قاضيون رو دور
اِسرائيليون رِي ڪنعانيون ݾون جنگ
1
يشُوع رَي مرڻ ݾون پَڇي، اِسرائيلي قوم پرميشوَر ݾون پُوڇو ڪہ،”ڪنعانيون تي حملو ڪرڻ رَي ݾارُو مھون ۾ پيل ڪُڻ جاوَي؟“ 2 پرميشوَر ڪھيو ڪہ،”پيل يھُودا قبيلو حملو ڪرَي، ڪيونڪہ مھَي واعدو ڪيئوڙو مُلڪ اُوئون رَي ھاٿ ۾ ڏينو ھَي۔“3 پَڇي يھُودا قبيلَي آݪون آپرَي ڀائي شمعُون قبيلَي نَي ڪھيو ڪہ،”ٿي مھون ڀيڙا ھالو، تو آپي ڀيڙا ھوئي ڪنعاني قوم ݾون مھورِي وِراثت رَي ݾارُو جنگ ڪرون ھانَ اِيئي نمُونَي مھي ڀِي ٿونرِي وِراثت رَي ݾارُو ٿون ڀيڙا بيشون۔“ پَڇي شمعُون قبيلَي آݪا اُوئون ڀيڙا گيا۔ 4 جڏي يھُودا قبيلَي اُوئون تي حملو ڪيئو، تو پرميشوَر ڪنعانيون ھانَ فرزيون نَي اُوئون رَي ھاٿ ۾ ڏينا ھانَ اُوئون بزق شھر ۾ ڏَݾ ھزار مِنک ماري ڇوڙيا۔ 5 پَڇي اُوئون بزق شھر رَي بادشاھ ادُونِي بزق نَي ڏيٺو، تو اُوئي تي حملو ڪيئو ھانَ ڪنعانيون ھانَ فرزيون نَي ماري ڇوڙيا۔ 6 بادشاھ اُوئون نَي ڏيکي اوٿ ݾون ناٺو، پڻ اِسرائيليون لارو ڪري اُوئي نَي جھاليو ھانَ اُوئي را ھاٿون پگون را انگُوٺا باڍي ڇوڙيا۔ 7 پَڇي ادُونِي بزق بادشاھ ڪيوَڻ لاگو ڪہ،”جھڙَي نمُونَي مھَي ستر بادشاھون را ھاٿون پگون را انگُوٺا بڍايا ھتا ھانَ او مھارَي ٽيبل ھيٺا کِريوڙا ٽُڪڙا کاوتا، اُوئيج نمُونَي ايشوَر مھَي ݾون بدلو ليئو ھَي۔“ پَڇي اِسرائيلي اُوئي نَي يروشلم شھر ۾ لي گيا ھانَ او اوٿج مري گيو۔
يھُودا قبيلَي رو يروشلم ھانَ حبرُون شھر تي قبضو
8 يھُودا قبيلَي يروشلم شھر تي حملو ڪري اُوئي تي قبضو ڪيئو ھانَ شھر آݪون نَي تلوار ݾون ماريا ھانَ پَڇي ݾجَي شھر نَي باݾڏي ڏي ٻاݪي ڇوڙيو۔ 9 پَڇي يھُودا قبيلَي آݪا اُوئون ڪنعانيون تي حملو ڪرڻ گيا، جڪو ماٿلَي جابلُو علائقون ھانَ ھيٺلَي جابلُو علائقون رَي ڏکڻ ۾ ريتا۔ 10 پَڇي اُوئون حبرُون شھر ۾ ريوَڻ آݪون ڪنعانيون تي حملو ڪيئو۔ حبرُون رو پِروڻو نون قريت اربع ھتو۔ اوٿ اُوئون سيسي، اخيمان ھانَ تلمي قبيلون نَي قتل ڪيئا۔
غتني ايل رو دبير شھر تي قبضو
