانَ ݾجون نَي ݾُڻائِي ڪہ ٿَي ڪِي ڏيٺو ھانَ ڪِي ݾُڻيو ھَي۔ 16 اِيئي رَي ڪري ھمَي دير نِي ڪر۔ اُٺِي ھانَ پويتر سِنون لَي ھانَ پرڀُو يسُوع رَي نون ݾون پراٿنا ڪر، تو ٿارا پاپ معاف ھوئي جاوَي۔‘
17 پَڇي ھُون پاڇو يروشلم شھر ۾ آيو ھانَ جڏي ھُون ايشوَر رَي گھر ۾ پراٿنا ڪرتو پڙيو، تو مھنَي ݾپنو لاڌو 18 ھانَ پرڀُو يسُوع مھنَي درشن ڏي ڪھيو ڪہ، ’ڇيڪائِي ڪر، يروشلم شھر ݾون نڪري جا، ڪيونڪہ مھارَي بارَي ۾ جڪو ڪئين تُو مِنکون نَي ڪئِي، او ڪونھي منَي۔‘ 19 مھَي ڪھيو ڪہ، ’پرڀُو، اُوئون ݾجون نَي خبر ھَي جڪو ٿنَي منَي ھَي، ھُون اُوئون نَي جيٿ ڪيٿ ڀگتي گھرون ݾون جھالي جيل ڏيراوتو ھانَ مار ڏيراوتو۔ 20 جڏي ٿارِي گواھِي ڏيوَڻ آݪو اِستيفِنس ماريجو، تو ھُون ڀِي اوٿ ھتو، پڻ اُوئي نَي مارڻ تي ھُون خُوش ھتو ھانَ ھُون اُوئي رَي گاڀون رو رُکاݪو ھتو، جڪون اُوئي نَي ماريو ھتو۔‘ 21 پَڇي پرڀُو مھنَي ڪھيو ڪہ، ’جا، ڪيونڪہ ھُون ٿنَي ٻيجَي قومون ڪڍي اݪگو اݪگو ميلين۔‘“ 22 اترِي دير توڻي مِنک پولُوس رَي باتون ݾُڻتا رھيا ھانَ پَڇي زور ݾون ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اِيئي نَي ماري ڇوڙو، ڪيونڪہ اھڙو مِنک جيتو نِي ريوَڻ کپَي۔“ 23 جڏي او رڙَي ڪري آپرا گاڀا اُڇلاوڻ ھانَ مٽِي اُڏاوڻ لاگا، 24 تو فوج رَي موٽَي آفيسر آپرَي فوجيون نَي حُڪم ڏينو ڪہ، ”پولُوس نَي ڪوٽ ۾ لي جائو ھانَ چاٻڪ ھڻي اِيئي ݾون پُوڇو ڪہ مِنک ڪيئون اِيئي رَي خلاف ھُل ھنگومو ڪرَي پڙيا۔“ 25 فوجيون اُوئي نَي چاٻڪ ھڻڻ رَي ݾارُو ٻونڌيو، تو پولُوس اوٿ اُڀوڙَي آفيسر نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ٿي قانُون تي، بِنا ڏوھ ثابت ڪرڻ بِنا، ھيڪَي رُومي شھري نَي چاٻڪ ھڻي ݾگھو ھو؟“ 26 جڏي اُوئي آفيسر اَي ݾُڻيو، تو اُوئي موٽَي آفيسر ڪڍي جائي ڪھيو ڪہ، ”ٿي اَي ڪِي ڪرو پڙيا؟ او تو رُومي شھري ھَي۔“ 27 موٽَي آفيسر پولُوس ڪڍي جائي پُوڇو ڪہ، ”مھنَي ݾُڻا، ڪِي تُو رُوم مُلڪ رو شھري ھَي؟“ پولُوس ڪھيو ڪہ، ”ھاوي۔“ 28 موٽَي آفيسر ڪھيو ڪہ، ”مھَي تموم گھڻا رُپيا ڏي، رُومي شھري ھوئڻ رو حق ليئو ھَي۔“ پڻ پولُوس ڪھيو ڪہ، ”ھُون تو جنم ݾون رُومي شھري ھون۔“ 29 اَي ݾُڻي پُوڇا گاڇا ڪرڻ آݪا فوجي ڇيڪائِي ڪري پولُوس ݾون اݪگا ھويا۔ جڏي فوج رَي موٽَي آفيسر نَي خبر پڙِي ڪہ اَي رُومي شھري ھَي، تو او ڀِي ٻيئاجو، ڪيونڪہ اُوئي پولُوس نَي ٻونڌايو ھتو۔
پولُوس ڌرمي پنچائيت آگھي
30 فوج رَي موٽَي آفيسر رِي مرضِي ھتِي ڪہ او ݾُٺَي نمُونَي خبرچار لَي ڪہ يھُودي، پولُوس تي ڪھڙو الزوم لگاوَي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي ٻيجَي ڏِن پولُوس رَي ݾونڪڙون کولائَي ھانَ حُڪم ڏينو ڪہ ايشوَر را موٽا پُوجاري ھانَ ݾجائِي ڌرمي پنچائيت آݪا ڀيڙا ھووَي۔ پَڇي اُوئي پولُوس نَي لائي اُوئون آگھي اُڀاڙيو۔