پولُوس رو يروشلم شھر ڏيݾا جاوڻ
21
جڏي مھي اُوئون ݾون موڪلائي ٻيڙَي ۾ چڙھي بَئير ھويا، تو مھي ݾِڌا ڪوس ٻيٽ تي گيا۔ ٻيجَي ڏِن رُدُس ٻيٽ تي پُگا ھانَ اوٿ ݾون پُترا شھر ڏيݾا گيا۔ ‏2 اوٿ مھونَي ھيڪ ٻيڙو مِليو، جڪو فنيڪي علائقَي ڏيݾا جاوتو پڙيو۔ مھي ڀِي اُوئي ۾ چڙھيا۔ ‏3 پَڇي جاوتي بِݪا مھونَي کاٻَي پاݾَي ڪُپرس ٻيٽ ڏيکيجڻ ۾ آيو۔ پَڇي سُوريا صُوبَي ݾون ھوئي صُور شھر ۾ پُگا ھانَ مھي ھيٺا اُتريا، ڪيونڪہ ٻيڙَي آݪون نَي سيمون اُتارڻو ھتو۔ ‏4 اوٿ مھون چيلون نَي جوئي ھاٿ ڪيئا، جڏي او ڀيڙا ھويا، تو مھي ھيڪ ھفتو اُوئون ڪڍي رھيا۔ اُوئون پويتر آتما رَي ڪيوَڻ ݾون پولُوس نَي ݾمجھايو ڪہ او يروشلم ۾ نِي جاوَي۔ ‏5 جڏي ھفتو پُورو ھويو، تو مھي سفر تي جاوڻ رَي ݾارُو ݾنڀريا ھانَ ݾجائِي مِنک آپرَي لُگايون ھانَ ٻاݪون ݾُوڌا مھونَي شھر ݾون ٻاھر ݾمُوندر رَي ڪپ تي ڇوڙڻ آيا۔ اوٿ پُگي مھون آپرا گوڏا کوڙي پراٿنا ڪِي۔ ‏6 پَڇي اُوئون ݾون موڪلائي مھي ٻيڙَي ۾ چڙھيا ھانَ او آپرَي آپرَي گھري گيا۔
پولُوس رِي يعقُوب ݾون مُلاقات
‏7 پَڇي مھي صُور شھر ݾون ٻيڙَي ۾ چڙھي بَئير ھويا ھانَ جائي پتلميس شھر ۾ اُتريا۔ اوٿ مھي وِشواسيون ݾون مِليا ھانَ ھيڪ ڏِن اُوئون ڀيڙا رھيا۔ ‏8 ٻيجَي ڏِن مھي اوٿ ݾون بَئير ھوئي قيصريا شھر ۾ پُگا ھانَ اوٿ مھي فِلپس رَي گھري رھيا، جڪو پرڀُو يسُوع رِي خُوشِي رِي خبر ݾُڻاوتو ھانَ او اُوئون ݾاتون مِنکون ۾ ھتو، جڪَي نَي يروشلم شھر ۾ اِمدادي بِݪاوڻ رَي ݾارُو چُونڊيو ھتو۔ ‏9 اُوئي رَي چار ڪنوارَي ڏيڪرَي ايشوَر رو نياپو ڏيتَي۔ ‏10 مھي ڪئينڪہ ڏِن اوٿ رھيا۔ اُوئون ڏِنون ۾ يھُوديا علائقَي ݾون اگبُس نون رو ھيڪ وِشواسي آيو، جڪو اگڪٿَي ڪرتو۔ ‏11 او مھون ڪڍي آيو ھانَ پولُوس رو ڪݪيون آݪو گاڀو لي آپرا ھاٿ پگ ٻونڌي ڪيوَڻ لاگو ڪہ، ”پويتر آتما اِيئون ڪَي پڙيو ڪہ جڪَي مِنک رو اَي گاڀو ھَي، يھُودي اُوئي نَي يروشلم شھر ۾ اِيئون ٻونڌشَي ھانَ ٻيجِي قوم رَي حوالي ڪرشَي۔“ ‏12 جڏي مھون اَي بات ݾُڻِي، تو مھون ھانَ اوٿ رَي مِنکون پولُوس نَي مِنٿ ڪري ڪھيو ڪہ او يروشلم شھر ڏيݾا نِي جاوَي۔ ‏13 تو پولُوس ڪھيو ڪہ، ”ٿي اَي ڪِي ڪو ھو؟ ڪيئون روئي روئي مھارو من ڏُکائو ھو؟ ھُون يروشلم شھر ۾ پرڀُو يسُوع رَي ݾارُو ٻڌيجڻ تو ٺھيو، پڻ مرڻ رَي ݾارُو ڀِي تيار ھون۔“ ‏14 جڏي اُوئي مھورِي بات ڪونھي منِي، تو مھي اَي ڪئي ماٺ ھويا ڪہ، ”پرميشوَر رِي مرضِي پُورِي ھووَي۔“ ‏15 اِيئي ݾون پَڇي مھي ݾنڀري يروشلم ڏيݾا گيا۔ ‏16 قيصريا شھر ݾون ڀِي ڪئين چيلا مھون ڀيڙا بُوئا۔ او مھونَي مَناسون نون رَي مِنک رَي گھري لي گيا، جڪَي ڪڍي مھونَي ريوَڻو ھتو۔ او ڪُپرس ٻيٽ رو ريوَڻ آݪو ھتو ھانَ او پرڀُو يسُوع رو پِروڻو چيلو ھتو۔ ‏17 جڏي مھي يروشلم شھر ۾ پُگا، تو اوٿ را وِشواسي تموم گھڻِي خُوشِي ݾون مھون ݾون مِليا۔ ‏18 پَڇي ٻيجَي ڏِن مھي پولُوس ڀيڙا يعقُوب ݾون مِلڻ گيا۔ اوٿ وِشواسي مَنڊلِي را ٻيجا اَگووڻ ڀِي ھتا۔ ‏19 اُوئون ݾون مِلڻ ݾون پَڇي پولُوس اُوئون نَي اُوئي ݾجَي ڪوم رَي بارَي ۾ ݾُڻايو، جڪو ايشوَر ٻيجَي قومون ۾ اُوئي رَي ھاٿون ڪرايا ھتا۔ ‏20 اَي ݾُڻي اُوئون ايشوَر رِي بکوڻ ڪِي ھانَ پولُوس نَي ڪھيو ڪہ، ”ڀائي، ٿنَي تو اَي خبر ھَي ڪہ يھُوديون ۾ ھزاري مِنکون پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو ھَي ھانَ او ݾجائِي شريعت تي بَي ھَي۔ ‏21 اُوئون ٿونرَي بارَي ۾ اَي ݾُڻيو ھَي ڪہ ٿي ٻيجَي قومون ۾ ريوَڻ آݪون يھُوديون نَي اَي ݾيکائو ھو ڪہ مُوسيٰ رَي ݾيکايوڙَي باتون ڦٽَي ڪرو ھانَ آپرَي ٻاݪون رو کَتنو نِي ڪرائو ھانَ يھُوديون رَي ريتون تي نِي بو۔ ‏22 ھمَي مھي ڪِي ڪرون؟ ڪيونڪہ ضرُور اُوئون نَي خبر پڙِي ھوشَي ڪہ ٿي ايٿ آيا ھو۔ ‏23 اِيئي رَي ڪري جون مھي ٿنَي ڪونھ اِيئوج ڪر۔ مھون ۾ چار اھڙا مِنک ھَي، جڪون رِي باݾ باݾيوڙِي ھَي۔ ‏24 ھمَي ٿي اُوئون ڀيڙا پويتر ھوئڻ رِي ريت ۾ جائو ھانَ آپنَي پويتر ڪرو ھانَ اُوئون رو خرچ ڀِي ڀرو۔ جڏي اُوئون چارون را ماٿا ڪتريا جاشَي، تو ݾجون نَي خبر پڙشَي ڪہ ٿونرَي بارَي ۾ جڪو باتون اُوئون ݾُڻئَي ھَي، او ݾجَي ڪُوڙَي ھَي، پڻ ٿي آپ شريعت تي بو ھو۔ ‏25 پڻ جترِي توڻي اُوئي ٻيجِي قوم رِي بات ھَي، جڪون پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيو ھَي، اُوئون رَي بارَي ۾ مھون فيصلو ڪري لِکيو ھَي ڪہ او مُورتيون تي چاڙھيوڙَي شيون نِي کاوَي ھانَ نِي لوئِي پيئَي جون کاوَي ھانَ نِي اھڙا جِنار کاوَي، جڪون نَي گُھٽا ڏينوڙا ھووَي ھانَ نِي زنا ڪرَي۔“
‏26 اِيئي تي پولُوس اُوئون چارون مِنکون ڀيڙو گيو ھانَ پَڇي ٻيجَي ڏِن اُوئون ڀيڙو پويتر ھوئڻ رِي ريت ڪِي۔ پَڇي او ايشوَر رَي گھر ۾ گيو ھانَ اوٿ ڏِن راکيا ھانَ ݾُڻايو ڪہ ڪڏي اُوئون رو پويتر ھوئڻ رو ٽيم پُورو ھوشَي ھانَ ھر ھيڪ رَي ݾارُو ٻَليدون ڪڏي ڪرڻو ھَي۔
پولُوس نَي ايشوَر رَي گھر ۾ جھالڻ
