پولُوس رو ڀڙي مَڪدُونيا ھانَ اَخيا صُوبَي ۾ جاوڻ
20
جڏي اِفسِس شھر ۾ گوڙ ختم ھويو، تو پولُوس چيلون نَي ھيلو ڪرائي اُوئون نَي ھِمت ڏينِي ھانَ اُوئون ݾون موڪلائي مَڪدُونيا صُوبَي ڏيݾا بَئير ھويو۔ ‏2 جاوتي بِݪا او جڪَي ڀِي علائقَي ۾ گيو، تو اوٿ رَي مِنکون نَي تموم گھڻِي ھِمت ڏيتو يُونان صُوبَي ۾ پُگو۔ ‏3 اوٿ او تين مھيڻا رھيو۔ پَڇي او ٻيڙَي ۾ چڙھي سُوريا صُوبَي ڏيݾا جاوڻ آݪو ھتو، تو اُوئي ݾُڻيو ڪہ ڪئين يھُوديون اُوئي رَي خلاف بگاوت ڪِي ھَي۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي آپرو اِرادو بدلائي مَڪدُونيا صُوبَي رَي مارگ ݾون پاڇو جاوڻ رو فيصلو ڪيئو۔ ‏4 تموم گھڻا مِنک پولُوس ڀيڙا بُوئا يعني پُرُس رو ڏيڪرو سوپَترُس جڪو بيريا شھر رو ھتو، ٿيسلينڪيُون ݾون ارسترخُس ھانَ سِڪُندُس، گَيُس جڪو دربَي شھر رو ھتو، تيمٿيس ھانَ آسيا صُوبَي ݾون تُخِڪُس ھانَ تُرفمُس۔ ‏5 اِيئون مِنکون آگھي جائي تروآس شھر ۾ مھورو اِنتظار ڪيئو۔ ‏6 جڏي بِنا کَمير آݪو پَرٻ ھويو، تو مھي فِلپي شھر ݾون ٻيڙَي تي چڙھي بَئير ھويا ھانَ پونچون ڏِنون ݾون پَڇي تروآس شھر ۾ اُوئون ݾون مِليا ھانَ مھي ھيڪ ھفتو اوٿج رھيا۔
پولُوس رو تروآس شھر ۾ نوجوان نَي جيتو ڪرڻ
‏7 ھفتَي رَي پيلڪَي ڏِن آچر رو مھي پرڀُو يسُوع رِي يادگيرِي آݪِي ٻاٽِي کاوڻ رَي ݾارُو ڀيڙا ھويا۔ ڪيونڪہ ٻيجَي ڏِن پولُوس نَي جاوڻو ھتو، اِيئي رَي ڪري او آڌِي رات توڻي مِنکون ݾون باتون ڪرتو رھيو۔ ‏8 مھي ݾجائِي ماٿلَي ڪمرَي ۾ ڀيڙا ھتا، جيٿ تموم گھڻا ڏِيئا ٻَݪتا پڙيا۔ ‏9 اوٿ يُوتخُس نون رو ھيڪ نوجوان درِي ۾ ٻيٺو ھتو۔ ڪيونڪہ پولُوس گھڻِي دير ݾيکاوتو رھيو، اِيئي رَي ڪري يُوتخُس اُونگاجڻ لاگو ھانَ نيٺ اُوئي نَي اُونگ آئِي ھانَ او تيجِي ماڙ ݾون ھيٺو کِريو۔ جڏي مِنکون اُوئي نَي ڏيٺو، تو او مُوئوڙو ھتو۔ ‏10 پڻ پولُوس ھيٺا گيو ھانَ نِمي اُوئي نَي ٻاٿ گھاتِي ھانَ ڪھيو ڪہ، ”پريشون نِي ھوئو، اَي اَڃون جيتو ھَي۔“ ‏11 پَڇي پولُوس ماٿَي گيو ھانَ پرڀُو يسُوع رِي يادگيرِي آݪِي ٻاٽِي کاڌِي۔ او ݾاڪݪي توڻي اُوئون ݾون باتون ڪرتو رھيو۔ پَڇي اوٿ ݾون بَئير ھويو۔ ‏12 پَڇي مِنک اُوئي ڇوڪرَي نَي ݾاجو ݾُورو گھري لي گيا۔ اِيئي نمُونَي اُوئون نَي تموم گھڻِي ھِمت ملِي۔
