رُوت
تعارف
اَي شاستر لِکڻ آݪَي رَي بارَي ۾ تموم گھڻِي خبر ڪونھي ملتِي، پڻ ڪئين ڄاڻُو مِنکون رو خيال ھَي ڪہ اَي شاستر لِکڻ آݪو سيموئيل نبِي ھَي۔ اَي شاستر دائُود بادشاھ رَي زمونَي ۾ جون اُوئي ݾون پَڇي لِکيوڙو ھَي۔ جڪَي رو ثبُوت مھونَي اِيئي شاستر رَي آخر ۾ ملَي ھَي، جيٿ دائُود بادشاھ رو ذِڪر ھَي۔
اَي شاستر اندازن چار ݾئو ݾال ݾون ڇَي ݾئو ݾال رَي بِچ ۾ مَسيح يسُوع ݾون پيل لِکيوڙو ھَي۔ اِيئي شاستر ۾ ھيڪِي لُگائِي رِي بات ھَي، جڪَي رو نون ”رُوت“ ھتو۔ پويتر شاستر ۾ لُگايون رَي نون تي رُگو ٻي شاستر ھَي۔ ھيڪ رُوت رو شاستر ھانَ ٻيجو آستر رو شاستر۔
رُوت رِي بات اِيئون ھَي، جڏي اُوئي زمونَي ۾ ݾردار اَگووڻِي ڪرتا۔ اُوئي زمونَي ۾ ڪو ڀِي مِنک قانُون تي ڪونھي بيتو۔ رُوت ھيڪ موآبي لُگائِي ھتِي، جڪَي رو بيئان اِسرائيلي مِنک ݾون ھويو ھتو۔ رُوت آپرَي ڌڻِي رَي مرڻ ݾون پَڇي، آپرا ݾجائِي عزيز ڇوڙي آپرِي ݾاݾُو ڀيڙِي اِسرائيل مُلڪ ۾ گئِي۔ پَڇي رُوت رو بيئان بُوعز ݾون ھويو، جڪو اِسرائيلي قوم رَي ݾجون ݾون موٽَي بادشاھ دائُود رو پَڙ ڏاڏو ھتو۔
اِيئي شاستر ۾ رُوت رِي آپرِي ݾاݾُو ݾون وفادارِي ھانَ پريم رو ذِڪر ھَي۔ رُوت نِي رُگو آپرَي ݾاݾرون ݾون، پڻ ايشوَر ݾون ڀِي وفادار ھتِي۔
خاص مضمُون
رُوت رو آپرِي ݾاݾُو ڀيڙِي بيت لحم ۾ آوڻ 1:1-22
رُوت رِي بُوعز ݾون مُلاقات 2:1-3:18
رُوت ݾون بُوعز رو بيئان4:1-22