پولُوس رو اِفسِس شھر ۾ جاوڻ
19
جڏي اپلُوس ڪِرنٿس شھر ۾ ھتو، تو پولُوس ماٿلَي مارگ ݾون ھوئي اِفسِس شھر ۾ پُگو۔ اوٿ اُوئي نَي ڪئينڪہ چيلا ڀيڙا ھويا۔ 2 اُوئي اُوئون ݾون پُوڇو ڪہ، ”ڪِي ٿونَي وِشواس راکڻ رَي ٽيم پويتر آتما مِليو ھتو؟“ اُوئون بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”مھون تو ڪڏي ڀِي پويتر آتما رو نون ڀِي ڪونھي ݾُڻيو۔“ 3 تو پولُوس پُوڇو ڪہ، ”تو پَڇي ٿون ڪيرو پويتر سِنون ليئو ھتو؟“ اُوئون ڪھيو ڪہ، ”يُوحنا رو پويتر سِنون۔“ 4 پَڇي پولُوس ڪھيو ڪہ، ”يُوحنا تو توبھون رو پويتر سِنون ڏيتو ھانَ مِنکون نَي ݾُڻاوتو ڪہ مھَي ݾون پَڇي آوڻ آݪَي پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکيا۔“ 5 اُوئون اَي ݾُڻي پرڀُو يسُوع رَي نون رو پويتر سِنون ليئو۔ 6 پولُوس اُوئون تي ھاٿ راکيو، تو پويتر آتما اُوئون تي اُتريو ھانَ او ڌار ڌار ٻولَي ٻولڻ لاگا ھانَ ايشوَر رو پرچار ڪرڻ لاگا۔ 7 او ݾجائِي ٻارھَي آڏمي ھتا۔8 پَڇي پولُوس اوٿ يھُوديون رَي ڀگتي گھر ۾ جاوڻ لاگو ھانَ تينون مھيڻون توڻي موٽِي دليرِي ݾون مِنکون ݾون بَحث ڪرتو رھيو ھانَ اُوئون نَي ايشوَر رِي بادشاھي رَي بارَي ۾ آپرَي باتون مناوڻ رِي ڪوشش ڪرتو رھيو۔ 9 پڻ ڪئينڪہ ضدي مِنکون ڪونھي منيو، پڻ او مِنکون رَي ݾومھو پرڀُو يسُوع رَي بتايوڙَي ݾاچَي مارگ رِي گِلا ڪرڻ لاگا۔ اِيئي رَي ڪري پولُوس اُوئون مِنکون نَي ڦِٽا ڪيئا۔ پَڇي اُوئي چيلون نَي اُوئون مِنکون ݾون ڌار ڪيئا ھانَ اُوئون نَي آپ ڀيڙا تُرنس نون رَي ھيڪَي مِنک رِي اِسڪُول رَي ھيڪَي موٽَي ڪمرَي ۾ ھروز ݾيکاوڻ لاگو۔ 10 پولُوس ٻيئون ݾالون توڻي، اِيئوج ݾيکاوتو رھيو۔ اِيئي نمُونَي آسيا صُوبَي رَي ݾجَي مِنکون يعني يھُوديون ھانَ ٻيجَي قومون نَي ڀِي پرڀُو يسُوع رَي بارَي ۾ خبر پڙِي۔
سِڪوا را ڏيڪرا ھانَ ڀُوت
11 ايشوَر، پولُوس رَي ھاٿون موٽا موٽا پرچا بتاوتو۔ 12 اترِي توڻي ڪہ مِنک پولُوس را اِستعمال ڪيئوڙا رُمال ھانَ گاڀا لي بيمارون ماٿَي ڍاڙتا، تو بيمار ݾاجا ھوئي جاوتا ھانَ ڀُوت اُوئون ݾون نڪري جاوتا۔ 13 يھُوديون ۾ ڪئين اھڙا مِنک ڀِي ھتا، جڪو ھر جگھا ڦِرتا ھانَ او ڀوپا ھتا۔ او ڀِي پرڀُو يسُوع رو نون لي ڀُوت ڪاڍڻ رِي ڪوشش ڪرڻ لاگا۔ او ڀُوتون نَي ڪيتا ڪہ، ”ھُون اُوئي يسُوع رَي نون ݾون جڪَي رو پرچار پولُوس ڪرَي ھَي، ٿونَي نڪرڻ رو حُڪم ڏيئون ھون۔“ 14 يھُوديون ۾ ھيڪ ايشوَر رَي پُوجاريون رو ݾردار ھتو، جڪَي رو نون سِڪوا ھتو۔ اُوئي را ݾات ڏيڪرا ڀِي اِيئوج ڪئي ڀُوت ڪاڍڻ رِي ڪوشش ڪرتا۔ 15 ھيڪ ڏِن ھيڪَي ڀُوت اُوئون نَي بݪتِي ڏينِي ڪہ، ”يسُوع ھانَ پولُوس نَي تو ھُون اوݪکون ھون، پڻ ٿي ڪُڻ ھو؟“ 16 پَڇي جڪَي آڏمي ۾ ڀُوت ھتا، اُوئي اُوئون تي حملو ڪيئو ھانَ اُوئون نَي ھيٺا نوکي، اِترا تو گھايل ڪيئا ڪہ او ڦَٽيجي گيا ھانَ اُوئون را گاڀا لِيرون لِيرون ھوئي گيا ھانَ اُوئي گھر ݾون ناݾي گيا۔ 17 جڏي اِفسِس شھر رَي ݾجَي يھُوديون ھانَ ٻيجَي قومون نَي اِيئي بات رِي خبر پڙِي، تو او ٻيئاجڻ لاگا ھانَ پرڀُو يسُوع رَي نون رِي تموم گھڻِي عِزت ھوئِي۔ 18 پَڇي پرڀُو يسُوع تي وِشواس راکڻ آݪا تموم گھڻا مِنک آئي ݾجون رَي ݾومھا ݾُڻاوتا ڪہ اُوئون ڪِترا نِي بُڇڙا ڪوم ڪيئا ھتا۔ 19 تموم گھڻَي جادُوگرون آپرا ڪِتاب ڀيڙا ڪري ݾجون مِنکون رَي رُوبرو ٻاݪيا ھانَ جڏي اُوئون ڪِتابون رو حِساب ڪيئو، تو اُوئون رو مول چوندِي رَي پنجاھ ھزار ݾِڪون رَي برابر ھتو۔ 20 اِيئي نمُونَي پرڀُو يسُوع رَي باتون اَڃون ڀِي وڌيڪ بڌتَي ھانَ مشھُور ھوتَي گئَي۔
اِفسِس شھر ۾ جھيڙا جھگڙا
21 اِيئون باتون ݾون پَڇي پولُوس مَڪدُونيا ھانَ اَخيا صُوبَي ݾون ھوئي يروشلم شھر ڏيݾا جاوڻ رو فيصلو ڪيئو۔ اُوئي اَي ڀِي ڪھيو ڪہ، ”اُوئي ݾون پَڇي ھُون رُوم شھر ڏيݾا ضرُور جائين۔“ 22 اِيئي رَي ڪري اُوئي آپرَي ساٿيون ۾ ٻي جِڻا يعني تيمٿيس ھانَ اراستُس نَي مَڪدُونيا صُوبَي ڏيݾا ميليا، پڻ آپ ڪئينڪہ ڏِنون رَي ݾارُو آسيا صُوبَي ۾ رھيو۔ 23 اِيئون ڏِنون ۾ اِفسِس شھر ۾ پرڀُو يسُوع رَي بتايوڙَي ݾاچَي مارگ رَي بارَي ۾ تموم گھڻو گوڙ ھويو، 24 ڪيونڪہ اوٿ ديميتريُس نون رو ھيڪ ݾونارو ھتو، جڪو اِرتمس ڏيوِي رَي مندر جھڙا چوندِي را نِنيا نِنيا مندر ٺاوتو۔ اُوئي ڪڍي ڪوم ڪرڻ آݪا ڪاريگر اِيئي ڪوم ݾون تموم گھڻو ڪماوتا۔ 25 ديميتريُس آپرَي ڪاريگرون نَي ھانَ اِيئي ڪوم ڪرڻ آݪَي ٻيجَي ڪاريگرون نَي ڀيڙا ڪري ڪھيو ڪہ، ”ڀايون، ٿونَي تو خبر ھَي ڪہ آپڻَي اِيئي ڪوم رِي تموم گھڻِي ڪمائِي ھَي۔ 26 ٿي آپ ڏيکو ھانَ ݾُڻو پڙيا ڪہ نِي رُگو اِفسِس شھر ۾، پڻ گھڻو ڪري ݾجَي آسيا صُوبَي ۾ اِيئي مِنک پولُوس مِنکون نَي برگلايا ھَي ھانَ اُوئون نَي اَي ݾيکاوَي ھَي ڪہ ھاٿ رَي ٺاھيوڙَي مُورتَي ايشوَر ڪونھي ھَي۔ 27 ھمَي نِي رُگو اَي خطرو ھَي ڪہ آپڻَي ڪوم رِي ڪو ڀِي عِزت ڪونھي ھووَي، پڻ آپڻِي موٽِي ڏيوِي اِرتمس جڪَي نَي آسيا صُوبَي را ݾجائِي مِنک پڻ ݾجِي دُنيا را مِنک پُوجَي ھَي، اِيئي رِي عِزت ختم ھوئي جاشَي ھانَ مِنک اِرتمس ڏيوِي رَي مندر نَي ڪئين ڪونھي ݾمجَھي۔