‏27 پَڇي جڏي ٻاڌوڙا ݾات ڏِن پُورا ھوئڻ آݪا ھتا، تو آسيا صُوبَي رَي ڪئين يھُوديون پولُوس نَي ايشوَر رَي گھر ۾ ڏيٺو، تو او اوٿ رَي مِنکون ۾ ھُل ھنگومو ڪرڻ لاگا ھانَ پولُوس نَي جھاليو۔ ‏28 پَڇي او زور ݾون ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اي اِسرائيلي ڀايون، مھورِي مدد ڪرو، اَي اوج مِنک ھَي، جڪو ھر جگھا جائي آپڻِي قوم رَي خلاف، شريعت رَي خلاف ھانَ ايشوَر رَي گھر رَي خلاف ݾيکاوَي ھَي۔ اِيئي ݾون ٽاݪ ھمَي ٻيجَي قومون نَي ڀِي ايشوَر رَي گھر ۾ لائي اِيئي پويتر جگھا نَي پليت ڪِي ھَي۔“ ‏29 مِنکون اَي بات اِيئي رَي ڪري ڪِي ڪہ اُوئون اِيئي ݾون پيل تُرفمُس نون رَي مِنک نَي، جڪو اِفسِس شھر رو ھتو، اُوئي نَي پولُوس ڀيڙو يروشلم شھر ۾ ڏيٺو ھتو۔ او ݾمجھڻ لاگا ڪہ پولُوس اُوئي نَي ايشوَر رَي گھر ۾ لي آيو ھَي۔ ‏30 ݾجَي شھر ۾ تموم گھڻو گوڙ ھويو ھانَ مِنک ناݾي ڀيڙا ھويا۔ اُوئون پولُوس نَي جھاليو ھانَ گيݾلي ايشوَر رَي گھر ݾون ٻاھر ڪاڍي لي آيا ھانَ ڇيڪائِي ڪري در بند ڪري ڇوڙيا۔ ‏31 مِنک پولُوس نَي مارڻ رِي ڪوشش ۾ ھتا، تو رُومي فوج رَي موٽَي آفيسر نَي خبر پڙِي ڪہ ݾجَي يروشلم ۾ گوڙ ھويو ھَي۔ ‏32 او اُوئيج ٽيم آپرَي نِنئي آفيسرون ھانَ فوجيون نَي ڀيڙا ڪري اوٿ آيو، جيٿ گوڙ ھتو۔ جڏي مِنکون اُوئون نَي ڏيٺا، تو پولُوس نَي مارڻ ڪُوٽڻ ڦِٽو ڪيئو۔ ‏33 پَڇي موٽو آفيسر پولُوس ڪڍي گيو ھانَ اُوئي نَي جھالي ٻيئون ݾونڪڙون ۾ ٻونڌڻ رو حُڪم ڏينو۔ پَڇي اُوئي پُوڇو ڪہ، ”اَي ڪُڻ ھَي ھانَ اِيئي ڪِي ڪيئو ھَي؟“ ‏34 مِنکون ۾ ڪو ھيڪ بات ڪيتو پڙيو، تو ٻيجو ڪو ٻيجِي بات۔ جڏي مِنکون رَي گوڙ رَي ڪري فوج رَي آفيسر نَي صحيح بات رِي خبر ڪونھي پڙِي، تو اُوئي فوجيون نَي حُڪم ڏينو ڪہ پولُوس نَي فوج رَي ڪوٽ ۾ لي ھالو۔ ‏35 جڏي او ڪوٽ رِي چاڙھي ڪڍي پُگا، تو مِنکون رِي رش رَي ڪري فوجيون نَي پولُوس کڻڻو پڙيو۔ ‏36 ݾجائِي مِنک اُوئي لاري آيا ھانَ زور ݾون ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اِيئي نَي ماري ڇوڙو، اِيئي نَي ماري ڇوڙو۔“
پولُوس رو آپرَي بچا ۾ ڪئين ڪيوَڻ
‏37 جڏي فوجي پولُوس نَي ڪوٽ ۾ لي جاوڻ آݪا ھتا، تو پولُوس فوج رَي موٽَي آفيسر نَي ڪھيو ڪہ، ”ڪِي ھُون ٿونَي ڪئين ڪئي ݾگھون ھون؟“ تو موٽَي آفيسر پُوڇو ڪہ، ”ڪِي تُو يُوناني ٻولي ݾگھَي ھَي؟ ‏38 ڪِي تُو مِصر مُلڪ رو او مِنک تو ڪونھي، جڪَي اِيئي ݾون پيل رُومي حڪُومت رَي خلاف گوڙ گھاتيو ھانَ چار ھزار مِنک آپ ڀيڙا ڪري رڻ پَٽ ۾ لي گيو ھتو؟“ ‏39 تو پولُوس، يُوناني ٻولِي ۾ ڪھيو ڪہ، ”نا، ھُون تو يھُودي ھون ھانَ ڪِلڪيا صُوبَي رَي مشھُور شھر ترسُس رو ھون۔ ھُون مِنٿ ڪرون ھون ڪہ مھربونِي ڪري مھنَي مِنکون نَي ڪئين ڪيوَڻ ڏي۔“ ‏40 تو فوج رَي موٽَي آفيسر اُوئي نَي موڪل ڏينِي۔ پَڇي پولُوس چاڙھي تي اُڀي ھاٿون رَي اِشارَي ݾون مِنکون نَي ماٺ ھوئڻ رو ڪھيو۔ جڏي مِنک ماٺ ھويا، تو پولُوس عبراني ٻولِي ۾ ٻولڻ لاگو۔