اِفسِس شھر رَي اَگووڻون آگھي پولُوس رِي آخري تقرير
‏13 پَڇي مھي ٻيڙَي ۾ چڙھي اسُس شھر ڏيݾا بَئير ھويا ڪہ اوٿ پُگي پولُوس نَي آپ ڀيڙو لَي، ڪيونڪہ اُوئي رِي مرضِي ھتِي ڪہ او پنڌ اسُس شھر ڏيݾا جاوَي۔ ‏14 پَڇي جڏي پولُوس مھونَي اسُس شھر ۾ ڀيڙو ھويو، تو او ڀِي مھون ڀيڙو ٻيڙَي ۾ آيو ھانَ پَڇي مھي متُلينَي شھر ڏيݾا گيا۔ ‏15 پَڇي اوٿ ݾون ٻيڙَي ۾ بَئير ھوئي ٻيجَي ڏِن خِيُس نون رَي ٻيٽ تي پُگا۔ پَڇي تيجَي ڏِن اوٿ ݾون سامُس ٻيٽ توڻي پُگا ھانَ چوٿَي ڏِن ميليتُس شھر ۾ پُگا۔ ‏16 پولُوس اَي فيصلو ڪيئو ھتو ڪہ اِفسِس شھر ۾ نِي اُڀَي، ڪيٿ اِيئون نِي ھووَي ڪہ آسيا صُوبَي ۾ گھڻِي دير نِي ھوئي جاوَي۔ او اِيئي رَي ڪري ڇيڪائِي ڪرتو پڙيو ڪہ جي ھوئي ݾگھَي، تو پينتيڪوست رو پَرٻ يروشلم شھر ۾ ڪرَي۔
‏17 پولُوس ميليتُس شھر ݾون اِفسِس شھر ۾ نياپو ڏي وِشواسي مَنڊلِي رَي اَگووڻون نَي آپ ڪڍي اَڻايا۔ ‏18 جڏي او مِنک اوٿ پُگا، تو اُوئي اُوئون نَي ڪھيو ڪہ، ”ٿونَي خبر ھَي ڪہ جڪَي ڏِن ݾون ھُون آسيا صُوبَي ۾ آيو ھون، اُوئي ڏِن ݾون لي آج توڻي ھُون ٿون ڀيڙو ڪيڪر رھيو ھون۔ ‏19 ھُون تموم گھڻِي نِوڙت ݾون پرڀُو يسُوع رِي شيوا ڪرتو رھيو، اترِي توڻي ڪہ يھُوديون مھَي ݾون جُٺون ڪيئَي ھانَ مھَي تموم گھڻا ڏُک ڏيٺا ھانَ رُونو۔ ‏20 جڏي ھُون ݾجون رَي ݾومھو ھانَ گھر گھر جائي پرچار ڪرتو ھانَ ݾيکاوتو، تو مھَي ٿونرَي فائدَي رَي باتون ٿون ݾون ڪڏي ڀِي ڪونھي لِڪائَي۔ ‏21 پڻ ھُون يھُوديون ھانَ يُونانيون نَي ݾمجھاوتو رھيو ڪہ او توبھون ڪرَي ھانَ ايشوَر رَي باتون تي بَي ھانَ آپڻَي پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکَي۔ ‏22 آج ڀِي ھُون پويتر آتما رَي حُڪم ݾون يروشلم ڏيݾا جائُون پڙيو، پڻ خبر ڪونھي ڪہ اوٿ مھَي ݾون ڪِي ھوشَي۔ ‏23 ھاوي، اَي تو مھنَي خبر ھَي ڪہ پويتر آتما ھر شھر ۾ مھنَي ھوشيار ڪرَي ھَي ڪہ مِنک مھنَي قيد ڪرشَي ھانَ ڏُک ڏيشَي۔ ‏24 تو ڀِي مھنَي آپرِي جان رو ٻِي ڪونھي، پڻ رُگو اِيئي بات رِي گڻتِي ھَي ڪہ ھُون آپرو ٽيم ھانَ شيوا رو ڪوم جڪو پرڀُو يسُوع مھنَي ڏينو ھَي، اُوئي نَي پُورو ڪرون، يعني ايشوَر رِي ڪِرپا رَي بارَي ۾ خُوشِي رِي خبر ݾُڻائُون۔ ‏25 ھمَي مھنَي خبر ھَي ڪہ ٿون ݾجون نَي مھَي ايشوَر رِي بادشاھي رَي باتون ݾُڻائَي رَي، پَڇي ٿي مھنَي ڪڏي ڀِي ڪونھي ڏيکو۔ ‏26 اِيئي رَي ڪري آج ھُون ٿون ݾجون رَي رُوبرو اَي ڪونھ ھون ڪہ جي ٿون ۾ ڪو نِي منَي ھانَ ايشوَر اُوئي نَي سزا ڏَي، تو اُوئي ۾ مھارو ڪو ڀِي ذمو ڪونھي۔ ‏27 ڪيونڪہ مھَي ايشوَر رِي ݾجِي مرضِي ٿونَي ݾُڻائِي رِي۔ ‏28 ايشوَر آپرَي ڏيڪرَي رَي لوئِي بيوَڻ ݾون آپڻَي ݾارُو آپرِي مَنڊلِي ٺائِي ھَي۔ پويتر آتما ٿونَي ݾنڀال ڪرڻ آݪا راکيا ھَي۔ اِيئي رَي ڪري ٿي آپرِي ھانَ ايشوَر رِي وِشواسي مَنڊلِي رِي اِيئون ݾنڀال ڪريا، جھڙَي نمُونَي ڌراڙ آپرَي ڌڻ رِي ݾنڀال ڪرَي ھَي۔ ‏29 مھنَي خبر ھَي ڪہ مھارَي جاوڻ ݾون پَڇي ٿون ڪڍي اھڙا مِنک آشَي، جڪو بگڙون آݪِي ڪار ھوشَي۔ او ڌڻ تي ڪڏي ڀِي دايا ڪونھي ڪرَي۔ ‏30 پڻ ٿونرِي آپرِي مَنڊلِي ۾ اھڙا مِنک ھوشَي، جڪو ݾاچَي باتون نَي غلط مطلب ڏي چيلون نَي آپ ڏيݾا ڦيراشَي۔ ‏31 اِيئي رَي ڪري اھڙَي مِنکون ݾون ھوشيار رھيا ھانَ ياد راکيا ڪہ ھُون تينون ݾالون توڻي ڏِن رات ڏُک ڏيکي، ھر ھيڪ نَي ݾمجھاوتو رھيو۔ ‏32 ھمَي ھُون ٿونَي ايشوَر ھانَ اُوئي رِي ڪِرپا رَي حوالي ڪرون ھون، جڪو ٿونرو وِشواس پڪو ڪرڻ ھانَ آپرَي چُونڊيوڙَي مِنکون ڀيڙو بارݾ ڪرڻ رِي قُدرت راکَي ھَي۔ ‏33 مھَي ڪَي ݾون ڀِي ݾونَي چوندِي جون گاڀون رو لالچ ڪونھي ڪيئو۔ ‏34 ٿونَي آپنَي خبر ھَي ڪہ مھَي آپرَي ھاٿون ݾون ڪمائي آپرَي ھانَ آپرَي ساٿيون رَي ضرُورتون پُورَي ڪيئَي۔ ‏35 جھڙَي نمُونَي مھَي ٿونَي ڪري بتايو، اُوئيج نمُونَي ٿي ڀِي محنت ڪري مُحتاجون رِي مدد ڪريا۔ پرڀُو يسُوع رِي او بات نِي پونتريا، جڪو اُوئي آپ ڪِي ھتِي ڪہ، ’ڏيوَڻ آݪو ليوَڻ آݪَي ݾون وڌيڪ برڪت آݪو ھَي۔‘“ ‏36 اَي باتون ڪئي پولُوس آپرا گوڏا کوڙيا ھانَ اُوئون ݾجون ڀيڙِي پراٿنا ڪِي۔ ‏37 او ݾجائِي تموم گھڻا رُونا ھانَ پولُوس نَي ٻاٿون گھاتي اُوئي نَي ميٺکَي ڏينَي۔ ‏38 ڪيونڪہ اَي بات ݾُڻي اُوئون نَي تموم گھڻو ڏُک ھويو ڪہ پولُوس ڪھيو ھتو ڪہ، ”ٿي مھنَي ڀڙي ڪونھي ڏيکو۔“ پَڇي او اُوئي نَي ٻيڙَي توڻي ڇوڙڻ گيا۔