“ 28 اَي بات ݾُڻي اُوئون مِنکون نَي تموم گھڻِي ريݾ آئِي ھانَ زور ݾون ڪيوَڻ لاگا ڪہ، ”اِرتمس ڏيوِي رِي جَئي ھو، اِفسِس رِي اِرتمس ڏيوِي رِي جَئي ھو۔“ 29 اِيئي نمُونَي ݾجَي شھر ۾ گوڙ ھويو۔ مِنکون پولُوس ڀيڙا بيوَڻ آݪَي ٻيئون ساٿيون، گَيُس ھانَ ارسترخُس نَي جھاليا، جڪو مَڪدُونيا صُوبَي را ھتا، اُوئون نَي جھالي اُوئي ميدون ۾ لي گيا، جيٿ ھر ٽيم تقريرون ھانَ کيل تماشا ھوتا۔ 30 پولُوس رِي مرضِي ھتِي ڪہ او اُوئون مِنکون ڪڍي جاوَي، پڻ چيلون اُوئي نَي پاليو۔ 31 آسيا صُوبَي رَي حاڪمون ۾ ڪئين پولُوس را دوست ھتا۔ اُوئون ڀِي پولُوس نَي اَي نياپو ڏي ڪھيو ڪہ، ”مھربونِي ڪري اُوئي ميدون ڏيݾا نِي جائي۔“
32 اُوئي ٽيم ميدون ۾ تموم گھڻو گوڙ ھتو، ڪئينڪہ مِنک ھيڪ بات ڪرتا پڙيا، تو ڪئين مِنک ٻيجِي بات ڪيتا پڙيا، ڪيونڪہ تموم گھڻَي مِنکون نَي اَي ڀِي خبر ڪونھي ھتِي ڪہ او ڪيئون ڀيڙا ھويا ھَي۔ 33 تو يھُوديون سڪندر نون رَي مِنک نَي ݾجَي مِنکون رَي ݾومھو اُڀاڙيو ھانَ مِنکون ݾمجھو ڪہ ݾجو گوڙ اِيئي رَي ڪري ھويو ھَي۔ پڻ سڪندر ھاٿ رو اِشارو ڪري مِنکون نَي ماٺ ڪراوڻ رِي ڪوشش ڪِي ڪہ او آپرَي بچا ۾ ڪئين ڪَي۔ 34 پڻ جڏي مِنکون اوݪکيو ڪہ اَي يھُودي ھَي، تو ݾجائِي ھيڪ ھوئي زور ݾون اندازن ٻي ڪلاڪ ھُل ڪري ڪيتا رھيا ڪہ، ”اِرتمس ڏيوِي رِي جَئي ھو، اِفسِس رِي اِرتمس ڏيوِي رِي جَئي ھو۔“
35 نيٺ شھر رِي پنچائيت رَي مُنڇِي مِنکون نَي ماٺ ڪرائي ڪھيو ڪہ، ”اِفسِس آݪون، ڪيو ھَي، جڪَي نَي خبر ڪونھي ڪہ اِفسِس شھر رِي موٽِي ڏيوِي اِرتمس رَي مندر رو ھانَ اُوئي پويتر پٿر رو رُکاݪو ھَي، جڪو آڪاش ݾون کِريو ھتو۔ 36 ڪيونڪہ ڪو ڀِي اِيئون باتون رو اِنڪار ڪري ڪونھي ݾگھتو، اِيئي رَي ڪري ڀلو اَي ھَي ڪہ ٿي ماٺ ڪرو ھانَ بِنا ݾوچي ݾمجھي ڪئين نِي ڪرو، 37 ڪيونڪہ جڪَي مِنکون نَي ٿي ايٿ لي آيا ھو، نِي تو او مندرون نَي ڦُرڻ آݪا ھَي ھانَ نَڪو تو آپڻِي ڏيوِي رِي گِلا ڪرڻ آݪا ھَي۔ 38 اِيئي رَي ڪري ھمَي ديميتريُس ھانَ اُوئي رَي ڪاريگرون نَي جي ڪَي ݾون ڪو گِلا ھَي، تو ڪورٽ آپرَي ٽيم تي کُلي رَي ھَي ھانَ حاڪم ڀِي اوٿ ھووَي ھَي۔ اوٿ ھيڪَي ٻيجَي نَي ڏوھي ڪري ݾگھو ھو۔ 39 پڻ جي بات اِيئي ݾون گھڻِي ھوئي جاوَي، تو پَڇي اُوئي رو فيصلو پنچائيت ۾ ھوشَي۔ 40 ڪيونڪہ آج اِيئي گوڙ رَي ڪري خطرو ھَي ڪہ جڏي مھون ݾون پُوڇو جاشَي، تو مھي ڪھڙِي بݪتِي ڏيشون۔“ 41 اِترو ڪئي اُوئي مِنکون نَي جاوڻ رو ڪھيو۔