11 پَڇي يھُودا قبيلَي آݪا دبير شھر آݪون تي حملو ڪرڻ گيا۔ دبير شھر رو پِروڻو نون قريت سِفر ھتو۔ 12 پَڇي ڪالب ڪھيو ڪہ،”جڪو ڀِي قريت سِفر شھر تي حملو ڪري اُوئي تي قبضو ڪرشَي، تو ھُون آپرِي ڏيڪرِي عڪسا رو بيئان اُوئي ݾون ڪرائين۔“ 13 اِيئي تي ڪالب رَي نِنئي ڀائي قنز رَي ڏيڪرَي غتني ايل، اُوئي شھر تي قبضو ڪيئو، تو ڪالب آپرِي ڏيڪرِي عڪسا رو بيئان اُوئي ݾون ڪرايو۔
14 پَڇي ݾاݾري جاوتي بِݪا عڪسا آپرَي ڌڻِي غتني ايل نَي ݾيکائي ڪھيو ڪہ،”تُو مھارَي اَبا ݾون ٻنِي مونگ۔“ پڻ جڏي او آپرَي گڏَي ݾون اُترِي، تو ڪالب اُوئي ݾون پُوڇو ڪہ،”ڪِي بات ھَي؟“ 15 عڪسا ڪھيو ڪہ،”مھنَي برڪت رِي آشيش ڏي، ڪيونڪہ ٿَي مھنَي ڏکڻ آݪِي غير آباد ٻنِي ڏينِي ھَي۔ ھمَي مھنَي پوڻي رَي ندَي ڀِي ڏي۔“ پَڇي ڪالب اُوئي نَي جابلُو ھانَ ميدونِي علائقون رَي ندَي ڀِي ڏينَي۔
16 مُوسيٰ رَي ݾاݾرون ݾون قيني را اولاد کجُورون آݪَي شھر يريحُو ۾ يھُودا قبيلَي ڀيڙا يھُودا رَي رڻ پَٽ ۾ گيا، جڪو عراد شھر رَي ڏکڻ ۾ ھَي۔ اوٿ او عماليقيون ڀيڙا ريوَڻ لاگا۔ 17 پَڇي يھُودا قبيلَي آݪا آپرَي ڀائي شمعُون قبيلَي ڀيڙا ڪنعانيون تي حملو ڪري اُوئون نَي ماريا ھانَ اُوئي شھر نَي ݾَڦا برباد ڪري ڇوڙيو۔ اِيئي رَي ڪري اُوئي شھر نَي حُرما ڪَي ھَي۔ 18 يھُودا قبيلَي غزا، اسقلون ھانَ عقرُون رَي شھرون ھانَ آݾَي پاݾَي رَي ݾجَي علائقون تي قبضو ڪيئو۔ 19 پرميشوَر يھُودا قبيلَي ڀيڙو ھتو، اِيئي رَي ڪري اُوئون ݾجَي جابلُو علائقون تي قبضو ڪيئو، پڻ وادِي ۾ ريوَڻ آݪون نَي تگڙي ڪونھي ݾگھيا، ڪيونڪہ اُوئون ڪڍي لوھ را گھوڙا گاڏا ھتا۔ 20 مُوسيٰ رَي واعدَي تي ڪالب نَي حبرُون شھر ڏينو ھانَ اُوئي اوٿ ݾون عناق رَي تينون ڏيڪرون نَي تگڙي ڇوڙيا۔ 21 پڻ بنيامين قبيلَي اُوئون يبُوسيون نَي تگڙيا ڪونھي، جڪو يروشلم شھر ۾ ريتا، اِيئي رَي ڪري يبُوسي آج توڻي بنيامين قبيلَي ڀيڙا يروشلم شھر ۾ رَي ھَي۔
يُوسف رَي قبيلون رو بيت ايل شھر تي قبضو
22 پَڇي يُوسف رَي قبيلون بيت ايل شھر تي حملو ڪيئو ھانَ پرميشوَر اُوئون ڀيڙو ھتو۔ 23 يُوسف رَي قبيلون بيت ايل شھر رِي جاچُوسي ڪرڻ رَي ݾارُو ڪئينڪہ مِنک ميليا۔ بيت ايل شھر رو پِروڻو نون لُوز ھتو۔ 24 اُوئون جاچُوسون ھيڪَي مِنک نَي شھر ݾون ٻاھر جاوتو ڏيٺو، تو اُوئي نَي ڪھيو ڪہ،”جي تُو مھربونِي ڪري مھونَي شھر ۾ جاوڻ رو مارگ بتاوَي، تو مھي ٿَي تي مھربون ھوشون۔“ 25 تو اُوئي اُوئون جاچُوسون نَي شھر ۾ جاوڻ رو مارگ بتايو۔ پَڇي اُوئون اُوئي شھر رَي مِنکون نَي تلوار ݾون ماريا، پڻ اُوئي مِنک ھانَ اُوئي رَي ݾجَي گھر نَي ڦِٽو ڪيئو۔ 26 اُوئي ݾون پَڇي او مِنک اوٿ ݾون حِتيون رَي مُلڪ ۾ گيو ھانَ اوٿ اُوئي ھيڪ شھر ٺاھيو، جڪَي رو نون لُوز راکيو۔ آج توڻي اُوئي شھر رو نون لُوز ھَي۔
او قومون جڪون نَي اِسرائيليون ڪونھي تگڙيا
27 مُنسي قبيلا را مِنک بيت شان، تعناڪ، دور، ابليعام ھانَ مجدو رَي شھرون ھانَ اِيئون رَي آݾَي پاݾَي رَي گون ۾ ريوَڻ آݪون ڪنعانيون نَي تگڙي ڪونھي ݾگھيا، پڻ او اُوئيج مُلڪ ۾ اُوئون ڀيڙا رھيا۔ 28 پَڇي جڏي اِسرائيلي طاقت آݪا ھويا، تو او ڪنعانيون ݾون ونگار ۾ ڪوم ڪراوڻ لاگا، پڻ اُوئون ݾجون نَي مُلڪ ݾون ڪونھي ڪاڍيا۔
29 اِفرائيم قبيلَي جزر شھر ۾ ريوَڻ آݪون ڪنعانيون نَي تگڙيا ڪونھي، پڻ او اُوئون ڀيڙا اُوئيج شھر ۾ ريوَڻ لاگا۔
30 زبولُون قبيلَي قطرون ھانَ نحلال شھرون ۾ ريوَڻ آݪَي ڪنعانيون نَي تگڙيا ڪونھي ھانَ او اُوئون ڀيڙا ريوَڻ لاگا ھانَ اُوئون ݾون ونگار ۾ ڪوم ڪراوڻ لاگا۔
31 آشر قبيلَي عڪو، صيدا، احلاب، اڪزيب، حلبا، افيق ھانَ رحوب شھرون ۾ ريوَڻ آݪون نَي تگڙيا ڪونھي۔
32 آشر قبيلَي اوٿ ريوَڻ آݪَي ڪنعانيون نَي تگڙيا ڪونھي ھانَ او اُوئون ڀيڙا ريوَڻ لاگا۔
33 نفتالي قبيلَي بيت شمس ھانَ بيت عنات ۾ ريوَڻ آݪون نَي تگڙيا ڪونھي ھانَ ڪنعانيون ڀيڙا ريوَڻ لاگا۔ پڻ بيت شمس ھانَ بيت عنات آݪا ونگار ۾ ڪوم ڪرڻ لاگا۔
34 اموريون دان قبيلَي نَي جابلُو علائقون ڏيݾا ناݾڻ تي مجبُور ڪيئا ھانَ اُوئون نَي ھيٺا وادِي ۾ آوڻ ڪونھي ڏينا۔ 35 اموري مِنک حرس جبل، ايالُون ھانَ سعلبيم رَي علائقون ۾ رھيا، پڻ جڏي يُوسف را قبيلا طاقت آݪا ھويا، تو او اموريون ݾون ونگار ۾ ڪوم ليوَڻ لاگا۔ 36 اموريون رِي حد عقربيم رِي چڙھائِي ݾون لي سيلا شھر ݾون ڀِي آگھي توڻي ھتِي۔